دنيا جي مختلف خطن ۾ ڪئين ريڊيائي صحافي پنھنجي نرالي ڪم جي ڪري مشھور ٿيا هوندا، پر ننڍي کنڊ ۾ خاص ڪري پاڪستان ۾ مارڪ ٽليءَ کي جيڪا هر خاص ۽ عام ۾ شناخت ۽ شھرت ملي، ان جو مثال ٻئي ڪنھن به پرڏيھي صحافيءَ جي حوالي سان نٿو ملي، جنھن کي ايتري سُڃاڻ ملي هجي. جنھن جو سبب ان جو ان خاص عرصي دؤران، انھن مخصوص سياسي حالتن ۾ عوام تائين اهي خبرون پھچائڻ هو، جيڪي ٻڌڻ لاءِ هُو آتا هئا ۽ اهي خبرون تڏھن ٻئي ڪنھن به ذريعي سان انھن تائين نه ٿي پھچي سگهيون. اهو زمانو هو 1977ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو هڪ آمر پاران تختو اونڌو ٿيڻ کان وٺي 4 اپريل 1979ع تي هڪ عدالتي قتل رستي سندس دار تائين پھچڻ ۽ ان کانپوءِ واري عرصي وارو، جڏھن هڪ ڊگهي مُدي تائين عوام پاران ان المناڪ سانحي جو ردِ عمل پئي آيو. پاڪستان ۾ هڪ سرڪاري ٽي وي ۽ هڪ سرڪاري ريڊيو هو، جيڪو وقت جي آمرَ جا قصيدا پڙھڻ ۾ مصروف هو ۽ ان تان هن سڄي صورتحال جي ”اصل رُوداد“ عوام تائين پھچڻ جي ڪا اميد ئي نه هئي. تڏھن هر گهر ۾ رات جو ساڍي اٺين لڳي ريڊيي تي ٻُڌجندڙ، BBC لنڊن تان نشر ٿيندڙ پروگرام ”سيربين“ جي اها مخصوص سگنيچر ڌُن ئي هئي، جنھن جو هر گهر جا وڏا ننڍا انتظار ڪندا هئا، ته اها ٻڌڻ کانپوءِ پاڪستان جو سماچار ٻڌجي، ته سندن محبوب ليڊر کي وقت جو سفاڪ آمر، عالمي زور آڏو آڻ مڃي بخشيندو، يا ”پنھنجي مرشد“ جي ڏسيل منصوبي تحت بي گناهه مارائيندو. ان زماني ۾ جڏهن ڪراچيءَ کان ڪشمير تائين ٻُڌندڙَ ساھه روڪي ’بي بي سيءَ‘ جي اردُو سروس جون خبرون ٻُڌندا هئا، تڏهن سرزمين تان اڪثر اهو ڪلڪتي ڄائو گورو رپورٽر ’مارڪ ٽلي‘ ئي هو، جيڪو ڀُٽي صاحب جي ان قتل کان اڳ ۽ پوءِ واري پيرائتي صورتحال کان هن خطي جي سامعين کي آگاھه ڪندو هو. تنھنڪري ئي کيس هتان جو هر خاص و عام چڱيءَ طرح سُڃاڻندو هو. مان سمجهان ٿو، پنھنجين سمورين سياسي غلطين ۽ خامين جي باوجود، جيڪا عوامي موٽَ، محبت ۽ همدري، شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ملي، سا اڄ تائين ڪنھن به ٻئي اڳواڻ جي حصي ۾ ناهي آئي. بالڪل ان ئي طرح هن خطي ۾ عوام جي جيڪا ڌڪارَ، ڪرڀَ ۽ نفرتَ، جنرل ضياءَ جي ڀاڱي ۾ آئي، ان جو به مثال نٿو ملي، ڇاڪاڻ ته وقت کيس ظلم ۽ بدسُوڻيءَ جو استعارو بڻائي ڇڏيو ۽ سندس مؤت جي خبر کي جشن جو باعث بڻائي ڇڏيو. بالڪل ان ئي طرح مارڪ ٽلي به ان ڳنڀير سياسي صورتحال ۾ ويساھه جو استعارو بڻجي ويو ۽ سندس ڪيل رپورٽنگ جي ساک مثالي بڻجي وئي، جيڪا هن خطي ۾ بذاتِ خود ’بي بي سيءَ‘ جي ساک ۽ اڻ ڌرئي صحافتي ڪردار ٺاهڻ ۾ به ڪارفرما رهي.
بلڪه مارڪ ٽلِي ته ڪئين مقامي چوڻين جو استعارو به بڻجي، سنڌ جي اوطاقن ۽ هوٽلن تي ويٺلن جي گفتگوءَ جو موضوع بڻجي ويو. اهو اٻوجهه پاڪستاني عوام، جنھن کي خود ذوالفقار علي ڀُٽي اهو سياسي شعور ڏنو، جو چانھه جي ننڍين ننڍين عوامي هوٽلن، سيلونن، درزين جي دوڪانن ۽ ٻين پبلڪ جاين تي اخبار پڙهجڻ لڳي ۽ سياست هر خاص و عام جي شعور آهر تبصري هيٺ اچڻ لڳي. اتي ئي ماڻهو مختلف طريقن سان مارڪ ٽليءَ جو حوالو ڏيڻ لڳا. ڪي خبر جي ساک جي حوالي سان ڪنھن کي اهو چوڻ لڳا ته: ”اڙي! تون ڪھڙو مارڪ ٽلي آهين!“ (جو تنھنجي ڳالھه تي اعتبار ڪيو وڃي! يا تُنھنجي ڳالهه سچي هجڻ جي ساک هجي!) ڪن گهڻو ڳالهائڻ وارن کي مارڪ ٽليءَ سان تشبيھه ڏيندي چيو: ”ماٺ ڪر هاڻي مارڪ ٽلي…!“ ڪن وري هِتي هُتي رُلندڙ کي مارڪ ٽليءَ سان تشبيھه ڏني ته ”مارڪ ٽليءَ وانگر رُلي مُئو آهين!“ ڇاڪاڻ ته هُو هنڌين ماڳين وڃي رپورٽنگ ڪرڻ جي حوالي سان مشھُور هو.
سر مارڪ ٽلي، 24 آڪٽوبر 1935ع تي ڪلڪتي ۾ هڪ برطانوي واپاريءَ جي گهر پيدا ٿيو. سندس والد گڏيل هندوستان ۾ اچي هڪ بنگالڻ سان پرڻيو. مارڪ ٽليءَ جا ناناڻا به ڪيترين ئي پيڙھين کان هندوستان ۾ واپار ڪندا ھئا. سندس پرورش هڪ انگريز دائيءَ ڪئي. هندوستان ۾ پرورش سبب هندي ــ اردو ڳالهه ٻولهه سندس پرورش جو حصو بڻجي وئي ۽ هو وڏو ٿيندي ٿيندي سٺي هندي ــ اردو روانيءَ سان ڳالهائڻ لڳو. سندس ٻالجتيءَ جا پھريان 9 سال هندوستان ۾ گذريا. چئن سالن جي ڄمار ۾ کيس ڊارجيلنگ جي ’برٽس بورڊنگ اسڪول‘ پڙھڻ لاءِ موڪليو ويو. 9 سالن جي عمر ۾ کيس وڌيڪ تعليم لاءِ برطانيه اماڻيو ويو، جتي هن ’ٽويفورڊ اسڪول‘ ۽ ’ٽرنٽي هال ڪئمبرج‘ مان تعليم حاصل ڪئي. ٻين عالمي جنگ کان ستت پوءِ هن ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ ۽ مذھب جي تعليم حاصل ڪئي. ڪئمبرج کانپوءِ، ٽليءَ ’چرچ آف انگلنڊ‘ ۾ پادري ٿيڻ جو ارادو ڪيو، پر ’لنڪن ٿيولوجيڪل ڪاليج‘ ۾ ٻه ٽرمز پڙھڻ کانپوءِ هن اهو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ’برٽش براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن‘ (BBC) ريڊيو ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. کيس 1965ع ۾ ’انتظامي معاون‘ طور هندوستان موڪليو ويو، پر وقت گذرڻ سان گڏ هن رپورٽنگ به شروع ڪري ڇڏي. انگريزي توڙي هندي ــ اردوءَ ۾ پنھنجي ڳالهائڻ جي غير معمولي انداز ۽ هندوستان سان سندس پئدائشي تعلق سبب اتان جي ثقافت ۽ سماج سان آشنائيءَ کيس جلدي ترقيءَ جي نيُن منزلن تائين پھچايو ۽ هو ڀارت ۾ ’بي بي سيءَ‘ جو آواز سمجهيو وڃڻ لڳو. سندس شمار روانيءَ سان ھندي ڳالهائڻ وارن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن غير ملڪي صحافين ۾ ٿيڻ لڳو، جنھن سبب هو هند ۾ جلدي مقبول ٿي ويو. ڀارت ۾ غربت ۽ ذات پات جي ويڇن بابت اڻ ڌرئي رپورٽنگ سبب مقبول هي نرالو صحافي مذھبي رواداريءَ ۽ برداشت تي يقين رکندو هو. هڪ انٽرويُوءَ ۾ هن پاڻ ٻڌايو ته: ’ھِن ملڪ جي سيڪيولر ثقافت کي اھميت ڏيڻ، هر مذھب کي وڌڻ ويجهڻ جي اجازت ڏيڻ اهم آهي. اسان کي ھندو اڪثريت تي زور ڏئي، ان کي خطري ۾ نه وجهڻ گهرجي.“
مارڪ ٽليءَ کي BBCءَ تعينات ته ڀارت ۾ ڪيو، پر هُو خبر جي تلاش ۾ صرف هندوستان تائين محدود نه رھيو، پر پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن جو پڻ سفر ڪندو رھيو. کيس 1975ع ۾ ڀارت ۾ ايمرجنسي لڳڻ کانپوءِ تڏهوڪي ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ 24 ڪلاڪن جي نوٽيس تي ملڪ بدريءَ جو حڪم ڏئي ملڪ کان ٻاهر روانوڪري ڇڏيو هو، پر هو 18 مھينن کانپوءِ پنھنجي ديس ڀارت واپس آيو ۽ موٽي دهليءَ ۾ رھائش اختيار ڪيائين، جتي هن BBCءَ جي بيورو سربراهه طور 20 سال کان وڌيڪ عرصو گذاريو، جتي سندس ذميوارين ۾ نه رڳو ڀارت، پر ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن مان رپورٽنگ ڪرڻ پڻ شامل ھو. ٽليءَ، بنگلاديش ٺھڻ، پاڪستان ۾ فوجي حڪومت جي مختلف دؤرن جي عروج ۽ زوال، ذوالفقار علي ڀُٽي جي عدالتي سزا، سري لنڪا ۾ تامل ٽائيگرز جي بغاوت، ڀارت ۾ بابري مسجد جي شھادت ۽ افغانستان ۾ سوويت يونين جي حملي جھڙن اهم ۽ حساس سانحن دؤران به اڻ ڌُرئي مثالي رپورٽنگ ڪئي. کيس سندس صحافتي خدمتن جي مڃتا ۾ ڀارت جا ٻه اعليٰ ترين سول اعزازَ ’پدما شري‘ ۽ ’پدم ڀوشن‘ ڏنا ويا. 2002ع ۾ کيس غير معمولي صحافتي خدمتون انجام ڏيڻ تي برطانوي حڪومت پاران اتان جو اعليٰ ترين غير فوجي اعزاز ’نائٽ ھُڊ ايوارڊ‘ به ڏنو ويو.
مارڪ ٽليءَ جو پنھنجو چوڻ ھو ته ’جڏهن مون ڀارت ۾ صحافت شروع ڪئي ھئي، ته ٽيليويزن عام نه هئي ۽ ريڊيو رڳو حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ھو. ماڻهو چوندا ھئا ته آل انڊيا ريڊيو سرڪاري ريڊيو آھي. جيڪي ماڻهو مختلف نڪتهء نظر کان خبرون ٻڌڻ چاهيندا ھئا، اُھي BBC ٻُڌندا ھئا. مان BBCءَ سان سلهاڙجڻ سبب ئي مشھور ٿيس.‘ مارڪ ٽليءَ موجب سندس ڪيريئر جي سڀ کان بھترين اسٽوري ڪراچيءَ کان خيبر لڪَ تائين ريل گاڏيءَ جي سفر بابت ’بي بي سي‘ ٽي ويءَ لاءِ ٺاھيل هڪ فلم رپورٽ هئي. تن ڏينھن ۾ پشاور کان خيبر لڪ تائين تاريخي ريلوي لائين ڪيترن ئي سالن کان بند ھئي. پاڪستان ريلويز اُن کي ٻيھر بحال ڪيوته ٽليءَ ان جي رپورٽنگ ڪئي هئي.
ڊسمبر 1992ع ۾ مارڪ ٽليءَ کي اُن وقت ڏکئي صورتحال مان گذرڻو پيو، جڏهن ھندو ڪار سيوڪَ، تاريخي بابري مسجد کي شھيد ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا. مارڪ ٽلي به ڪجهه ٻين غير ملڪي صحافين سان گڏ اُتي رپورٽنگ لاءِ موجود ھو. ھندو انتھاپسند جماعت ’ويشوا ھندو پرشڌ‘ ان معاملي تي BBCءَ جي ڪوريج مان خوش نه ھئي. انڪري ان ھجوم ۾ شامل ڪجهه ماڻهو ٽليءَ تي مڇرجي پيا ۽ ’مارڪ ٽلي مرده باد‘ جا نعرا ھڻڻ لڳا ۽ کيس ڌمڪيون به ڏنائون. ڪار سيوڪن جي هڪ گروھه ’دشرٿ محل مندر‘ وٽ مارڪ ۽ ٻين صحافين کي گهيري ۾ وٺي ڳچ دير يرغمال بڻائي رکيو.
مارڪ ٽلي، جمالياتي طبيعت جو مالڪ هو ۽ بالي وڊ فلمن ڏسڻ جو به وڏو شوقين هو. امريش پوري، نصيرالدين شاھه ۽ سيف علي خان سندس پسنديده اداڪار هئا، جڏهن ته ’اومڪاره‘ ۽ ’تاري زمين پر‘ سندس پسنديده فلمون هيون. سندس خواھش هئي ته هو ڪنھن هندي فلم ۾ امريش پوريءَ سان گڏ اداڪاري ڪري، پوءِ ڀلي اهو ننڍڙو ڪردار ئي ڇو نه هجي! هن پنھنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ اهڙو اظھار ڪيو ته ان جي موٽ ۾ کيس امريش پوريءَ جي فون ڪال آئي، جنھن ٽليءَ کي چيو ته ”ٽلي صاحب، اوهانجي اها خواهش جلد پوري ٿيڻ واري آهي!“ پر افسوس! جو ان کان ستت پوءِ امريش پوريءَ جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ مارڪ جي اها خواھش پوري نه ٿي سگهي.
25 جنوري 2026ع تي هڪ ڏھاڪو گهٽ هڪ صدي جيئندڙ، مارڪ ٽليءَ 90 ورھن جي ڄمار ۾ دهليءَ ۾ آخري ساھَه کنيا، ته سندس لاڏاڻي سان دنيا بالخصوص ڏکڻ ايشيا جي براڊڪاسٽ صحافت جو هڪ دؤر پورو ٿيو. کيس پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيا جا ٻڌندڙَ ۽ سچي خبر جا متلاشي ڊگهي عرصي تائين ياد رکندا ۽ براڊڪاسٽ صحافت جا شاگرد سندس رپورٽنگ جي انداز مان ڪيتري عرصي تائين سکندا رهندا.