قصور، شادي هال جي گٽر ۾ ڪري معصوم ٻار فوت

قصور (م ڊ) قصور ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، شادي هال جي کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، قصور جي علائقي مصطفيٰٰ آباد ۾ هڪ 3 سالن جو ٻار شادي هال جي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، پوليس موجب، 3 سالن جو علي رضا پنهنجي خاندان سان گڏ وليمي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ شادي هال پهتو هو جتي هو کيڏندي کليل گٽر ۾ ڪري پيو، پوليس ٻڌايو ته ٻار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، پوليس چيف آفيسر ميونسپل ڪارپوريشن مصطفيٰ آباد جي فرياد تي شادي هال جي مالڪ، مئنيجر، ٺيڪيدار ۽ ٻئي عملي خلاف شق 322 تحت ڪيس داخل ڪيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.