گهوٽڪي ۾پورهيت پراسرار گولي لڳڻ سبب مارجي ويو

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) گهوٽڪي جي شهباز ڪالوني ۾ درزي جو ڪم ڪندڙ وقار ولد هزارو لولائي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو نوجوان جي لاش کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي وارثن اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي شروعاتي بيان ڏنو ته گهر جي اندر  دروازي ڀرسان بيٺل هو گولي جو آواز آيو پسٽل پيل هو پوليس پسٽل پنهنجي تحويل ۾ ورتو پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪيون ٿا سندس وڏي ڀاءُ موجب مون کي ڪا خبر ناهي مان گهر ۾ نه هيس گولي جو آواز ٻڌي گهر آيس ته ڀاءُ گولي لڳل گيٽ اڳيان پيل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.