اسلام آباد(بيورو)ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ۾ پيٽروليم ليوي کي ڀتو ۽ غنڊا ٽيڪس قرار ڏيندي چيو ته بجيٽ عوام جي اميدن مطابق نه آهي. معرڪه حق” ۾ ڪاميابي کان پوءِ هاڻي "معرڪه معيشت” وڙهڻ جي ضرورت آهي. عالمي طاقتن جو اعتماد حاصل ڪرڻ کان پوءِ هاڻي عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد حاصل ڪرڻ ضروري آهي.،هن چيو ته ڪراچي سون ڏيندڙ ڪڪڙ آهي جنهن کي مسلسل ذبح ڪيو پيو وڃي،سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ شهر جا روڊ ٽٽل آهن،گٽر وهي رهيا آهن ۽ 18 سالن کان ڪرپٽ حڪمراني آهي،هن چيو ته نئون اين ايف سي ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورڇ رڳو وفاق ۽ صوبن تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر ضلعن ۽ شهرن کي به سڌو حصو ملڻ گهرجي. پاڪستان جي 144 ضلعن ۽ شهرن کي مالي ۽ انتظامي طور مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. آرٽيڪل 140-اي تحت مضبوط ۽ بااختيار بلدياتي نظام قائم ڪيو وڃي صوبائي فنانس ڪميشن کي فعال ڪيو وڃي،هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو نه روڪيو ويو ته قومي الميو جنم وٺي سگهي ٿو، جيڪڏهن مالي، انتظامي ۽ بلدياتي سڌارا نه ڪيا ويا ته پاڪستان جي معيشت جي واڌ محدود رهندي ۽ ترقي جا هدف حاصل نه ٿي سگهندا.