ڄامشورو (ڊ ر) ايم 9 موٽروي تي ريسڪيو 1122 جي ايمبولينس ۽ ٽرالر وچ ۾ افسوسناڪ حادثي ۾ 1122 جو نرسنگ اسٽاف فياض پٽ غلام سرور مڱريو ويٺل خيرپور ميرس موقعي تي فوت ٿي ويو. حادثي ۾ ايمبولينس ڊرائيور خيرپور واسي محمد يامين پٽ محمد عثمان مڱريو، ميرپور ماٿيلو واسي عمران شاهه پٽ سردار شاهه، شهنشاهه پٽ سردار شاهه ۽ ميرپورماٿيلي واسي صغير پٽ غلام شبير مڱريو زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي فوري طور سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.