تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي تصديق ڪئي آهي ته جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا سان ڳالهيون جاري آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ شروعاتي فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ترجمان واضح ڪيو ته هن شروعاتي ايم او يو جو مقصد ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪنهن حتمي معاهدي جي ويجهو پهچڻ ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته في الحال پاڪستان وفد موڪلڻ جو ڪو به ارادو ناهي.
آبناءِ هرمز بابت سوالن جي جواب ۾ اسماعيل بقائي چيو ته آبناءِ هرمز وارو مامرو رڳو سامونڊي پٽي وارن ملڪن جو آهي ۽ هن فريم ورڪ ۾ هرمز بابت گهڻو ذڪر شامل ناهي.