ٽرمپ جو پاڪستان سميت هڙني مسلمان ملڪن کي ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو مطالبو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان، سعودي عرب، قطر، مصر، اردن ۽ ترڪي سميت سمورن مسلمان ملڪن کان ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ”ٽروٿ“ تي هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته سمورا مسلمان ملڪ ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪن. هن جو اهو به چوڻ هو ته سعودي عرب، قطر، پاڪستان، ترڪي، مصر ۽ ٻيا ملڪ ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪن.
آمريڪي صدر چيو ته ممڪن آهي ته هڪ يا ٻن ملڪن وٽ ابراهيمي معاهدي ۾ شامل نه ٿيڻ جو ڪو ڪارڻ هجي، ان کي قبول ڪيو ويندو.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ابراهيمي معاهدي تي صحيحن جي شروعات سعودي عرب ۽ قطر کان ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هوته ته ڇنڇر ڏينهن سعودي ولي عهد، اماراتي صدر، قطري امير، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڳالهه ٻول ٿي آهي.
آمريڪي صدر موجب، ترڪي ۽ مصر جي صدرن، اردن جي شاهه عبدالله ۽ بحرين جي شاهه سان به ان معاملا تي ويچار ونڊيا ويا آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران سان ڳالهيون سٺي انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، هي يا ته سڀني لاءِ هڪ عظيم معاهدو هوندو، يا پوءِ ڪو به معاهدو نه ٿيندو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران سان معاهدو نه ٿيو ته پوءِ جنگ ٿيندي، اڳي کان وڌيڪ وڏي ۽ طاقتور جنگ هوندي، ايران اسان سان معاهدي کانپوءِ جيڪڏهن ابراهيمي معاهدي تي صحيحون ڪري ٿو ته اهو اعزاز هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.