پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جا سياسي جهيڙا سنڌ جي مفاد ۾ ناهن، مفاهمتي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت

                 پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ جڏهن به جهيڙو يا تڪرار ٿيو آهي ته سنڌ دوست ڌرين هميشه ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي موجوده  هلندڙ تڪرار تي پڻ سنڌ دوست ڌريون انتهائي تشويش جو اظهار ڪري رهيون آهن ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي جماعتن جو سڀ کان  گهڻو ووٽ  بينڪ سنڌ ۾ آهي ان لحاظ کان اهي جماعتون  سنڌ جون وڏيون اقتداري ۽ نمائنده جماعتون رهيون آهن تنهن ڪري جڏهن به سندن وچ ۾ سياسي  اختلاف يا جهيڙو ٿيندو آهي ته سڌي  يا اڻ سڌي طرح ان جو اثر سندن ووٽرن  تي پوندو آهي جنهن نتيجي ۾  وڏي  بي چيني ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي  آهي  جنهن جو اثر وري سنڌ جي وحدت تي پوندو آهي تنهن ڪري پنهنجو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ۽  پ پ توڙي ايم ڪيو ايم جي ووٽرن جي به اها خواهش  هوندي ته سنڌ جي انهن ٻنهي نمائنده اقتداري جماعتن کي پاڻ ۾ مفاهمتي پاليسي تحت هلڻ گهرجي. ان حوالي سان پهرين ذميواري پ پ جي هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها حڪومت ۾ به آهي ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي اقتداري جماعت به آهي ان ڪري پ پ جي حڪومت کي اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي جيئن انهن  ٻنهي جماعتن ۾ تڪرار ۽ جهيڙو پيدا نه ٿئي ۽ ٻئي جماعتون مفاهمت سان گڏ هلن.

سو پ پ جي  سنڌ حڪومت کي چڙ ڏياريندڙ جوشيلن بيانن ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري سنڌ جي مفاد ۾ سياست ڪرڻ گهرجي ۽ ان مقصد تحت ان کي ايم ڪيو ايم  سان مفاهمت وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. پ پ کي سياسي طور اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي گڏ  کڻي نه هلبو ته اها مهاجر ۽ لساني سياست تي لهي ڪراچي  کي  ڌار صوبو بڻائڻ جي مهم جوئي ڪندي ڇاڪاڻ  ته ان کي خبر آهي ته سنڌ کي ٽوڙڻ واري ڳالهه ئي سنڌي قوم جي ڪمزوري آهي تنهن تي اها جماعت بليڪ ميلنگ به ڪندي رهي آهي جڏهن ته اهڙي سياسي بليڪ ميلنگ جو تصور ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي.

 سنڌ جي مفاد ۾ في الحال اهو ته آهي ته سنڌ ۾ رڳو ايم ڪيو ايم ئي  ڪراچي کي ڌار صوبي جي حامي رهي آهي ٻيون سنڌ جون پارلياماني جماعتون جهڙوڪ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ٻئي صوبي جي مخالفت ۾ آيل سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ  جي حمايت ڪئي  هئي پر جيڪي مهاجر صحافي، اينڪر ۽ مبصر اليڪٽرانڪ  ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڪم ڪن ٿا سي  ايم ڪيو ايم جي پاليسي اختيار ڪندي نظر ايندا آهن جيڪا خوفناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي عوامي آواز واري هن پاليسي ۽ موقف کي اڳتي وڌائين ته سنڌ جي مفاد ۾ اهو آهي ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم مفاهمت سان هلن. جيڪڏهن اها پاليسي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا اختيار ڪندي ته تڏهن ئي انهن ٻنهي جماعتن تي دٻاءُ پوندو ته اهي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجن ووٽرن جي فائدي ۾ سوچين. سندن ووٽرن جو مفاد به هڪ سنڌ ۾ ئي آهي جڏهن ته ٻي صورت ۾ يعني جهڳڙن، تڪرارن، چڙ ڏياريندڙ، ڌمڪين نما بيانن سان صرف ۽ صرف نفرتون، فساد ۽ خون ريزيون ٿينديون  آهن تنهن ڪري  اهڙين نفرتن، فسادن ۽ خون ريزين کان پاسو ڪيو وڃي.

اسان سمجهون ٿا ته مفاهمت واري پاليسي جو پ پ طرفان ليڊر آصف زرداري ٿي سگهي ٿو ۽ ايم ڪيو ايم طرفان حقيقي معنيٰ ۾ اڄ اهڙو ڪردار گورنر  ڪامران ٽيسوري  کي ادا ڪرڻ ڪرڻ گهرجي. ڪامران ٽيسوري جي منصب  جي به اها ئي تقاضا آهي . پر جيئن پاڻ مٿي لکي آيا آهيون ته ايم ڪيو ايم سان سرچاءُ لاءِ اڳڀرائي پ پ جي سنڌ حڪومت کي ڪرڻ گهرجي جو هونئن به حڪومت جو اهو اخلاقي فرض به هوندو آهي ته اها اپوزيشن جي جماعتن کي به گڏ کڻي هلي. ڏسجي ته موجوده ملڪي سياست ۾ آصف علي زرداري  هونئن به ”مفاهمت جي بادشاهه“ طور مشهور آهي. سندس صدر مملڪت واري منصب جي به اها ئي گهرج آهي ته اها سڀني پارلياماني  جماعتن کي گڏ کڻي هلي. سو آصف زرداري جنهن بابت  رپورٽون آهن ته هو ڪراچي ۾ آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي تڪرار جي حوالي سان پارٽي جو مشاورتي اجلاس به سڏايو هيائين تنهن کي پنهنجي پراڻي ۽ مضبوط مفاهمتي پاليسي تحت ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪجي ته سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم کي گڏ کڻي هلي پر جيڪڏهن ايئن سوچبو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي مائنس ڪجي ۽ ان کي ڪا نمائندگي نه ڏجي، ان کي ڪراچي جو اسٽيڪ هولڊر نه سمجهجي ته پوءِ جهيڙا ۽ تڪرار ئي ٿيندا.

ايئن ايم ڪيو ايم خاص ڪري ان جي پارٽي  سان سلهاڙيل موجوده گورنر ڪامران ٽيسوري  کي به گهرجي  ته هو پ پ ۽ ايم ڪيو  ايم  جي وچ  ۾ بهتر لاڳاپن جو ماحول پيدا ڪري. اهو سڀ ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته سنڌي قوم ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌ ۾ ئي رهڻو آهي، سندن دائمي مفاد سنڌ سان ئي سلهاڙيل آهن ۽ سندن مفاد ڀائپي ۽ محبت سان رهڻ ۾ آهن. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي خاص ڪري اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي  ته جيڪڏهن سنڌي ۽ اردو  ڳالهائيندڙ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي،ميرپور خاص  وغيره ۾ گڏ رهي ۽ هلي سگهن ٿا ته ڪراچي ۾ ڇو نه. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص ۾ رهندڙ  اردو آبادي  ته باقاعدي سنڌي زبان ڳالهائيندي آهي ته اهڙو جذبو ڪراچي ۾ ڇو ناهي. اسان سمجهون ٿا ته ان جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي جيڪا هڪڙن پارٽي مفادن ڪري ڪراچي ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ نه ٿي ڏئي. تنهن ڪري ايم ڪيو ايم مٿان به اها ذميواري آهي ته اها ماضي جي تلخ تجربن ۽ لساني سياست مان نڪري اچي ۽ سنڌي قوم سان مستقل طور ڀائپي برادري سان گڏ رهڻ جي پاليسي  اختيار ڪري ڇاڪاڻ ته ٻئي پاسي ڪجهه به ناهي. صرف ۽ صرف گڏ رهڻ جو ئي هڪ چارو آهي. سنڌي قوم ۽ اردو ڳالهائيندڙ برادريءَ جو امن، سڪون ۽ ترقي به ان ۾ آهي ته ٻئي جماعتون مفاهمت جو رستو اختيار ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.