ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ٻه ڏينهن اڳ پشاور واسڻ نينگري حورم جي شڪارپور جي ڪچي مان آزادي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سنڌ سرڪار مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا واهپيدارن، اجالا پروين جي وارثن ۽ پريا ڪماري جي وارثن طرفان حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو ويو ته ڇا سنڌ جي نياڻين جي آزادي لاءِ هاڻ هٿيار کڻڻا پوندا، سوشل ميڊيا تي حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، واهپيدارن جو چوڻ آهي ته قبائلي پٺاڻن جو خوف، پشاور واسڻ حورين بازياب ٿِي سگهي ٿي ته پوءِ پِريا ڪُماري ۽ اُجالا پَروين بازياب ڇو نٿيون ٿي سگهن، هڪ واهپيدار لکيو ته قبائلي پٺاڻن جي غيرت، احتجاج ۽ ڊپ اڳيان رياست حرڪت ۾ آئي ۽ معصوم حورم ڪجهه ئي ڏينهن ۾ باحفاظت گهر پهچي وئي، اهو ثابت ٿيو ته جيڪڏهن انتظاميه چاهي ته ڌاڙيلن جي ڪا مجال ناهي، پر سنڌ حڪومت ۽ هتي جي سست نظام لاءِ سڀ کان وڏو ۽ چُهندڙ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پشاور جي حورم بازياب ٿي سگهي ٿي، ته پوءِ سنڌ جي معصوم نياڻي پِريا ڪُماري سالن کان ۽ اُجالا پَروين مهينن کان ڌاڙيلن جي چُنبن مان آزاد ڇو نٿيون ٿي سگهن؟ سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي اها مجرماڻي خاموشي هاڻي وائکي ٿي چڪي آهي، اسان کي رڳو کوکلا دلاسا نه، پنهنجيون نياڻيون باحفاظت گهرن ۾ کپن! اسان ۾ ٽڪي جي غيرت ناهي جو اسان سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس کي ائين اکيون ڏيکاريون جئين بگٽين ۽ پٺاڻن ڏيکاري سنڌ مان مغوي وٺندا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن پٺاڻن ۽ بگٽين کي اپيلون ڪيون اهي اچن ائين ئي من هي ميهڙ جي اجالا پروين سولنگيءَ ۽ پرياڪماري بازياب ٿي پوي ، ميھڙ شھر مان معصوم نياڻي اُجالا پروين سولنگي کي ڏينهن ڏٺي اغوا ڪيو ويو ۽ هاڻي ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڃا تائين سندس ڪا به خبر نه پئي ملي، هي رڳو هڪ خاندان جو نه، پر سڄي سماج جو درد آهي. جيڪڏهن هڪ معصوم نياڻي ڏينهن ڏٺي اغوا ٿي سگهي ٿي ۽ ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود به کيس بازياب نه ڪرايو وڃي، ته پوءِ اهو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي، سوشل ميڊيا واهپيدارن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي نياڻين اجالا پروين ۽ سکر جي نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام به پٺاڻ برادري وانگر هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ويندو.
حڪومت ميهڙ جي اجالا پروين کي آزاد نه ڪرائي سگهي
ميهڙ (عوامي آواز نيوز) حڪومت ميهڙ مان اغوا ٿيل نينگري اجالا پروين سولنگي کي آزاد نه ڪرائي سگهي، وارثن طرفان نينگري جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، اجالا پروين جي چاچي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اوهان ڪالهه ڏٺو ته جيڪا پٺاڻ نينگري اغوا ٿي هئي 11 سالن جي، ان جي لاءِ ڪوئيٽا کان به ماڻهو نڪري آيا، پشاور کان به ماڻهو نڪري آيا ته آءِ جي سنڌ به تحرڪ ۾ اچي ويو، صوبائي گهرو وزير به تحرڪ ۾ اچي ويو، اسان جو وڏو وزير به تحريڪ ۾ اچي ويو، انهن جي نياڻي ٻن کان اڍائي ڪلاڪن ۾ آزاد ڪرائي وئي، اسان کي پٺاڻ نياڻي جي آزادي تي خوشي ٿي آهي، نياڻي ڪنهن جي به هجي، پٺاڻن جي هجي، پريا ڪماري هجي، هر ڪنهن کي پنهنجي نياڻي پياري هوندي آهي پر اسان ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته پريا ڪماري جيڪا پنج ڇهن سالن کان گم آهي هينئر خبر ناهي ته ڪٿي آهي، ان کان پوءِ ٻيا اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن پوءِ به اسان جي انتظاميا ان شيءِ کي تحرڪ ۾ نه پئي وٺي ۽ نه ئي نوٽيس پئي وٺي، ان کان پوءِ ميهڙ شهر مان 14 اپريل تي اسان جي معصوم نياڻي اجالا پروين سولنگي اغوا ٿي وئي آهي جيڪا هن وقت تائين آزاد ناهي ٿي سگهي، هن چيو ته ان کي اغوا ٿئي 42 ڏينهن پورا ٿي ويا آهن پر ان جو والد منهنجو ڀاءُ شمس الدين سولنگي هڪڙو پيشي سان استاد آهي، اسان در در تي ڌڪا کاڌا آهن پريس ڪلبن تي شهرن ۾ اسان احتجاج ڪيا آهن، احتجاجي ڪئمپون لڳايون آهن پر پوءِ به اسان جي نياڻي بازياب نٿي ڪرائي ڏني وڃي، آخر اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي، اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسان پرامن احتجاج ڪيون پيا، پرامن جدوجهد ڪيون پيا، ڇا اسان کي به پٺاڻن وانگر هٿيار کڻي نڪرڻ گهرجي، حڪومت ڇا ايئن چاهي ٿي ته اسان به پرامن نه رهون ۽ پٺاڻن وانگر هٿيار کڻي نڪري پئون، اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺي اسان جي نياڻي اجالا پروين سولنگي کي آزاد ڪرائڻ گهرجي.