ڪوٽڙي ڪبير (رپورٽ: مسرور شر) ڪوٽڙي محمد ڪبير ويجھو پيروتيو اسٽاپ وٽ ڪراچي کان لاھور ويندڙ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙھي ويو، حادثي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا ٿڏي تي فوتٿي ويا ھڪ زخمي ٿي پيو، ھڪ فوتي 19 سالن جي جبار پٽ اختيار چاچڙ ۽ ٻئي فوتي 18 سالن جي محمد قاسم پٽ گلزار چاچڙ طور سڃاڻپ ٿي، جڏهن ته 20 سالن جو امين پٽ ممتاز چاچڙ زخمي ٿي پيو، جيڪي عارضي طور تي ڪوٽڙي ڪبير ڀرسان کوکرن جي زمين تي ويٺل ھئا، فوتين جي لاشن ۽ زخمي کي رورل ھيلٿ ھالاڻي آندو ويو، جتي زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏئي گمس رفر ڪيو ويو، ٻئي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، وارث لاش اباڻي شھر راڻي پور کڻائي ويا، فوتين جي وارثن پاران رڙيون ڪندي چيو ويو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، ٽرالر ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.