تهران (م ڊ) مختلف رپورٽن ۽ مبينا سرڪاري ميڊيا حوالن موجب ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي الوداعي ۽ دعائيه تقريبن جو شيڊول جاري ڪيو ويو، رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 4 جولاءِ کان تهران ۾ امام خميني مصليٰ تي عوامي تعزيتي ۽ الوداعي تقريبون شروع ٿينديون،تفصيل موجب 6 جولاءِ تي تهران ۾ مبينا طور جنازي جو جلوس ڪڍيو ويندو، جڏهن ته 7 جولاءِ تي مقدس شهر قم ۾ به جنازي نماز ادا ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو، ان کانپوءِ مبينا طور لاش کي مختلف هنڌن تي آخري ديدار لاءِ رکيو ويندو ۽ 9 جولاءِ تي مشهد ۾ امام رضا جي روضي جي اڱڻ ۾ تدفين جو شيڊول ٻڌايو پيو وڃي، رپورٽن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي ته آيت الله خامنه اي فيبروري جي آخر ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل حملي ۾ مارجي ويو هو جڏهن ته ان حوالي سان آزاد تصديق ٿيل ذريعن مان حتمي تصديق موجود ناهي.