هزارين ڪراچي واسين ٻولين جو فرق وساري سنڌ جي ورهاست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ رهندڙ سمورين ٻوليون ڳالهائيندڙ رهواسين هزارن جي انگ ۾ گڏ ٿي  سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو، قومپرستن، وڪيلن، اديبن ۽ دانشورن سميت پنجابي، پختون توڙي سرائيڪي اڳواڻن واضح ڪري ڇڏيو ته سنڌ هزارن سالن جي تهذيب رکندڙ وطن آهي. هنن سنڌ اسيمبلي ۾ نثار کهڙو طرفان مھملي واري رٿ پيش ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪندي سنڌ جي هر محاذ تان سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ جي تحفظ جو اعلان ڪندي  چتاءُ ڏنو آھي تہ جيڪڏھن سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪا به  ڪوشش ڪئي وئي ته ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سخت مزاحمت ڪئي ويندي.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ لائرز فورم جي سڏ تي ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ وحدتِ سنڌ مارچ ڪيو ويو. مارچ ريگل چوڪ صدر کان شروع ٿيو، جيڪو شاهراهه لياقت، سنڌ اسيمبلي، ڪورٽ روڊ، داتا ڪارنر ۽ سرور شهيد روڊ کان ٿيندو ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پھچي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويو. مارچ ۾ وڪيلن، شاگردن، دانشورن، اديبن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن سنڌ جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي ۽ انتظامي وحدت جي تحفظ. سنڌو درياهه سنڌ، سنڌ جي پاڻي، زمين، ساحل ۽ قدرتي وسيلن تي قبضي ۽ نثار کهڙي خلاف  نعريبازي ڪئي. مارچ جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي قائم مقام صدر روشن علي ٻرڙي، سنڌ بار جي اڳواڻ حسيب جمالي، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، ڪي بي لغاري، آفتاب خانزادو، خواجه نويد ايڊووڪيٽ، امير آزاد پنھور، علامه اياز قمي. مظهر مغل، غفار چانڊئي، خميسي خان، قمر مشواڻي، اعجاز سامٽيي، اعظم راجپر،  منير حيدر شاهه، سھڻي پارس، لياقت جلباڻي، عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻن بسم الله ڪاڪڙ، حنيف شاهه، عاقب راجپر ايڊووڪيٽ، الاھي بخش  بڪڪ، ايڊووڪيٽ، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، ايڊوڪيٽ رحمان ڪورائي، ايڊووڪيٽ فهيم ضياء، ايڊوڪيٽ فياض ميتلو ۽ سماجي اڳواڻ شيما ڪرماني سميت ٻين ڪئي. مقررن خطاب ڪندي سنڌ کي نون صوبن يا انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سنڌ جي وحدت تي ڪوبه ٺاھ نه ٿيندو. هنن چيو ته سنڌ کي ڪنهن به نالي، فارمولي يا طريقي سان ورهائڻ جي ڪا به ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي. سنڌ جي انتظامي وحدت رڳو نقشي تي ليڪو نه آهي پر صدين تي ٻڌل تاريخي، جاگرافيائي، تهذيبي ۽ سياسي حقيقت آهي. مقررن چيو ته انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش رد ڪريون ٿا. نئين انتظامي يونٽ جو نعرو سنڌ جي وحدت تي حملو آهي. هنن چيو ته سنڌ هڪ تاريخي ۽ آئيني اڪائي آهي ۽ ان جي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ نه رڳو سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي پر ملڪ جي سالميت ۽ وفاقي نظام لاءِ به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هنن الزام هنيو ته نون صوبن جو منصوبو اصل ۾ سنڌ جي زمين، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن تي قبضي جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش آهي.  مقررن چيو ته تڪراري  ڪئنالن جي منصوبن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ بدران رڳو ملتوي ڪرڻ ڪافي ناهي. سنڌ جي پاڻي جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي، منجهيل يا مبهم پاليسي قبول نه ڪئي ويندي. مقررن چيو ته 1940ع جي قرارداد لاهور جي بنيادي تصور کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان هڪ گهڻ-قومي وفاق آهي جنهن جي مضبوطي باهمي احترام، آئيني بالادستي، صوبائي خودمختياري ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورهاڱي ۾ آهي. زبردستي سان رياستون ۽ وفاق نٿا هلي سگهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ورهاست يا نون صوبن بابت سازش ۾ ملوث عنصرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 سميت قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي.  ايس يوپي اڳواڻ آفتاب خانزادي  چيو ته رياست ورهائجي سگهي ٿي پر وطن تقسيم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته سنڌ وحدت آهي. هن چيو ته اڄ سمورين ٻولي ڳالهائيندڙن سنڌ جي ورهاست رد ڪري ڇڏي آهي. ڊانسر۽ سماجي ڪارڪن شيما ڪرماڻي چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، سنڌ ۾ تعليم، عورتن جي حقن سميت ڪيترائي مسئلا آهن. انهن تي پ پ حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجي. عائشا ڌاريجو چيو ته جڏهن سنڌ هڪ وحدت ۽ اسان جو تاريخي وطن آهي، ٻين قومن به اسان جي وحدت جي حمايت ڪئي آهي ته پوءِ اسيمبلي ۾ بحث ڇو ڪرايو وڃي. نثار کهڙي جي التوا رٿ غلط آهي. اها سنڌ جي وحدت تي وار برابر آهي. وڪيل حق نواز ٽالپر چيو ته هو ڀلي دلالي ڪن سنڌ واسين اڄ ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ هڪ آهي. سرائيڪي اڳواڻ راشد عزيز ڀٽي چيو ته سرائيڪستان جي سرزمين به سنڌ جي زمين آهي، اسان تخت لاهور مان تنگ آهيون. هن چيو ته سرائيڪي جو ٻچو ٻچو سنڌ جي وحدت لاءِ قربان ٿيندو . هن مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هنيا. اي اين پي اڳواڻ حنيف شاهه چيو ته اي اين پي سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي لاءِ پختون توهان سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته سنڌ جي ورهاست کي انسانن جي ورهاست سمجهون ٿا. اها اسان کي قبول ناهي. فنڪشنل ليگ اڳواڻ ارشد شر چيو ته اسان حر جي فلسفي تي هلڻ وارا آهيون، اڄ وري وطن يا ڪفن ۽ آزادي يا موت جو نعرو گونجي رهيو آهي.مقررين حڪومت کي خبردار ڪيو ته سنڌ جي ورهاست، نون صوبن يا نون انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کان فوري طور باز اچي وڃي.مقررين واضح ڪيو ته هي جدوجهد ڪنهن ٻولي يا برادري جي خلاف ناهي. سنڌ ۾ رهندڙ سڀ شهري جيڪي سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا، اهي هن ڌرتي جا برابر جا وارث آهن. هنن چيو ته سنڌ جي وحدت جو دفاع گڏيل وطن، گڏيل امن ۽ آئيني حقن جي تحفظ جي جدوجهد آهي. شرڪت ڪندڙن عزم ڪيو ته سنڌ جي وحدت، سالميت، جاگرافي، پاڻي، زمين ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ آئيني، جمهوري ۽ پرامن جدوجهد جاري رکي ويندي. سنڌ کي ڪنهن به نالي سان ورهائڻ يا ان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي هر ڪوشش کي عوامي طاقت ۽ سياسي اتحاد ذريعي ناڪام بڻايو ويندو.

You might also like