وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي وچ ۾ ملاقات ٿي. هن ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي ۽ متاثر ماڻهن جي امداد بابت معاملن تي غور ڪيو ويو. هن حد تائين ته اهو هڪ خوش آئيند قدم آهي، جو قومي حڪومت ۽ تحريڪِ انصاف وچ ۾ برف ڳرڻ جا ڪجهه آثار نظر آيا آهن، پر مجموعي سياسي ماحول ۾ هن بهار جهڙي ڪڙي جي ڪا عملي صورت نظر نٿي اچي. ٻي ڳالهه اها به آهي ته وزيراعليٰ سهيل آفريدي ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سياسي ڇڪتاڻ گهٽجڻ جي سڀني اميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو. هن اهو چئي ڇڏيو ته هو پنهنجي عهدي جي مجبوريءَ سبب هن ملاقات لاءِ آيا هئا، نه ته هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان هو ڪڏهن به وزيراعظم سان نه ملن ها. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هو اڃا تائين سياسي مکالمو ۽ رابطن کان انڪار ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ بي يقيني ۽ ذهني پريشاني ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. ملاقات بابت سهيل آفريدي واضح طور چيو ته هن وفاق کان صوبي جي حصي جا وسيلا جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران وزيراعظم خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي قيام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي سهڪار کي لازمي قرار ڏنو ۽ چيو ته امن امان جي بهتري لاءِ صوبائي حڪومت کي پنهنجي ڪوششن ۾ واڌ ڪرڻي پوندي. بيان موجب اين ايف سي ايوارڊ تحت امن امان بابت صوبن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، ۽ خيبر پختونخوا حڪومت کي ان جو ادراڪ هئڻ گهرجي.
ڌرين مان ڪنهن به هن معاملي تي کليل ۽ واضع موقف اختيار نه ڪيو، پر سهيل آفريدي جي ميڊيا ٽاڪ ۽ وزيراعظم هائوس جي بيان جي وچين سٽن مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته خيبر پختونخوا حڪومت بغير ڪنهن شرط جي وفاق کان پنهنجي حصي جا فنڊ گهري رهي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف انهن کي ڪنهن حد تائين امن امان جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. قانوني حيثيت بابت ته آئين ۽ قانون جا ماهر ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته وفاق موجوده آئيني گهرجن تحت صوبن ۾ وسيلن جي استعمال تي ڪيتري حد تائين ڪنٽرول جو حق رکي ٿو، پر اها ڳالهه واضع آهي ته جڏهن ڪنهن صوبي جي حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ سياسي هم آهنگي نه هجي ته ٻنهي طرفن کان اهم اصول نظرانداز ٿيندا آهن.
خيبر پختونخوا جي معاملي ۾ اها صورتحال ڪافي وقت کان ڳڻتي جوڳي آهي. تحريڪِ انصاف ۽ ڪي پي حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان خلاف ڪارروائي کي غلط سمجهن ٿيون ۽ وفاق ۽ فوج تي زور ڏين ٿيون ته عسڪري ڪارروائي بدران ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي ۽ صوبائي قيادت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. جڏهن ته عسڪري قيادت جا ترجمان ۽ وفاقي حڪومت جا نمائندا هن موقف سان متفق ناهن. دهشتگردي خلاف “هارڊ اسٽيٽ” يعني عدم برداشت (نو ٽالرنس) جي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. رياست جو چوڻ آهي ته دهشتگرد عنصرن ۽ معصوم شهرين کي قتل ڪندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي.
بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازين ڪاررواين جي تناظر ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ وفاقي وزيرن سرڪاري پاليسي واضع ڪندي چيو آهي ته نه دهشتگردن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ نه ئي کين ڪا رعايت ڏني ويندي. اهڙي ماحول ۾ خيبر پختونخوا حڪومت يا تحريڪِ انصاف طرفان دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن يا افغانستان بابت نرميءَ واري پاليسي جا اشارا قومي يڪجهتي لاءِ نقصانڪار بڻجي رهيا آهن. البت وزيراعظم ۽ خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ جي ملاقات کان پوءِ سهيل آفريدي صاف لفظن ۾ بلوچستان ۾ ٿيل تازين دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿي ڪري سگهجي. پر تحريڪِ انصاف يا ڪي پي حڪومت اها ئي پاليسي پنهنجي صوبي ۾ اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي، جيڪا هن وقت وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ تڪرار جي وڏي وجهه بڻيل آهي. ڪنهن حد تائين تحريڪِ انصاف خيبر پختونخوا ۾ اقتدار کي پنهنجن ٻين سياسي مطالبن کي مڃرائڻ لاءِ دٻاءَ جي اوزار طور استعمال ڪندي نظر اچي ٿي. ان جو اظهار اڄ سينيٽ ۾ تحريڪِ انصاف جي نمائندن جي بيانن مان به ٿيو. انهن چيو ته دهشتگردي ختم ٿيڻ گهرجي، پر صرف عسڪري ڪارروائي ان جو حل ناهي، سياسي ڳالهين جو دروازو به کليل رهڻ گهرجي.
تحريڪِ انصاف جي نمائندن اهو به چيو ته هو موجوده پارليامينٽ کي عوام جي حقيقي نمائنده نٿا سمجهن، ۽ سندن خيال ۾ تحريڪِ انصاف ئي عوام جي اصل سياسي نمائندگي ڪري ٿي. ان کي گڏ نه کنيو ويو ته حڪومت جي ڪا به پاليسي ڪامياب نه ٿيندي. انهن ڳالهين جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ ڳالهين ۽ سهڪار لاءِ ته تيار آهي، پر ان جي بدلي ۾ اهڙا مطالبا رکي ٿي، جيڪي موجوده حڪومت لاءِ مڃڻ ڏکيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ پوري قوم آڏو هڪ ئي سوال بيٺو آهي: ڇا ڪو وچولو رستو ڳولي نٿو سگهجي، جنهن سان ملڪ موجوده سياسي بحران مان ٻاهر نڪري سگهي ۽ خطي سميت سڄي دنيا ۾ بدلجندڙ سياسي، حڪمتِ عملي ۽ معاشي حالتن ۾ پاڻ کي بهتر نموني سان بيهاري سگهي؟ اهو سمجهڻ يا چوڻ سادگي هوندي ته ملڪ جي هڪ وڏي سياسي قوت کي الڳ ڪري ملڪ جي سياسي، سفارتي يا معاشي رخ جو تعين ڪري سگهجي ٿو.
گذريل هڪ سال دوران ڏٺو ويو آهي ته سخت قدمن جي باوجود ملڪ ۾ سياسي بي چيني موجود رهي آهي. جلسن جلوسن تي پابندين ۽ لکڻ پڙهڻ تي قدغنن باوجود ناراضگي ۽ موجوده سيٽ اپ خلاف ردعمل ظاهر ٿيندو رهيو آهي. هن وقت اهڙو ڪو امڪان به نظر نٿو اچي ته زور زبردستيءَ سان هي رويو تبديل ٿي ويندو. بلڪه اهڙا ماڻهو به حڪومت جي مخالفت ۾ بيهي سگهن ٿا، جيڪي ظاهري طور تحريڪِ انصاف جي حڪمتِ عملي سان متفق ناهن.
اهڙي ماحول ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ صرف تحريڪِ انصاف کان نرميءَ جو مطالبو ڪرڻ به درست ناهي، ڇو ته اصل اختيار رياست ۽ حڪمرانن وٽ آهي. انهن کي ڪجهه لچڪ ڏيکارڻي پوندي، تڏهن ئي سياسي ڳنڍون کولجڻ جو امڪان پيدا ٿيندو. وزيراعظم جي سهيل آفريدي سان ملاقات اهڙو موقعو ٿي سگهي ٿي، جيڪو مفاهمت ۽ سهڪار جو رستو کولي سگهي ها، پر سهيل آفريدي جي بيانن مان لڳي ٿو ته بي اعتمادي اڃا تائين برقرار آهي، ۽ وفاق ۽ خيبر پختونخوا حڪومت يا تحريڪِ انصاف پنهنجي موقف تان هڪ قدم به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهن. ان جو هڪ سبب اهو به نظر اچي ٿو ته وفاقي حڪومت ملاقات کان اڳ نه ته ڪو هوم ورڪ ڪيو ۽ نه ئي اهڙو ايجنڊا تيار ڪيو ويو، جنهن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اتفاقِ راءِ ڏانهن وڌي سگهن. وزيراعظم هائوس جي بيان مان لڳي ٿو ته عام ۽ غير واضع ڳالهيون ڪيون ويون، جن تي اتفاق يا اختلاف جو عملي ڪو فرق نٿو پوي. مثال طور سهيل آفريدي اهو ڇو چوندا ته هو وفاق سان سهڪار نه ڪندا، جڏهن ته هو وزيراعظم جي دعوت تي ملي آيا ۽ پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪئي. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن وزيراعظم صوبي جي مالي معاملن بابت ڪو واضح ورڪ پيپر تيار ڪري، وسيلن جي فراهميءَ جو ٺوس منصوبو پيش ڪن ها ته صوبائي حڪومت جي سربراهه کي به خبر هجي ها ته ان کي رد ڪرڻ سان ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ ڪجهه سياسي معاملن تي به رعايت ڏني وڃي ها، جن سبب سهيل آفريدي هر هفتي اڊياله يا اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.
اهو صحيح آهي ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ ۾ تحريڪِ انصاف لاءِ ڪا خاص همدردي ناهي، پر اهو تاثر به گمراهه ڪندڙ هوندو ته اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي سياسي عمل ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ان جي سڄي ذميواري سياسي حڪمرانن تي عائد ٿئي ٿي. جيڪڏهن اهي چاهين ته سياسي جمود ٽوڙڻ جو رستو ڪڍي سگهجي ٿو. پر موجوده حڪومت لاءِ پنهنجي سياسي مستقبل جي حوالي سان ملڪ ۾ هڪ سرگرم سياسي نظام کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوَ هيٺ رهڻ قبول آهي. ان رويي سبب تحريڪِ انصاف لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون پيون وڃن. ٻي پاسي پي ٽي آءِ جو احتجاجي انداز حڪومت کي وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو موقعو ڏئي ٿو. پر اهي سياسي هٿڪنڊا وسيع تر قومي مفاد ۽ موجوده عالمي ۽ علائقائي حالتن ۾ ملڪ جي سلامتيءَ جي نقطه نظر کان انتهائي نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا.