بلوچستان ۾ ٿيل دهشت گردي: ڪجهه سوال ۽ ڪجهه جواب

تحرير : علي محمد ڍلون

بلوچستان وري ڳاڙهو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. رياستي بيانن موجب تازين دهشتگرد ڪاررواين کان پوءِ 177 دهشتگرد مارجي ويا آهن، پر اهي انگ اکر پنهنجي اندر ڪيترائي سوال لڪائي ويٺا آهن. جيڪڏهن ايتري وڏي تعداد ۾ دهشتگرد ماريا ويا آهن ته پوءِ اهو به سوچڻ گهرجي ته اهي ڪيترا آيا هئا، ڪٿان آيا هئا ۽ ڪهڙي منظم نظام تحت هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻارهن مختلف هنڌن ۽ شهرن ۾ حملا ممڪن بڻايا ويا. هي رڳو هڪ سيڪيورٽي واقعو ناهي، پر رياستي نظم، انٽيليجنس صلاحيتن ۽ قومي حڪمتِ عملي لاءِ هڪ سخت امتحان آهي.

 اسان سمجهي رهيا هئاسين ته بلوچستان ۾ حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي رهيون آهن، پر زميني حقيقتون ان خوش فهميءَ جي نفي ڪن ٿيون. هڪ ئي ڏينهن ۾ منظم طريقي سان ٿيل حملا ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهن ته دهشتگرد نيٽ ورڪ نه رڳو سرگرم آهن، پر انهن جي رٿابندي، رابطي ۽ لاجسٽڪ سهڪار به مضبوط آهي. هي سوال انتهائي سنجيده آهي ته ڇا اهڙي نوعيت جا گڏيل ۽ هم وقت حملا ماضي ۾ ڪڏهن بلوچستان ۾ ڏٺا ويا آهن؟ جواب صاف انڪار ۾ آهي. ان ئي سبب هن صورتحال کي معمولي واقعو سمجهڻ پاڻ کي دوکي ڏيڻ برابر هوندو. هاڻي جڏهن اسان هن معاملي جي سنگيني کي سمجهي چڪا آهيون، ته هڪ وسيع ۽ اثرائتي حڪمتِ عملي جي ضرورت آهي، جيڪا ان صورتحال سان مقابلو ڪري سگهي.

 حڪومتي موقف موجب بلوچستان ۾ دهشتگردي ڀارتي سرپرستي هيٺ ٿي رهي آهي ۽ دهشتگردن کي افغانستان ۾ محفوظ پناهه گاهون حاصل آهن. جيڪڏهن اهو موقف درست آهي ته پوءِ هي مسئلو رڳو بلوچستان يا خيبر پختونخوا تائين محدود نٿو رهي، پر سڌي طرح قومي سلامتي ۽ سرحدي پاليسي سان جڙجي وڃي ٿو. افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته اڄ به اسان کي واضع نموني خبر ناهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙا منظم دهشتگرد گروهه موجود آهن، جيڪي هڪ فون ڪال يا هڪ پيغام تي ساڳئي وقت ٻارهن شهرن ۾ حملا ڪري سگهن ٿا. ڇا ڪنهن به رياست لاءِ ان کان وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو؟ اهو مڃڻو پوندو ته دهشتگرد گهوڙن تي پيغام رسائيندڙ استعمال نٿا ڪن. اهي جديد ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل ذريعا، سوشل ميڊيا ۽ ڳجها مواصلاتي نظام استعمال ڪن ٿا. سوال اهو آهي ته ڇا اسان سنجيدگي سان انهن جي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪن، ڪال ڊيٽا ۽ ڊجيٽل رابطن کي ٽريس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ هر ڀيري ڏکين جبلن ۽ غارن جو جواز پيش ڪرڻ، پنهنجي ڪمزورين تي پردو وجهڻ برابر آهي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڳولڻو هجي ته هو غارن ۾ به ملي وڃي ٿو، ۽ جيڪڏهن نه ڳولڻو هجي ته هو کليل عام گهمندو رهي ٿو.

پاڪستان جو عوام هاڻي دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي چاهيو ٿو، پر رياست وٽ ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ هميشه هڪ نه، پر سو رستا هوندا آهن. طاقت انهن مان صرف هڪ رستو آهي، ۽ اهو به آخري. طاقت جو اصل استعمال ڏيکارڻ لاءِ نه، پر ڊيڄارڻ لاءِ هوندو آهي. بدقسمتي سان اسان طاقت کي ئي واحد حل سمجهي ويٺا آهيون، جڏهن ته اصل ضرورت انهن سببن کي سمجهڻ جي آهي، جيڪي هن مسلسل بدامني کي جنم ڏئي رهيا آهن. جيستائين بيماريءَ جي صحيح سڃاڻپ نه ٿيندي، علاج اثرائتو نٿو ٿي سگهي.

تازن حملن ۾ هڪ نجي بينڪ کي نشانو بڻائڻ محض اتفاق ناهي. اهو هڪ سوچيل سمجهيل بيانيي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد رياستي نظام، معيشت ۽ عوام جي اعتماد کي ڪمزور ڪرڻ آهي. سوال اهو آهي ته ڇا بلوچستان جي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا عوام جي ذهني تياري ڪري رهيا آهن؟ ڇا ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته هي جنگ سندن پنهنجي بقا جي جنگ آهي؟ جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته پوءِ هر عسڪري ڪاميابي عارضي ثابت ٿيندي، ڇو ته زمانو بدلجي چڪو آهي، ۽ هاڻي جنگون رڳو بندوق سان نه، پر بيانيي سان به وڙهيون وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ رڳو طاقت ذريعي مسئلا حل ڪرڻ بدران، سنجيده ۽ وسيع تر ڊائلاگ جي ضرورت آهي. ان جو بلڪل به اهو مطلب ناهي ته رياست بليڪ ميل ٿئي يا پنهنجي رِٽ تان هٿ کڻي. ڊائلاگ اعليٰ ظرفيءَ جو تقاضو ڪري ٿو، ڪمزوريءَ جو نه. ماضي ۾ عام معافي جي نالي تي ڪيترن عنصرن کي آزاد ڪيو ويو، جيڪي پوءِ ٻيهر رياست لاءِ سورِ سر بڻيا. ان غلطيءَ کي ٻيهر ورجائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

هي به هڪ تلخ حقيقت آهي ته مختلف پابندي هيٺ آيل تنظيمون نظرياتي ۽ عملي طور هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. انهن جا رابطا، فنڊنگ جا ذريعا ۽ سرپرست اڪثر ساڳيا هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ مسئلي کي ٽڪرن ۾ ورهائي ڏسڻ دانائي ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ جامع قومي مڪالمو شروع ڪيو وڃي. ان ئي پسمنظر ۾ هڪ آل پاڪستان ڪانفرنس جي سخت ضرورت آهي، جنهن ۾ سڀني سياسي جماعتن، پارلياماني قوتن، قبائلي عمائدين، دانشورن ۽ حتيٰ انهن گروهن جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي، جن تي پابندي لڳائي وئي آهي. تاريخ شاهد آهي ته پابنديون مسئلن جو حل ناهن ٿينديون، پر مڪالمو ئي اهو رستو آهي، جنهن سان بند گهٽيون کلي سگهن ٿيون.

يورپ جو مثال اسان جي سامهون آهي. ٻي عالمي جنگ دوران جرمني يورپ کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو، پر پوءِ ساڳيا دشمن ملڪ ڳالهين، مفاهمت ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي گڏ ٿي ويا. اڄ ٻه درجن کان وڌيڪ ملڪ هڪ ٻئي جي مفادن جو خيال رکندي هڪ ئي پليٽ فارم تي بيٺل آهن. جيڪڏهن اهي ائين ڪري سگهن ٿا، ته هڪ ئي ملڪ جا رهواسي پاڻ ۾ ڇو نٿا ويهي سگهن؟ هڪ استاد جو مثال به اسان جي سامهون آهي. جنهن استاد جي دل سان عزت ڪيون ٿا، ان جي سختي به قبول ڪريون ٿا ۽ ان جي ڳالهه جو اثر به وٺون ٿا. ان جي ابتڙ، جيڪو هيڊ ماستر پي ٽي ماسٽرن وسيلي ڪلاس ۾ نظم قائم ڪرڻ چاهي، اهو نه بهتر نتيجا ڏئي سگهي ٿو ۽ نه ئي بهتر انسان تيار ڪري سگهي ٿو. بلوچستان جي مسئلي جو حل به انهيءَ اصول ۾ لڪل آهي.

بلوچستان کي دهشتگرديءَ جي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ آپريشن ضرور ڪيو وڃي، پر ان سان گڏوگڏ يڪجهتي، اعتمادسازي ۽ وسيع پيماني تي قومي ڊائلاگ به لازمي آهي. جيستائين بلوچستان کي دل سان نه لڳايو ويندو، ان جي زخمن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي، ۽ ان کي قومي ڌارا  ۾ باعزت شريڪ نه بڻايو ويندو، تيستائين امن رڳو هڪ خواب ئي رهندو.

. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ جامع قومي مڪالمو شروع ڪيو وڃي. ان ئي پسمنظر ۾ هڪ آل پاڪستان ڪانفرنس جي سخت ضرورت آهي، جنهن ۾ سڀني سياسي جماعتن، پارلياماني قوتن، قبائلي عمائدين، دانشورن ۽ حتيٰ انهن گروهن جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي، جن تي پابندي لڳائي وئي آهي. تاريخ شاهد آهي ته پابنديون مسئلن جو حل ناهن ٿينديون، پر مڪالمو ئي اهو رستو آهي، جنهن سان بند گهٽيون کلي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.