ڪراچي (رپورٽر) سرجاڻي ٽائون ۾ هڪ عورت مبينا طور پاڙيسري طرفان زيادتي جو نشانو بڻجڻ بعد ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته مک جوابدار عدالت مان ضمانت حاصل ڪري ورتي، پوليس موجب واقعي بابت 4 جون تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ عورت پنهنجي پاڙيسري سميت ٽن ماڻهن کي نامزد ڪيو آهي، ايف آءِ آر موجب عورت الزام هنيو آهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ هڪ پاڙيسري کيس اهو چئي پنهنجي گهر گهرايو ته سندس والده کي ڪنهن ڪم لاءِ مدد جي ضرورت آهي، شڪايت موجب گهر پهچڻ کانپوءِ جوابدار مبينا طور عورت سان زيادتي ڪئي ۽ واقعي جي وڊيو پڻ ٺاهي، متاثر عورت جو چوڻ آهي ته جوابدار وڊيو ذريعي بليڪ ميل ڪندو رهيو ۽ ٻارن کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ڪيترائي ڀيرا مبينا طور زيادتي ڪندو رهيو، ڪيس ۾ سلمان علي، رفيق شاهه ۽ هڪ نامعلوم شخص کي جوابدار نامزد ڪيو ويو، پوليس موجب مک جوابدار سلمان علي عدالت مان ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ٻيا ٻه جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.