آپگهات جا وَڌندڙ واقعا، سبب ۽ حل

تحرير: عامر انصاري‎

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ آپگهات جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اُن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪي قومون غلامي ۽ استحصال جو شڪار آهن، اُتي بُکَ، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ سان گڏ نفسياتي بيماريون پڻ جنم وٺن ٿيون، جنهن ڪري آپگهات جي واقعن ۾ اضافو ٿئي ٿو.

تازو ئي ٿر مان رپورٽ ٿيو آهي ته ڇهن مهينن دوران 32 عورتن ۽ 33 مردن يعني 65 ماڻهن آپگهات ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ هر روز اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا، جَن ۾ خاص طور تي نوجوان پَنهنجي خوبصورت زندگين جو ڏيئو گُل ڪري ڇڏين ٿا، ۽ پوءِ اسان جهڙن ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ اچيو وڃن. صحت جي عالمي اداري جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ هر سال 8 لک ماڻهو خودڪشي ڪندا آهن، ۽ سڀ کان وڌيڪ خودڪشي ڪندڙ گهٽ آمدني وارن ۽ هيٺين طبقي جي پيڙهيل طبقن جا هوندا آهن. خودڪشي ڪندڙن ۾ 15 کان 19 ورهين جي عمر وارا نوجوان وڌيڪ آهن ۽ وڏي ڳالهه ته خودڪشي ڪندڙن ۾ مردن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. خودڪشي ڪندڙ هر ماڻهو وٽ پَنهنجو ذاتي سبب هوندو آهي، پر جيڪا ڳالهه هر خودڪشي ۾ هڪجهڙي هوندي آهي، اُها آهي بيوسي، انسان اهڙي بند رستي تي هوندو آهي، جتي هن کي مرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه ملندو آهي. ايمل درخيم هڪ فرينچ سوشيالاجسٽ هو، جنهن پهريون ڀيرو خودڪشي تي تحقيق ڪئي ۽ اُن تي ڪتاب لکيو. هُن خودڪشي جا چار قسم ڄاڻايا آهن:

(1) انا پرستي (Egoistic):

سماجي اڪيلائپ جي ڪري ڪيل خودڪشي. ارسطو چواڻي انسان هڪ سماجي جانور آهي، اُهو اڪيلو نٿو رهي سگهي، پر ڪجهه ماڻهو جڏهن پاڻ پرستي ۾ اچي ٻين کان پاڻ کي مٿانهون سمجهي دوستن، مٽن مائٽن کان الڳ ٿلڳ رهڻ چاهيندو آهي ته دراصل هو پَنهنجي اُن سماجي پاڙ کي کوٽي رهيو هوندو آهي، جيڪا اُن کي زندگي جي طوفانن ۾ مضبوط جهلي بيهي سگهي ٿي. سماجي ڳانڍاپن کان بلڪل ٽوڙي پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو هڪ نتيجو خودڪشي به ٿي سگهي ٿو.

(2) اڻ ارپڻ (Altruistic):

هِن قسم جي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو مٿين قسم جي ماڻهن کان بلڪل ابتڙ پاڻ مٽائڻ ۽ ٻين لاءِ زندگي ارپڻ جي انتها تي هوندا آهن، اُنهن وٽ پَنهنجي ذات سماج جي اڳيان ڪابه حيثيت نه رکندي آهي. اهڙن ماڻهن ۾ خودڪش حملا ڪندڙ ۽ وطن ۽ قوم لاءِ پنهنجي زندگي ارپيندڙ ماڻهو شامل آهن. ڪي ماڻهو پَنهنجي خاندان جي ڪري، ڪو ماڻهو پَنهنجي پيار جي ڪري ٻين کي تڪليف پهچڻ جو سبب ٿيڻ جي ڪري خودڪشي ڪندا آهن.

(3) مايوسي (Fatalistic):

جڏهن سماج هڪ ماڻهو تي گهڻن ئي اُميدن جو بار رکي، ۽ اُن مان سماجي، معاشي ۽ جذباتي هر طرح جو بار کڻڻ جي اُميد رکي وڃي ۽ انسان اُهو سڀ پورو نه ڪري سگهي يا اُهي اُميدون پُوريون ڪندي ڪندي بيزار ٿي وڃي ته نتيجي ۾ اُهو مايوس ٿي خودڪشي ڪندو آهي.

(4) مونجهارو (Anomic):

هي هڪ سماجي بي قاعدگي جو قسم آهي، جنهن ۾ مروجهه رسم و رواج ۽ ضابطه روزمره جي زندگي جي عملن سان ٽڪراءُ ۾ هُجن ٿا. مثال طور: جائز طريقي سان پئسا ڪمائڻ، سچ ڳالهائڻ، سماجي ضابطا ۽ اصول ته آهن، پر عملي طور تي دنيا اُن جي مخالفت ۾ عمل ڪري ٿي، ۽ نه صرف عمل ڪري ٿي، بلڪه لڪل طور تي اُن جي تعريف ۽ همت افزائي به ڪري ٿي ته انسان صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ مُنجهي پوي ٿو، ۽ اُهو مونجهارو به انسان جي خودڪشي ڏانهن سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.

خودڪشي جا سبب:

اَسان جي ماحول ۾ چوگرد ڪيئي مسئلا آهن، جنهن ڪري انسان ذھني ڊپريشن يا ڳڻتي جو شڪار ٿئي ٿو، پر اَسان وٽ ذھني ڊپريشن جي متعلق ڳالهائڻ ممنوعه سمجهيو وڃي ٿو. ذھني ڊپريشن يا پريشاني جون ڳالهيون ڪندڙ کي سڌو سنئون چرين واريون ڳالهيون چوڻ ڪنهن به ماڻهو جي حوصلا شڪني لاءِ ڪافي آهن، خودڪشي ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ واري کي بزدل، ايمان ڪمزور يا گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي ڪري خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو ڪنهن کان مدد به نه وٺي سگهندو آهي ۽ انتهائي قدم کڻڻ تائين ڪنهن کي خبر نه پوڻ ڏيندو آهي.

خودڪشي جا سبب مردن ۾:

گهڻو ڪري مردن جي ننڍي هوندي کان تربيت ٿيندي آهي ته ڪنهن به تڪليف ۽ ڏک تي پنهنجي جذباتن جو اظهار نه ڪجي، اُها تڪليف برداشت ڪجي، پَنهنجي تڪليف يا پريشاني جو اظهار مرد لاءِ ڪمزوري ۽ بزدلي جي نشاني سمجهيو ويندو آهي، جنهن ڪري جڏهن ڪجهه مسئلن کي حل نه ڪري سگهندو آهي ته اُن جو اظهار ڪرڻ يا مدد وٺڻ جي بدران خودڪشي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. مرد تي معاشي بار گهڻو هوندو آهي، اُن کي پنهنجي ماءُ پيءُ، ڀيڻن ڀائرن، گهرواري اولاد سڀني جو خرچ کڻڻو پوندو آهي. معاشي اڻ برابري جي ڪري محنت، آمدني ۽ خرچ جو فرق ختم نه ڪري سگهندو آهي، جڏهن اُهو سَڄو ڏِينھُن محنت باوجود ايترو ناهي ڪري سگهندو جو گهر هلائي سگهي ته نتيجي ۾ خودڪشي جو سوچيندو آهي، اڪثر ڪري گهرن ۾ هوند اڻهوند ۾ به ڇوڪرن جون خواهشون پوريون ڪيون وينديون آهن، جنهن ڪري هِن ۾ خود غرضي جي سوچ به پيدا ٿيندي آهي. اڪثر ڇوڪرا ننڍيون ننڍيون خواهشون پوريون نه ٿيڻ تي گهروارن کي ڌمڪيون به ڏيندا آهن، ۽ اڪثر ناداني ۾ اُن تي عمل به ڪري ويهندا آهن.

عورتن ۾ خودڪشي جا سبب:

اڪثر عورتن ۾ خودڪشي جو سبب انتهائي هوندو آهي، سڀ کان وڏو سبب ذهني ۽ جنسي تشدد ۽ زبردستي هوندو آهي. شادي شده عورت تي ساهرن ۽ مڙس جي طرفان رسڻ، ٽائيم نه ڏيڻ، تشدد، زبردستي واري شادي، اُن کان علاوه غربت ۽ بُکَ ۾ ٻارن کي نه ڏسي سگهڻ جي ڪري اجتماعي خودڪشي به عورت جي طرفان گهڻو ڪري ٿيندي آهي. جنهن ڪري هوءَ پَنهنجي ٻارن سميت پَنهنجي زندگي جو انت آڻيندي آهي.

خودڪشي کي روڪڻ لاءِ قدم:

جڏهن به ڪو ماڻهو مايوسي جون ڳالهيون ڪري، يا پاڻ مارڻ جون ڳالهيون ڪري ته اُن تي ٺٺول نه ڪجي، نه ٽوڪ ڪجي، ۽ نه ڪاوڙ ڪجي، پر اُن موضوع تي اُن سان سنجيدگي سان ويهي ڳالهائجي، ڇاڪاڻ ته اڪثر ائين ٿيندو آهي ته خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو اڪثر اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي يا اڻ سڌي طرح مشورو يا مدد گهري رهيو هوندو آهي ۽ اُن موضوع تي ڳالهائڻ چاهيندو آهي، سو اهڙي رويي ۽ اهڙي گفتگو کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.

خودڪشي لاءِ استعمال ٿيندڙ شين کي پري رکڻ يا حفاظت ڪرڻ:

اڪثر ڪري ڳوٺن ۾ عورتون زرعي زهر واريون دوائون پي خودڪشيون ڪن ٿيون يا وري ڪارو پٿر کائي خودڪشي ڪنديون آهن. مرد اڪثر ڪري پسٽل سان يا وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو ڏيڻ ذريعي خودڪشي ڪن ٿا. اهڙين شين تي نظر رکڻ ۽ خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو کان پري رکڻ ۽ اُن کي اڪيلو نه ڇڏڻ به هڪ وقتي بچاءُ ٿي سگهي ٿو.

نفسياتي ماهر ۽ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ:

اَسان مان هر ڪو نفسياتي ماهر ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي، پر اُها حقيقت آهي ته جيئن ڪنهن به جسماني بيماري جي صورت ۾ اَسان ڊاڪٽر کي ڏيکاريندا آهيون، ائين ذهني مونجهارن کي به ڊاڪٽر ئي بهتر سمجهي ۽ حل ڪري سگهي ٿو. اُن ڪري اهڙن مشڪوڪ مريضن کي ڪنهن به نفسياتي ماهر تائين جلدي رسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

تعليمي ادارن ۾ ماهر ڪائونسلر جو هجڻ:

هر عمر جي حساب سان مختلف ذهني مونجهارا ۽ مسئلا به ٿي سگهن ٿا، جن کي صرف هڪ ماهر ئي سمجهي سگهي ٿو، اَسان وٽ ته نفسياتي علاج جي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، جنهن ڪري ڪافي ماڻهو اُتي پهچ نٿا رکي سگهن. ضروري آهي ته هر اسڪول ۾ نفسياتي ڊپلومه ڪيل ڪائونسلر يا استادن ۽ هيلٿ ورڪرن کي پڻ اهڙي ٽريننگ ڏياري وڃي جو اهي اسڪول ۾ اهڙن ٻارن جي رهنمائي ڪري سگهن، جيڪي ڪنهن ذهني مونجهاري جو شڪار هجن.

اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪومت کي گهرجي ته اُن ڳنڀير صُورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. پاليسي سازي جي ذريعي تمام اسپتالن ۾ ذهني صحت جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. 24 ڪلاڪن جي مفت هيلپ لائين سان گڏوگڏ هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ذهني صحت سان لاڳاپيل معاشرتي بدنامي جي خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي، جيڪڏهن حڪومت قانوني سهڪار جي ذريعي معاشي پروگرامن جي فراهمي کي يقيني بڻائي ته معاشري مان اُن مسئلي جو خاتمو ممڪن آهي- اُن لاءِ ضروري آهي ته جيستائين اَسان جي معاشري مان غربت ۽ ناانصافي ختم نه ٿيندي، تيستائين خودڪشيءَ جا سبب به جنم وٺندا رهندا، ۽ جيڪڏهن اُن معاملي بابت ڳوڙهو غور ويچار ڪجي ته ڪنهن به قوم ۾ نوجوان اهڙو طبقو هوندا آهن، جيڪي وڏي سياسي سماجي تبديلي ۽ انقلاب جو سبب بڻجي ويندا آهن. سنڌ جي نوجوانن کي به زندگيءَ جي ڀرپوريت ڏانهن واپس اچڻ گهرجي، ۽ پَنهنجي ديس، وطن ۽ سماج لاءِ اهڙو ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جو هر جيون ۾ خوشيون اچي وڃن، ۽ پوءِ خودڪشين جو تصور ئي ختم ٿي وڃي.!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.