رمضان جي مھيني جُون روايتُون

تحرير: ياسر قاضي

رمضان جو مھينو شروع ٿي چڪو آهي. رمضان، هجري جنتريءَ جو نائون مھينو آهي، جيڪو هر سال لڳ ڀڳ 20 ڏينھن جي فرق سان موسم مٽائيندو رھندو آهي ۽ عيسوي ڪئلينڊر جي ڏينھن جي حساب سان پوئتي سُرندو ويندو آهي. هن سال رمضان جو مھينو فيبروريءَ جي لڳ ڀڳ آخري ڏھاڪي کان شروع ٿي، مارچ جي ٻن ڏهاڪن جي پورائي تي ختم ٿيندو ۽ 20 يا 21 مارچ ڌاري ’مٺي عيد‘ ايندي. رمضان جي اھميت ۽ افاديت رڳو مذھبي حوالي سان ئي ناهي، بلڪه ان جا سماجي اثر به آهن. ڇاڪاڻ ته اسان جھڙن ملڪن ۾ رمضان جي دؤران دفتري اوقات، دوڪانن ۽ بازارن جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جي وقتن سميت هر ڪم جي ٽائيم ٽيبل ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي، جنھنڪري اسان سڀني جي سمهڻ ۽ جاڳڻ جا وقت به تبديل ٿي وڃن ٿا. انھن تبديلين جو اثر انھن تي به پوي ٿو، جيڪي روزا نٿا رکن يا جن جو اسلام سان تعلق ناهي.

هن سال رمضان جو ڊگهي ۾ ڊگهو روزو ارجنٽينا جي ڪجهه علائقن ۾ ٿي رھيو آهي، جنھن جو دؤرانيو لڳ ڀڳ 13 کان 14 ڪلاڪ آهي. ٻئين نمبر تي نيوزيلينڊ جي ڪجهه علائقن ۾ لڳ ڀڳ ساڍن 13ڪلاڪن جو ڊگهو روزو ٿئي ٿو. جڏھن ته آسٽريليا ۽ ’چِلي‘ جي مختلف علائقن ۾ اڄڪلھه لڳ ڀڳ 13کان ساڍن 13 ڪلاڪن جو روزو ٿي رھيو آهي. پر جيڪڏهن اهو ڏٺو وڃي ته هن رمضان ۾ ننڍي ۾ ننڍو روزو دنيا جي ڪھڙن ڪھڙن علائقن جا ماڻهو رکي رھيا آهن، ته ان ڏس ۾ هن سال يورپ ۾ آئس لينڊ جي شھر ’ريڪجاويڪ‘ جا ماڻهو خوشقسمت آهن، جن جي روزي جو اڄڪلھه دؤرانيو رڳو 7 ڪلاڪ 6 منٽ وڃي بيھي ٿو. جڏهن ته ان فھرست ۾ ’فِنلينڊ‘ جي راڄڌاني ’هيلسنڪي‘ ٻئين نمبر تي آهي، جتي اڄڪلھه 8 ڪلاڪ 3 منٽن جو روزو ٿي رھيو آهي. امريڪي رياست ۽ شھر نيُويارڪ جا رھواسي اڄڪلھه 10ساڍن 10 ڪلاڪن جو روزو رکي رھيا آهن. جڏھن ته لنڊن ۾ اڄڪلھه پوڻن 11 ڪلاڪن جو روزو ٿئي ٿو.

پاڪستان سميت سموري ڏکڻ ايشيا ۾ رمضان جا ڏينھن بدلجي رهيا آهن. 2007ع کان گرمين ۾ داخل ٿيڻ وارو رمضان جو مھينو تقريباً 17 سالن کانپوءِ باقاعده طور تي سياري ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هاڻي ايندڙ 13 سال، رمضان جو مھينو سياري ۾ ايندو ۽ 2037ع کانپوءِ واپس اونھاري ۾ اچي ويندو.

رمضان بابت ڪجهه دلچسپ حقيقتون:

2031ع ۽ 2032ع جو رمضان جو مھينو سياري جو سڀ کان ننڍو رمضان هوندو، جنھن ۾ صرف ساڍن 10 ڪلاڪن جا روزا هوندا، جڏهن ته 2030ع رمضان جي لحاظ کان هڪ منفرد سال هوندو، جڏهن رمضان ٻه ڀيرا ايندو. پھريون رمضان جنوري 2030ع ۽ ٻيون رمضان، ڊسمبر 2030ع ۾ ايندو. ان سال مسلمانَ ڪل ملائي 30 کان وڌيڪ روزا رکندا. 2030ع کان اڳ اهڙو اتفاق 1997ع ۾ ٿيو هو ۽ 2030ع کانپوءِ، اهڙو اتفاق 2063ع ۾ ٿيندو.

ايئن انڪري ٿيندو آهي، جو هجري ڪئلينڊر چنڊ جي حساب سان ھلندو آهي ۽ عيسوي ڪئلينڊر سج جي حساب سان هوندو آهي. ان فرق جي ڪري هر 32 ــ 33 سالن کانپوءِ رمضان بنھه مخالف موسمن ۾ ايندو آهي. 2028ع ۾ رمضان سياري جي اؤجَ تي هوندو، جڏھن ته 2044ع ۾ رمضان گرمين جي اؤجَ تي هوندو. رمضان جي هيءَ گردش قدرت جي خاص نشانين مان هڪ آهي، جيڪا اسانکي وقت ۽ موسم جو قدر سيکاري ٿي.

سڄيءَ دنيا ۾ رمضان المبارڪ جي روايتن ۽ جشن جو انداز ڏاڍو سھڻو، گوناگون ۽ گهڻ رنگو هوندو آهي. رمضان پوريءَ دنيا جي مسلمانن کي پاڻ ۾ سلھاڙي ڇڏيندو آهي. يورپ ۽ امريڪا ۾ به سپر اسٽورن ۽ کاڌ پيت جي دوڪانن تي رمضان جي آمد کان اڳ ئي ’رمضان آفر‘ جي مد ۾ خاص رعايتون اعلانيون وينديون آهن، جن مان رڳو مسلمان ئي نه، بلڪه هر مذھب سان تعلق رکندڙ ماڻهو فائدو وٺندا آهن. هر ملڪ ۾ رمضان گذارڻ جون پنھنجيون پنھنجيون روايتون ۽ رواج آهن. مثال طور: سعودي عرب (حرمين شريفين) ۾ رمضان جو جوش سڀني کان نمايان نظر ايندو آهي. مسجد الحرام (خانهء ڪعبه) ۽ مسجدِ نبويءَ ۾ افطار دؤران دنيا جو سڀ کان وڏو دسترخوان وڇائبو آهي، جتي روزيدارن کي کارڪون، زمزم ۽ قھوو ڪثرت سان پيش ڪيو ويندو آهي. مقامي ماڻهو نه رڳو پنھنجن گهرن جا، بلڪه دلين جا دروازا به کولي ڇڏيندا آهن ۽ دل کولي عمري جي عازمين ۽ زائرين کي افطاري ڪرائيندا آھن. هو ان کي تمام گهڻي ثواب جو ڪم سمجهندا آهن. انڪري انھن ٻنھي حرمن ۾ هو روزيدارن کي منٿون ڪندي نظر ايندا آهن ته هُو انھن کان افطار جو سامان وٺن ۽ سندن سوکڙي ڪيل کاڌپيت جي سامان سان روزو کولن.

مصر جو ذڪر ڪجي ته مصر ۾ رمضان جي پھرين سڃاڻپ اُتان جا مخصوص رنگ برنگي لالٽين (فانوس) آهن. مصر جي لڳ ڀڳ هر گهر ۽ گهٽيءَ کي انھن شمعدانن سان سينگاريو ويندو آهي، جيڪي هڪ سحر انگيز منظر پيش ڪندا آهن. اوھان ’گُوگل‘ تي رمضان جي حوالي سان اڪثر پوسٽرن تي رنگبرنگا فانوس ۽ لالٽين ڏسندا آهيو، اهي بنيادي طور مصر جي روايت جي عڪاسي ڪندا آهن، جن کي ڏسڻ سان رمضان جو تصوّر ذهن ۾ ايندو آهي. مصر جا ’مسحراتي‘ به ڏاڍا مشھور آهن. هي اهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي سحريءَ جي وقت دُھل وڄائي ۽ مذھبي گيت ڳائي روزائتن کي روزو رکڻ لاءِ جاڳائيندا آهن.

ترڪيه (ترڪيءَ) جو ذڪر ڪجي ته اهو ’ماھيا‘ ۽ عثماني روايتن جو محور ۽ مرڪز ملڪ آهي.ترڪيه ۾ رمضان اچڻ سان سلطنتِ عثمانيه واري دؤر جون صديون پُراڻيون رونقون واپس اچي وينديون آهن. ’ماهيا‘ ان لکت کي چئبو آهي، جنھن ۾ ٻن مينارن جي وچ ۾ ٻرندڙ روشنين (ايل اي ڊيُن) سان ”رمضان مبارڪ“ يا ٻي ڪا دعا لکي ويندي آهي، جيڪا ڏسڻ ۾ ڏاڍي سھڻي ۽ ديده زيب لڳندي آهي. ترڪيه ۾ ’رمضان پديسي‘ نالي هڪ خاص قسم جي ماني پچائي ويندي آهي، جيڪا صرف رمضان ۾ ملندي آهي ۽ افطار جي دسترخوان جو لازمي حصو هوندي آهي. جيئن اسان وٽ ”ڦيني“ نالي مخصوص قسم جون سَيُون رڳو رمضان ۾ ئي ملنديون آهن.

دنيا ۾ مسلمان آباديءَ جي لحاظ کان انڊونيشيا ۽ ملائيشيا اهم ۽ وڏا ملڪ آهن. انڊونيشيا ۽ ملائيشيا ۾ وڏي پئماني تي خاص رمضان بازارُون لڳنديون آهن، جتي ’اسٽريٽ فُوڊ‘ (گهٽيءَ ۾ ملندڙ کاڌن) جا اسٽال لڳايا ويندا آهن. جتي سھسين قسمن جا مڪاني روايتي کاڌا ملندا آهن. انڊونيشيا جي ڪجهه علائقن ۾ رمضان کان اڳ ماڻهو ’پڊوسان‘ جي روايت جي پوئواري به  ڪندا آهن. ’پڊوسان‘ جي رسم تحت ماڻهو ندين يا چشمن ۾ رمضان کان اڳ وھنجي پنھنجو پاڻ کي روحاني طور تي پاڪ صاف ۽ گناھن کان آجو محسوس ڪندا آهن. جيئن هندُومت جا پوئلڳ ’گنگا‘ جو اشنان ڪري پاڻ کي گناھن کان مُڪت محسوس ڪندا آهن. هن رسم جو تعلق ڪنھن مذھبي روايت سان هرگز ناهي، بلڪه  اها شايد انڊونيشيا جي ڪا پراڻي سماجي رسم هوندي، جنھن کي اڄ تائين هتان جي ڪجهه علائقن جا ماڻهو رمضان جي آمد جي اهم تياريءَ طور سلهاڙي ان تي عمل ڪند آهن. هيءَ روايت واضح طور تي ’جل ــ پنٿي‘ (پاڻي پُوڄيندڙ) سماج جي عڪاس آهي.

پاڪستان ۽ هندوستان ۾ رمضان جي رونقَ، مذھبي طور جتي روزا رکڻ، تراويحون پڙهڻ جي صورت ۾ راتين جي قيام، شبينه جي محفلن سجائڻ، قرآن جي سمجهاڻيءَ جي محفلن ۽ آخري ڏھاڪي ۾ اعتڪاف جي اھتمام جي انداز ۾ نظر اچي ٿي، اتي سماجي حوالي سان افطار پارٽين رستي سماجي ميلَ جولَ، گهرن ۾ مختلف کاڌن جي تياريءَ ۽ ڪٽنبن جي پاڻ ۾ اچ وڃ جي صورت ۾ به نظر اچي ٿي. اسان وٽ رمضان پڪوڙن، سموسن، فروٽ چاٽ ۽ ڳاڙھي شربت جي فراوانيءَ سان استعمال جو مھينو سمجهيو وڃي ٿو ۽ هتي پڪوڙن ۽ شربت کانسواءِ افطار جو دسترخوان اڻپُورو سمجهيو وڃي ٿو. جڏھن ته ’ڦينيءَ‘ جي سَيُن کي سحريءَ جو خاص پڪوان سمجهيو وڃي ٿو.

اسان وٽ ڪي روايتون سحريءَ سان سلهاڙيل هيون، جيڪي هاڻي بنھه ختم ٿي چڪيون آهن. ڪجهه ڏھاڪا اڳ تائين مصر جي ’مسحراتين‘ جيان اسان وٽ به ڪن پاڙن ۾ ماڻهن جا ڪي مخصوص ٽولا، رضاڪاراڻي طور تي پنھنجو پاڻ سحريءَ تي اٿارڻ جو ڪم انجام ڏيندا هئا. اهو ٽولو ڪڏھن دهل وڄائي، ڪڏهن ٽِينَ کڙڪائي ته ڪن جاين تي بِگِلَ وڄائي گهٽين ۾ ”اٿو مومنو! روزا رکو!“ جا هوڪا ڏيندي گذرندو هو ۽ ماڻهن کي جاڳائيندو هو. ڪن ڳوٺن ۾ ان ڳوٺ جا مڱڻھار فقيرَ دھل تي اهو ڪم ڪندا هئا ۽ ان ڪم جي بدلي ڪن گهرن مان روزي رکڻ لاءِ ماني به وٺندا هئا. هي اهو زمانو هو، جڏھن الارم وارا گهڙيال عام نه هئا، انڪري اڪثر گهرَ ۽ انھن ۾ وسندڙ ڀاتي سندن صدائن تي اٿي سحري ڪندا هئا ۽ ڪنھن ڏينھن جي انھن مسحراتين کي اچڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي، ته پوءِ سڀئي دير سان جاڳندا هئا ۽ روزو دير سان رکندا هئا. آهستي آهستي انھن جي جاءِ الارم گهڙيالن، پوءِ الارم وارين واچن ۽ هاڻي سمارٽ فونن ۽ سمارٽ واچن والاري ورتي ۽ انھن سحريءَ تي اٿاريندڙ ’مسحراتين‘ جي اهميت ختم ٿي وئي. انڪري اڄ اهي اَسُرَ جو اٿاريندڙَ ورلي ڪنھن ڳوٺ ۾ نظر اچن ٿا. جنھن دؤر ۾ اهي اسُرَ جو اٿاريندڙ رضاڪار ماڻهن کي جاڳائيندا هئا، اهي شوال جو چنڊ ڏسندي ئي تي انھن پاڙن جي هر گهر جو هر دروازو کڙڪائيندا هئا، جن جن پاڙن مان گذري هنن پورو رمضان ماڻهن کي اٿاريو هو. پوءِ هر گهر مان کين بخشش، خرچيءَ، انعام، اجُوري يا Tip جي مد ۾  ڪجهه نه ڪجهه ملندو هو.

مختلف شھرن جون ميونسپالٽيون سحريءَ ۽ افطاريءَ جي وقتن تي گهگُهو وڄائڻ جي ڪلاسيڪي روايت اڃا به جاري رکيون پيون اچن. اڳي ننڍين وسندين يا ڳوٺن ۾، جتي ميونسپالٽيون نه هونديون هيون، اتي ڪن مسجدن ۾ بلنديءَ تي رکيل ’ڀيرِ‘ يا نوبت وڄائي به سحريءَ جو وقت پورو ٿيڻ يا افطاريءَ جي وقت ٿي وڃڻ جو اعلان ڪيو ويندو هو. سحريءَ جي وقت روزي ۾ ڪيترو وقت باقي آهي، اھڙو اعلان ڪرڻ جي روايت اڃا به شھرن ۽ ڳوٺن ۾ زندھه آهي. جيتوڻيڪ هر ڪو پنھنجين فونُن رستي لمحي به لمحي وقت کان آگاھه رهي ٿو، پوءِ به مسجدن مان اڃا به اهڙا ’ڪائونٽ ڊائون‘ (ابتي ڳڻپ وارا) اعلان عام جام ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.

اسانجي ملڪ ۾ وڏن شھرن ۾ راتين جو نائيٽ مئچ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽن جي روايت به ڪجهه ڏھاڪا پراڻي آهي. جيڪا رمضان جي راتين کي جاڳندڙ ۽ چاق و چوبند رکي ٿي ۽ مختلف پاڙن ۾ جتي جتي راندين جا ميدانَ يا رھائشي ڪالونين ۽ پاڙن جي وچ ۾ کليل گهٽيون موجود آهن، اتي اتي نؤجوان سڄي سڄي رات پنھنجي خرچ سان سرچ لائيٽون لڳائي نائيٽ مئچ ڪرڪيٽ کيڏندي ۽ رونق مچائيندي نظر اچن ٿا. اها روايت به فقط رمضان سان ئي سلھاڙيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.