پاڻي کوٽ ،ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن رٿائن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي آگاهي مهم جاري

حيدرآباد (پ ر)سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽  مضبوط سنڌ جي عنوان سان چوٿين ڏينھن به حيدرآباد ٻهراڙي جي شھر مسوڀرڳڙي ۾ الله واري چوڪ کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي معشوق چانڊيو،نور حسن جمالي،نصير وگھيو،اختيار وگھيو ۽ ٻين ڪئي، احتجاج ۾ الطاف خاصخيلي پڻ شريڪ ٿيو. جڏھن ته زينت سمون،نصرت خاصخيلي ۽ عزيزان رند، عائشه بيبي واڻڪي وسي روڊ تي رامچند لانڍي ڳوٺ، عوامي سوسائٽي، محمد بخش ٻھرام ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ پيادل مارچ ڪري گھر گھر وڃي سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد جو سڏ ڏنو، ملير جي علائقي عبدالله ڳوٺ ۾ منان شيخ، فرحان لاڙ ڪراچي  جي علائقي موسميات، سبحان الله هوٽل ۽ اوکائي ميمن مارڪيٽ ۾ ارسلان منگي, جاويد علي گوپانگ وڪيل ۽ مقصود احمد سومرو ٻين هينڊ بل ورهايا ھالا ۾ فضا ملاح جي اڳواڻي ۾ ڊور ٽو ڊور ھينڊل بل ورهايا ويا، اڳواڻن چيو ته  پيپلز پارٽي سنڌ جو پاڻي وڪڻي عوام کي ھاڻ بيوقوف پئي بڻائي. بجيٽ ۾ عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو ويو آھي. سنڌو درياھ تي ڪو به ڪئنال يا ڊيم قبول ناھي،ڌاڙيل واھ بند ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو بند ڪيو وڃي. پاڻي کوٽ جي ڪري ڪوٽڙي کان ھيٺ واري پئي اڏامي. ڊيلٽا تباھ ٿي ويو آھي. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي چيو آھي ته بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪجهھ به ناھي، وفاقي حڪومت مھانگائي تي ضابطو نه آندو آھي. سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز کي مايوس ڪيو ويو آھي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن ۾ 60 سيڪڙواضافو ڪيو وڃي. سنڌ سميت ملڪ جي اھم ضلعن ۾ صنعتي زون قائم ڪيا وڃن. رينيوايبل انرجي، سولر ۽ ونڊ جا ڪاريڊور ٺاھيا وڃن. زراعت ۽ صنعت کي بھتر بنائي ڪلائيميٽ چينج کي هدف بنايو وڃي. ھارين ۽ مزدورن جي ٻارن جي لاءِ ٻھراڙي اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪيون وڃن. هن چيو ته  وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ اشرافيه دوست بدران عوام دوست ٺاھي بجلي، پئٽرول ۽ گئس جون قيمتون گھٽايون وڃن.

سنڌ جي بئراجن مان پاڻي ورڇ ڪئين پئي ٿئي؟ نثار جٽ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي پي ٽي آءِ جي نثار احمد جٽ تقرير ڪندي  چيو ته بجيٽ تقرير 53 صفحن تي ٻڌل هئي، پر ان ۾ عوام لاءِ ڪا واضح اميد يا مستقبل جو روڊ ميپ نظر نه آيو. هن چيو ته 18 هزار 771 ارب  رپين جي بجيٽ جو وڏو حصو قرضن جي وياج، دفاع، پينشن، سبسڊيز ۽ ٻين خرچن تي هليو ويندو، جڏهن ته ترقي لاءِ ڪو وڏو منصوبو نظر نٿو اچي هن چيو ته  حڪومت پنجين بجيٽ تائين به معيشت کي بهتر ڪرڻ بدران مالي خسارو وڌايو آهي. فيصل آباد ۾ لڳ ڀڳ 190 ننڍيون صنعتي يونٽون بند ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب هزارين مزدور بيروزگار ٿيا آهن سنڌ جي پاڻي واري مسئلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته وڏا زميندار پاڻي جو ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته غريب هاري پاڻي کان محروم آهن. اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته ارسا کان رپورٽ گهرائي وڃي ته سنڌ جي بيراجن مان پاڻي جي ورڇ ڪيئن ٿي رهي آهي ۽ ناجائز استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪمند جا آبادگار وقت تي ادائيگيون نٿا حاصل ڪن. هن چيو ته ننڍن آبادگارن کي 80 سيڪڙو سرڪاري سبسڊي سان سولر سسٽم ڏنا وڃن. جديد زرعي مشينري، سپر سيڊز ۽ ليزر ليولرن جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي ۽ 75 سيڪڙو سبسڊي ڏني وڃي. زرعي تحقيق لاءِ ڪٽيل بجيٽ بحال ڪري 25 ارب رپيا مختص ڪيا وڃن هن ايس آءِ ايف سي کي ناڪام ادارو قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو صرف ڏيکاءَ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي بئراجن تي پاڻي کوٽ برقرار، ڪوٽڙي وٽ صورتحال ڳڻتي جوڳي

سکر ( رپورٽ : رستم انڍڙ) سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي مجموعي صورتحال موجب مٿانهين علائقن ۾ پاڻيءَ جي آمد ۽ نيڪال ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جا اثر هيٺين سنڌ تائين پهچي رهيا  آهن. درياءِ ڪابل کان چشمه بئراج تائين 50,100 ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڪالا باغ وٽ سنڌو درياهه ۾ 189,938 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي آمد ۽ 182,658 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي نيڪال رڪارڊ ڪئي وئي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح 1449.32 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح 1172.3 فٽ آهي، تونسا بئراج تي 168,031 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي آمد ۽ 143,200 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي نيڪال رڪارڊ ڪئي وئي، سنڌ جي بئراجن تي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، گڊو بئراج تي 92,170 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي آمد ۽ 72,156 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي نيڪال رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سکر بئراج تي پاڻيءَ جي آمد 65,520 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 27,680 ڪيوسڪ رهيو، ڪوٽڙي بئراج تي صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، جتي رڳو 12,425 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سمنڊ ڏانهن پاڻيءَ جو ڪو به اخراج نه پيو ٿئي، ماهرن موجب سنڌو درياهه جي هيٺين علائقن ۾ پاڻيءَ جي گهٽ دستيابي زرعي سرگرمين ۽ ماحولياتي نظام تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿي، جنهن سبب پاڻيءَ جي موثر انتظام ۽ ورڇ جي ضرورت وڌيڪ وڌي وئي آهي.

پاڻي کوٽ تي سنڌ جو وفاق-پنجاب سان تڪرار شدت اختيار ڪري ويو

لاهور(امداد سومرو)سنڌ ۽ وفاق-پنجاب وچ ۾ پاڻي جو پراڻو تڪرار ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو آهي. سنڌ حڪومت الزام لڳايو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته پنجاب کي وڌيڪ پاڻي ملي رهيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي چيو آهي ته سنڌ کي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ارسا پاڻي جي ورڇ ۾ انصاف نٿي ڪري.91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪيو وڃي. مراد علي شاهه موجب6 جون تي سنڌ کي 41 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڏني وئي. جڏهن ته پنجاب کي رڳو 10 سيڪڙو کوٽ برداشت ڪرڻي پئي. سنڌ جو موقف آهي ته پنجاب کي پاڻي پهچائڻ لاءِ چشما-جهلم ۽ تونسه-پنجند لنڪ ڪينالن کي هلائڻ سبب سنڌ جو حصو متاثر ٿي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ توجهه ڏياريندڙ نوٽيس جمع ڪرايو. هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي چيو ويو ته سنڌ سان ناانصافي بند ڪئي وڃي” سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.“بلوچستان به هن ڀيري سنڌ جي موقف جي حمايت ڪري رهيو آهي، پاڻي معاملن واري وفاقي وزير معين وٽو جو موقف مختلف آهي. هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ٻنهي کي تقريباً برابر کوٽ ڏني پئي وڃي. پر سنڌ حڪومت انهن انگن اکرن کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ چوي ٿو ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه مطابق ورڇ ٿيڻ گهرجي. پنجاب جو موقف آهي ته ڊيم نه ٺهڻ سبب کوٽ جي صورت ۾ "تاريخي ورڇ” وارو فارمولو لاڳو ٿيڻ گهرجي. رپورٽ موجبهن سال دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو ۽ ذخيرو گذريل سال کان وڌيڪ آهي. ان جي باوجود سنڌ کي وڌيڪ کوٽ ڏني پئي وڃي، جنهن تي سنڌ اعتراض ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي ڀارت درياهه چناب جي پاڻي کي موڙڻ لاءِ منصوبابندي ڪري رهيو آهي. پاڻي جو هي تڪرار صرف سنڌ ۽ پنجاب جو نه، پر وفاقي نظام جي اعتماد جو امتحان بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن وزيراعظم ۽ ارسا فوري مداخلت نه ڪن، ته هي مسئلو وڌيڪ سنگين سياسي ۽ زرعي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. مستقبل ۾ منصفاڻي پاڻي ورڇ، نون ذخيرن جي تعمير ۽ صوبن جي اتفاقِ راءِ کان سواءِ هن ڏهاڪن پراڻي تڪرار جو حل ممڪن نظر نٿو اچي.

 سنڌو درياھ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي: صنعان قريشي

حيدرآباد/ٽنڊو ڄام(پ ر) جسقم سربراھ صنعان قريشي، ٽنڊو الهيار ۾ اڄ نڪرندڙ ريلي جي سلسلي ۾ سنڌ امڙ جو سڏ کڻي ٽنڊو ڄام ۾  رابطا مهم تي نڪتل، ٽنڊو ڄام ۾ ويسر ڪالوني، نهاين جي ڳوٺ ۽ سيد شبير شاھ جي ڳوٺ پهچي ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏني، ان موقعي تي صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻو پوندو، هن چيو ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ناهي، ٺٽي ،سجاول ،بدين جون زمينون بنجر ٿي ويون آهن، وقت جا حڪمران سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني ،قبيلائي جهيڙا، منشيات وڌي وئي آهي، ان موقعي تي عبدالرشيد ڏيٿو، عزيز شيخ، صفدر تنيو، ڏاڏو اطهر سومرو،ديدار شام،رحمان پيرزادو، آصف رضا مگسي، محبوب جتوئي، احمد شيخ ، علو ديشي،اياز ويسر ،ساجد ويسر، فيصل مستوئي، اقبال هاليپوٽو ۽ ٻيا گڏ ھئا.

سڄي سنڌ ۾ ڪربلا جهڙي صورتحال آهي:عوامي تحريڪ

ٺٽو (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، گھنور خان زئور،بلاول لاشاري، غلام علي زئور،عوامي تحريڪ تعلقي ڪيٽي بندر جي صدر اسلم سمون ۽ ٻين ٻگھاڻ پريس ڪلب پھچي ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي 1458 ايڪڙ زمين ذوالفقار آباد حوالي ڪرڻ ۽ ساحلي پٽي ۾ پاڻي کوٽ خلاف صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي اعلان ڪيو ته عوامي تحريڪ طرفان 19 جون 2026 تي ٻگھاڻ شھر ۾ ذوالفقارآباد، زمينن تي قبضي ۽ ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته وفاق سنڌ جو پاڻي زبردستي روڪيو آهي، جنهن جي ڪري سڄي صوبي ۾ ڪربلا جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. نواز ليگ جي حڪومت سنڌ کي فتح ڪيل ڪالوني سمجهي ڦري لٽي رهي آهي. هڪڙي پاسي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن ته ٻي طرف ڪارپوريٽ فارمنگ، ذوالفقار آباد ۽ ٻين قبضاگير منصوبن ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ڪيٽي بندر جي 1458 ايڪڙ زمين ذوالفقار آباد کي ڏني پئي وڃي. مٿان وري سنڌ جو پاڻي روڪي سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪار واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. ڊيلٽا کي پاڻي نه ملڻ سبب روزانو سمنڊ سنڌ جون زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي، ڪيترائي ڳوٺ سمنڊ ۾ اچي چڪا آهن جيڪڏهن گهربل پاڻي نه مليو ته ڪيٽي بندر، ٺٽي، سجاول، بدين، ڪراچي سميت سنڌ جي ساحلي پٽي سمنڊ ۾ ٻڏي ويندي، ٺٽي، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.