ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) شھر جي ابراھيم ڪالوني جي رھواسي نوجوان جو تشدد ٿيل لاش ھٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاھر ڪيو ويو، ٽنڊوالھيار شھر جي چمبڙ روڊ تي ابراھيم ڪالوني واسي 25 ورھين جي نوجوان سني ولد ايوب ڪبوترو جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو. نوجوان ڪامران نالي ڊرائيور سان گڏ مزدا تي مزدوري ڪندو ھو ۽ ڪيريا شاخ واري ھنڌان سندس تشدد شده لاش مليو آھي. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو ويو، حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھچي سگھي ۽ وارثن پنھنجي مدد پاڻ تحت لاش سول اسپتال ٽنڊوالهيار کڻائي پھچايو، نوجوان جي وارثن شڪ ظاهر ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.