سنڌ ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي، هيٽ ويو الرٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ گرميءَ جي شديد لهر سبب پارو 50 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ جي مٿئين فضا ۾ موجود هاءِ پريشر ايريا سڀاڻي کان وڌيڪ طاقتور ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهنڪري صوبي جي ڪيئي ضلعن ۾ 31 مئي تائين وچولي کان شديد گرميءَ جي لهر (هيٽ ويو) جي صورتحال برقرار رهي سگهي ٿي.
موسميات کاتي عوام، خاص طور تي ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته آبادگارن کي موسمي حالتن موجب فصلن ۽ مال متاع جي سنڀال جو مشورو ڏنو آهي.
موسميات کاتي موجب، سکر، لاڙڪاڻو، دادو سميت مختلف ضلعن ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
اهڙي ريت ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڄامشورو ۾ پارو 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هيٽ ويو دوران بجلي جي گهرج ۽ واهپي ۾ واڌ جو به امڪان آهي، جنهن سبب شهرين کي بجلي جي غير ضروري استعمال کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي ڪراچي ۾ سومر ۽ اڱاري تي گرمي پد 34 کان 36 ڊگري، جڏهن ته اڱاري تي 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ جي راڄڌاني ۾ ۾ سومر ۽ اڱاري تي ڏکڻ اولهه طرفان سامونڊي هوائون گُهلنديون رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.