وياج ۽ پينشن ادائيگين کان پوءِ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي رٿائن لاءِ ڪجهه نٿو بچي؟

اسلام آباد(امتياز گل) نئين بجيٽ بابت قومي ميڊيا، سوشل ميڊيا، اخبارن ۽ ٽيليويزن تي بحث، تجزيا ۽ تبصرا جاري آهن. قرضن جي ادائيگين دفاعي خرچ ۽ پينشنون.اهي ٽي وڏا شعبا آهن، جن تي پاڪستان جي بجيٽ جو تمام وڏو حصو خرچ ٿي وڃي ٿو.بجيٽ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو قرضن جي ادائيگي ۾ هلي ويندو. اها به پڪ ناهي ته حڪومت ايتري آمدني گڏ ڪري سگهندي يا نه، ڇاڪاڻ⁠ ته بجيٽ ۾ وفاقي آمدني سان گڏ نوان قرض به شامل هوندا آهن.قرضن جي ادائيگين کان پوءِ لڳ ڀڳ 10 هزار 887 ارب رپيا بچن ٿا. انهن مان دفاع لاءِ لڳ ڀڳ 3.3 کرب رپيا رکيا ويا آهن.جيڪڏهن 2020-21ع سان ڀيٽ ڪجي ته ان وقت دفاعي بجيٽ 1.29 کرب رپيا هئي، جيڪا هاڻي تقريباً ٻيڻي ٿي چڪي آهي. يعني ڇهن سالن ۾ دفاعي خرچ، فوجي پينشنن سميت، ٻيڻا ٿي ويا آهن.ساڳئي عرصي دوران وفاقي ملازمن جي مجموعي پينشن 470 ارب رپين مان وڌي هڪ کرب رپين کان به مٿي ٿي وئي آهي.فوجي پينشنون 2020-21ع ۾ 323 ارب رپيا هيون، جڏهن ته هاڻي 822 ارب رپين تائين پهچي ويون آهن.ٻئي طرف، وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ صرف هڪ کرب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.ٻين لفظن ۾، صرف دفاعي خرچ ئي ترقياتي بجيٽ کان تقريباً ٽي ڀيرا وڌيڪ آهن.ان جو مطلب اهو ٿيو ته عوام جي ڀلائي، تعليم، صحت، صاف پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن جا وسيلا قرضن، دفاعي خرچن ۽ پينشنن لاءِ يرغمال بڻجي ويا آهن.هاڻي هڪ اهم پاليسي سوال پيدا ٿئي ٿو:ڇا ڪمزور ٽيڪس نظام، مسلسل مالي خسارن ۽ قرضن ۾ ٻڏل رياست لاءِ اهڙو پينشن نظام ڊگهي عرصي تائين برداشت لائق آهي؟قومي سلامتي رياست جي بنيادي ذميواري آهي.پر سوال اهو ضرور آهي ته سلامتي ۽ انساني ترقي جي وچ ۾ توازن جو ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي يا نه؟پاڪستان انساني ترقي جي ڪيترن ئي اشاريائن ۾ پنهنجي هم پلهه ملڪن کان پوئتي آهي،اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن؛سرڪاري اسپتال وسيلن جي کوٽ جو شڪار آهن؛ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت اشاريه ڳڻتي جوڳا آهن؛صاف پاڻي جي کوٽ آهي؛غذائي کوٽ ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه جا مسئلا موجود آهن.جيڪڏهن موجوده رفتار جاري رهي ته ايندڙ پنجن ڇهن سالن ۾ پينشن فنڊ 1.5 کرب رپين کان به وڌي سگهي ٿو.ٻئي پاسي ڀارت، چين، انڊونيشيا، ملائيشيا،بنگلاديش  دفاعي پينشنن ۽ افرادي قوت جي خرچن کي بنا سڌارن جي مسلسل وڌڻ نه ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.