ملڪ کي صوبا ٽوڙڻ ۽ پاڻ ۾ ويڙهائڻ بدران اتحاد جي ضرورت آهي

سکر(رپورٽ: رستم انڍڙ) ملڪ ڪنهن هڪ فرد يا اشرافيه جو نه، سڀني جو آهي، حڪومت ڪرڻ جو حق ناهي: مولانا فضل الرحمان ، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جمعيت علماءِ اسلام ۾ نه موروثي سياست آهي ۽ نه ئي مفاد پرست سياست، ملڪ ۾ قانون ۽ ضابطا ڪنهن هڪ فرد لاءِ نه، پر قوم ۽ عوام جي مفاد لاءِ ٺاهڻ گهرجن. هن چيو ته هي ملڪ ڪجهه اشرافيه جي ملڪيت نه، پر اسان سڀني جو آهي ۽ اسان کي محب وطن هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڪنهن کان وٺڻ جي ضرورت ناهي.سکر ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته رياست جو ڪم قوم کي شعور فراهم ڪرڻ آهي، پر هتي قوم کان شعور کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ختم نبوت جي حوالي سان علماءِ ڪرام اتفاق نه ڪيو، جڏهن ته ايل ايل بي ۽ ايل ايل ايم جي نصاب ۾ اسلامي قانون کي مناسب جاءِ نه ڏني وئي آهي.هن چيو ته صوبن جو معاملو انتهائي سنجيده آهي، ميڊيا تي بيان بازي ذريعي اهڙن معاملن کي اٿارڻ بدران اڳواٽ تياري ۽ سنجيده سوچ جي ضرورت آهي. صوبن جي ڳالهه ڪندڙن کان پڇڻ گهرجي ته ڇا انهن ان حوالي سان ڪا تياري ڪئي آهي؟ هن الزام لڳايو ته ميڊيا تي اهڙي طريقي سان ڳالهائڻ سان نفرتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.مولانا فضل الرحمان چيو ته کين اهڙي طريقيڪار جي خبر آهي ۽ اهو ساڳيو طريقو آهي جيڪو انگريز استعمال ڪندا هئا. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پويان ڇڏي الزام تراشي لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته اسان پاڻ کي ڪنهن کان بالاتر نٿا سمجهون. هن وڌيڪ چيو ته صوبن کي ٽوڙڻ ۽ پاڻ ۾ وڙهائڻ بدران اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي. ”توهان کي سمجهائڻ لاءِ اسان ماءُ بڻجي به سمجهائينداسين.“سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت کي هو اڳوڻين حڪومتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نرم سمجهن ٿا، پر جمعيت علماءِ اسلام ماضي ۾ جنرل پرويز مشرف ۽ جنرل ضياءَ الحق جي دور خلاف به تحريڪون هلائي چڪي آهي.پرڏيهي پاليسي بابت مولانا فضل الرحمان چيو ته ڀارت، بنگلاديش، افغانستان ۽ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا ڪيئن هجڻ گهرجن، ان بابت راءِ ڏيڻ جو حق سياسي قوتن کي به حاصل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي راءِ حڪمرانن جي سوچ کان مختلف هجي ته ان بنياد تي ڪنهن کي غدار قرار نه ڏنو وڃي.

You might also like