بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي واڌاري لاءِ جامع منصوبو شامل ناهي: حافظ نعيم

مردان (پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته موجوده بجيٽ ۾ آئي ٽي شعبي جي ترقي لاءِ ڪو به جامع ۽ موثر منصوبو شامل ناهي ڪيو ويو، گذريل ست ڏهاڪن کان ملڪ تي مڙهيل اشرافيه طبقو پاڪستان جو سڀ کان وڏو الميو بڻيل آهي، نوجوان جيڪڏهن پنهنجي حقن لاءِ متحد ۽ منظم ٿي وڃن ته تبديلي آڻي سگهن ٿا، ڇو ته صرف هجوم ڪڏهن به انقلاب نٿا آڻي سگهن، مردان ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي ”بنو قابل“ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته جيڪي شاگرد امتحان ۾ ڪامياب ٿيندا، انهن کي سڀئي تربيتي ڪورس مڪمل طور مفت فراهم ڪيا ويندا، هن چيو ته بنو قابل پروگرام جي شروعات کان پوءِ هاڻي ملڪ جي 66 شهرن ۾ مفت آئي ٽي تربيت جي فراهمي جو بنياد رکيو ويو آهي، ملڪ ۾ لڳ ڀڳ پونا ٽي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته زراعت، تعليم ۽ صحت سميت تقريباً هر شعبي ۾ زوال اچي چڪو آهي، حڪمران عوامي مسئلن بدران پنهنجي عيش عشرت تي ڌيان ڏئي رهيا آهن، عوام کان هڪ ليٽر پيٽرول تي 120 رپين کان وڌيڪ پيٽروليم ليوي وصول ڪئي پئي وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.