ڪرڪيٽ ۾ ملڪن جي سياست کي آڻڻ جي ذميوار پاڻ آءِ سي سي آهي

                 رپورٽن موجب پي سي بي جي  چيئرمين محسن نقوي جيڪو حڪومت ۾ گهرو وزير طور به شامل آهي تنهن وزيراعظم شهباز شريف  سان ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ۾ شريڪ ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏندو پر ٽورنامينٽ ۾ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏندو. ان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. هڪ بنگلاديش جي حوالي سان آءِ سي سي جو  جانبداراڻو فيصلو آهي جيڪو مک حيثيت رکي ٿو. پاڪستان حڪومت ان معاملي ۾ بنگلاديش سان ايڪتا جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿي. ان ملاقات ۾ اهو به ويچاريو ويو ته آءِ سي سي، هڪ ملڪ لاءِ   هڪڙو ۽ ٻئي ملڪ لاءِ ٻيو  معيار اختيار ڪندي آهي جيڪو عمل جانبداري تي ٻڌل هوندو آهي، تنهن ڪري پاڪستان احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

                 جيتوڻيڪ اسان پاڪستان جي حڪومت جي ان فيصلي سان متفق ناهيون ۽ پنهنجو خيال اهو آهي ته راندين ۾ ملڪن جي سياست کي ڌڪڻ درست ناهي. جيڪڏهن ڀارت، ڪرڪيٽ ۾ سياست کي آڻي غلط روايت وڌي آهي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته ڀارت جي غلط روايت جي  پاڪستان به پيروي ڪري پوءِ ڀلي اهو ردعمل هجي، احتجاج کي ريڪارڊ ڪرڻ هجي پر ايئن نه هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڀارت ملڪي سياست کي ڪرڪيٽ ۾ آندو آهي ته پاڪستان به اها غلطي ورجائي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته پاڪستان اهڙو احتجاج آءِ سي سي جي اجلاس ۾ ڀارت جي خلاف ڪري ها پر ڪرڪيٽ ۾ سڌو سنئون ملڪي سياست کي آڻڻ ۾  جيئن ڀارت غلط آهي ايئن ئي پاڪستان جي فيصلي کي به غلط قرار ڏنو ويندو.

جيستائين ڀارت جي ڪرڪيٽ ۾ سياست کي آڻڻ جو معاملو آهي ته اهو سڀ ڀارت جي موجوده انتهاپسند حڪمران جماعت بي جي پي حڪومت جي پاليسي آهي. جڏهن کان ڀارت ۾ انتها پسند جماعت بي جي پي جي حڪومت آئي آهي ته ان نه رڳو ڀارتي ملڪ کي انتها پسند بڻائي ڇڏيو آهي پر حيرت جي ڳالهه آهي ته ان ڪرڪيٽ ۾ به انتها پسند رويو آندو آهي. اها ڳالهه به ياد ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ ڀارت  وچ ۾ جنگي لاڳاپا ته ورهاڱي کان جاري آهن  ماضيءَ ۾ به ٻنهي ملڪن ۾ جنگيون لڳي چڪيون آهن پر انهن خراب جنگي لاڳاپن جو اثر ڪڏهن به ڪرڪيٽ يا ٻين سفارتي لاڳاپن تي نه پيو هو. موجوده وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت کان اڳ ته ٻنهي ملڪن جون زميني ۽ هوائي سرحدون به کليل  ئي هونديون هيون. ٻنهي ملڪن جا وزيراعظم به  هڪٻئي جي ملڪن جو دورو ڪندا هيا، ڪاروبار هلندو هو ۽ هر قسم جون سرگرميون هونديون  هيون، فنڪار ۽ اداڪار هڪٻئي جي ملڪن ڏانهن ايندا ويندا هيا، ڪرڪيٽ جون سيريزون هڪٻئي جي ملڪن ۾ ٿينديون هيون پر اهو سڀ انتهاپسند ڀارتي حڪومت بي جي پي جي انتهاپسند وزيراعظم نريندر مودي جي دور ۾ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو.

 جڏهن ته ٻئي پاسي پاڪستان آخري وقت تائين ڀارت سان هر قسم جا لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ڀارت ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن کي موڪليندو رهيو. ٻيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي پي ڊي ايم واري حڪومت ۾  پرڏيهي وزير طور بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ۾ ٿيل پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ به شرڪت لاءِ هليو ويو هو. وري جڏهن ڀارت ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ٿيو ته پاڪستان ان ۾ به پنهنجي ٽيم موڪلي هئي. پر جڏهن پاڪستان ۾ چيمپنز ٽرافي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي ته ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلي ۽ پنهنجيون سڀ ميچون دبئي ۾ کيڏيون ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آءِ سي سي ڀارت کي ان جي اجازت ڏني.

اسان تڏهن ئي هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو ته ڇا جڏهن پاڪستان به ڀارت وانگر  ڪرڪيٽ ۾ ملڪن جي سياست آڻيندو ته آءِ سي سي پاڪستان کي به ان جي اجازت ڏيندو. بهرحال ڀارت جي ڪرڪيٽ ۾ سياست کي آڻڻ جي واردات ايستائين محدود نه رهي اڳتي هلي ڀارت جي ٽيم کي پاڪستاني رانديگرن سان ميچ دوران هٿ ملائڻ کان به منع ڪئي وئي يعني ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ به رانديگرن ذريعي اهو پيغام ڏنو ويو ته اهي ٽيمون سياسي طور به هڪ ٻئي جون دشمن آهن ۽ اها سياسي دشمني ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ به آندي وئي آهي. وري جڏهن  ڀارت جي ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش جي ڪرڪيٽر کي آءِ پي ايل مان نيڪالي ڏني ته ان جي ردعمل ۾ احتجاج طور بنگلاديش جي ٽيم فيصلو ڪيو ته اها ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي جي ورلڊ ڪپ ۾ کيڏڻ نه ويندي سو اها سري لنڪا ۾ پنهنجيون ميچون کيڏندي. ڀارت جي غير جمهوري رويي سبب ان کان اڳ پاڪستان به آءِ سي سي  کي اها درخواست ڪئي هئي ته جيڪڏهن ڀارت چيمنز ٽرافي  ۾ پاڪستان ۾ ميچون کيڏڻ بدران دبئي ۾ جيئن سڀ ميچون کيڏيون هيون تيئن پاڪستان به هاڻي ڀارت ۾ کيڏڻ نه ويندو. پاڪستان جيئن ته گهڻو اڳ اهڙو فيصلو ڪيو هو ته آءِ سي سي ان کي اجازت ڏئي ڇڏي هئي البت بنگلاديش سري لنڪا ۾ کيڏڻ جي  ان ڪري به اجازت نه ڏني ته سڄو شيڊول طئي ٿي چڪو هو. ان نتيجي ۾ بنگلاديش هي ورلڊڪپ ڀارت ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ آءِ سي سي به بنگلاديش جي جڳهه تي هڪ ٻي ٽيم کي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪيو.

ايئن ڀارت  طرفان ڪرڪيٽ ۾ آندل سياست سبب ٻيون ٽيمون به ڪرڪيٽ ۾ ملڪي سياست ڪرڻ لڳيون آهن جنهن جو ذميوار اسان خود آءِ سي سي کي سمجهون ٿا. جيڪڏهن اها ڀارت کي ملڪي سياست ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ آڻڻ نه ڏي ها ۽ مٿس سختي ڪري ها ته يقينن ٻين ٽيمن لاءِ  به سبق هجي ها پر آءِ سي سي ڀارت جي سياسي فيصلن کي تسليم ڪندي ڪندي آءِ سي سي جي ڪرڪيٽ نظام کي  به مڪمل  طور تي سياسي بڻائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن پاڪستان جنهن جا حسينه واجد کان پوءِ  بنگلاديش سان سٺا حڪومتي لاڳاپا بحال ٿيا آهن ته ان بنگلاديش سان ايڪتا جو اظهار ڪندي ۽ آءِ سي سي جي جانبداري واري ڪردار خلاف احتجاج ڪندي ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ ڀارت سان سريلنڪا ۾ به ميچون کيڏڻ کان ئي انڪار  ڪري ڇڏيو  آهي جنهن فيصلي کي آءِ سي سي ناپسند ڪيو آهي ۽ ممڪن آهي ته اها ان ڏس ۾ پاڪستان خلاف ڪو قدم به کڻي.

 پر سوال اهو آهي ته آءِ سي سي ڀارت کي ڇو اجازت ڏيندو رهيو ته اهو ڪرڪيٽ ۾ ملڪي سياست کي آڻي. جيڪڏهن پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان نه کيڏڻ جو غلط فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت به ته آءِ سي سي جي قانونن ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي تنهن ڪري وقت اچي ويو آهي ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ مان سياست کي نيڪالي ڏي ۽ اڳتي ڀارت جي اهڙي ڪنهن قدم کي روڪڻ  ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪري پاڻ کي غير جانبداري اداري جو مثال قائم ڪري ٻي صورت ۾ آءِ سي سي جو ڪرڪيٽ نظام مڪمل طور تي سياست جي ور چڙهي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.