ڪراچي ۾ ڪار ريس ٺٽي واسي نوجوان کان حياتي کسي ورتي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ خيابان اتحاد صبا سگنل ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل کاڌو پهچائيندڙ ٺٽي واسي نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو، ميڊيا رپورٽن موجب فوتي فرحان جي وارثن اسپتال پهچي لاش وصول ڪرڻ بعد ٺٽو روانا ٿي ويا، ڊفينس خيابان اتحاد ۾ تيز رفتاري سان ريس لڳائيندڙ ڪار خوفناڪ حادثي بعد ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي وڪڙ ۾ اچي فوڊ رائيڊر سخت زخمي ٿيو هو، جيڪو هاڻي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته واقعي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا، ڪراچي ۾ کاڌو پهچائيندڙ ٺٽي واسي نوجوان کي ٽڪر هڻندڙ ڪار ڊرائيور اسسٽنٽ ڪمشنر جو ڀائيٽيو نڪتو، گاڏي ضبط ٿي وئي، فوتي جي خاندان پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، ڊفينس خيابان اتحاد ۾ کاڌو پهچائيندڙ فرحان کي ٽڪر هڻي ماريندڙ ڪار جو ڊرائيور اسسٽنٽ ڪمشنر جو ڀائيٽيو اصغر علي ڀنگوار نڪتو، پوليس پروٽوڪول تحت اصغر علي ڀنگوار کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته حادثي کانپوءِ ڊرائيور کي اسپتال به پهچايو ويو هو، پوليس چيو ته حادثي واري گاڏي ۾ سنڌ حڪومت جا اسٽيڪر لڳل هئا ۽ اها گاڏي اصغر علي جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، جاچ اختيارين موجب فوتي فرحان جي خاندان قانوني ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پنهنجي درخواست لکي پوليس کي ڏني آهي، جڏهن ته گاڏي ۽ کاڌو پهچائيندڙ نوجوان جي موٽر سائيڪل به ٿاڻي منتقل ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.