سوات(ويب ڊيسڪ) سوات ايڪسپريس وي تي اسماعيليه ويجهو تيز رفتار وين ۽ مسافر بس ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٿڏي تي تي ئي فوت ٿي ويا ، جڏهن ته حادثي ۾ 7 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن.
موٽروي پوليس موجب، حادثو تيز رفتار وين جي ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو. ٽڪر ايترو ته زوردار هو جو ٻنهي گاڏين کي سخت نقصان پهتو.
اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو.
اسپتال انتظاميا موجب، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
سوات ايڪسپريس وي تي وين ۽ بس ۾ خوفناڪ ٽڪر، 11 مسافر حياتيون وڃائي ويٺا