راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل آپريشنن دوران گذريل 72 ڪلاڪن ۾ 48 دهشت گرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي جاري آپريشنن دوران ميران شاهه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ دهشت گردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، آءِ ايس پي آر موجب شديد جهڙپن کان پوءِ وڌيڪ 21 دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ چار اهم ڪمانڊر به شامل هئا، مارجي ويلن ۾ خالد رضا عرف سالار، مفتون، موسيٰ ۽ عمران عرف ايان شامل آهن، آءِ ايس پي آر موجب انتهائي مهارت ۽ درستگي سان ڪيل آپريشنن دوران مجموعي طور 48 دهشتگرد ماريا ويا آهن، جڏهن ته سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.