سنڌ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي پهرين حڪومت جي شروع ۾ ئي صوبي جي بيروزگار نوجوانن لاءِ سرڪاري شعبي جي ادارن ۽ معروف خانگي ادارن سان گڏجي تربيت جوهڪ وسيع پروگرام ”بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام“ جون 2008-09 ۾ سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيو ويو، جيڪو 2013 جي ايڪٽ آف اسيمبلي، سنڌ پاران قائم ڪيل ”بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ“ ڏانهن باقائده منتقل ڪيو ويو، جيڪا هڪ عوامي خدمت جي شروعات هئي.هي پروگرام پاڪستان ۾ نوجوانن جي هنري تربيت لاءِ پنهنجي نوعيت جو منفرد پروگرام هيو.پروگرام تحت سنڌ جي نوجوانن کي 3 سالن واري هنري مهارتن سان بااختيار بڻايو پيو وڃي. جنهن سان صوبي جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ٿي رهيا آهن. پاڪستان ليبر فورس سروي موجب، سنڌ ۾ 1.5 ملين بيروزگار نوجوان آهن. جن کي هنري تربيت ڏئي کين بهتر روزگار سان لڳائي سگھجي ٿو.
بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ پاران روزگار جي شعبن ۾ ٽريڊز/ڪورسز ۾هن وقت تائين پنج لک 20 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي، جيڪا نوجوانن کي صوبي ۾معاشي طور تي پاڻڀرو ڪري ٿي. معياري مهارت جي تربيت جي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لائڻ لاءِ هن پروگرام تحت سنڌ ۾ هر مرد ۽ عورت کي تربيت جا برابر جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. جنهن سان انساني وسيلن جي ترقي ۾ منافعي بخش نتيجا ملي رهيا آهن.
هي سنڌ حڪومت جو هڪ اهم تربيتي پروگرام آهي. ان جو مکيه مقصد صوبي جي بيروزگار نوجوانن کي مفت ٽيڪنيڪل، ووڪيشنل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) تعليم فراهم ڪري روزگار جي قابل بڻائڻ آهي. بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جون نمايان خاصيتون ۾ مختصر ڪورس جن ۾ بورڊ مختلف شعبن جهڙوڪ آئي ٽي، ٽيڪنيڪل مهارتون ۽ ٻين پيشيور مهارتن ۾ 4 کان 6 مهينن جا ڪورس ڪرائيندو آهي.ڪورس دوران تربيت حاصل ڪندڙن ۾ تعليمي وظيفو باقائدگيءَ سان ماهوار ڏنو ويندو آهي.
ان جا تربيتي پروگرام وقت بوقت سنڌ جي مختلف ضلعن (جهڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد) سميت نون بيچن ۾ شروع ڪيا ويا آهن. بورڊ جي ڪارڪردگي ۽ بهتري لاءِ سرڪاري سطح تي باقاعدي اجلاس منعقد ڪيا ويندا آهن، ۽ ان کي صوبائي ۽ وفاقي ادارن (جهڙوڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) کان پڻ مدد ملندي رهي آهي.سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڻ ڊگهي مدت جي تربيت جا 1 کان 4 سالن جي ڊپلوما/ ڊگري پروگرام پڻ ڪرايا ويندا آهن .مشهور ادارن ۾ مهارت تي ٻڌل ٽيڪنيڪل ۽ پيشه وراڻي ٽريڊز ۾ هڪ کان ڇهن مهينن جي مختصر مدت جا تربيتي پروگرام به هلي رهيا آهن. جن ۾ صحت، آٽو موبائيل، صنعت، ايئر لائن، ۽ ڪپڙن جي صنعت جهڙن مختلف شعبن ۾ تربيت جو جوڳو بندوبست ڪيل آهي. ان کانسواءِ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۽ معذور ماڻهن جي بااختيار بڻائڻ واري کاتي (ڊي اي پي ڊي) جي وچ ۾ صوبي ۾ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) تي باضابطا طور تي صحيحون ڪيون ويون آهن هي ڀائيواري حڪومت جي جامع ترقي لاءِ مضبوط عزم کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن جو مقصد سنڌ ۾ معذور ماڻهن لاءِ موقعا، رسائي ۽ سپورٽ سسٽم کي وڌائڻ آهي.
بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جي 2008 کان 2026 تائين خانگي سيڪٽر ۾ 1634 انسٽيٽيوٽ ۽ پبلڪ سيڪٽر جي 14 ادارن ذريعي ٽريننگ ۾ 28 ۽ ٽريڊنگ ۾ 414 سيشنس ۾ تربيت ڏني وئي آهي. سنڌ جي مڙني 30 ضلعن جي 18 سالن کان 35 سالن جي مرد ۽ عورتن کي هنري تربيت ڏني پئي وڃي. ٽوٽل 7 لک 63 هزار 329 نوجوانن جي رجسٽريشن ڪئي وئي. جنهن مان 5 لک 40 هزار 750 فردن ٽريننگ ۾حصو ورتو جيڪو 78 سيڪڙو آهي. جن مان 4 لک 22 هزار 701 ٽريننگ مڪمل ڪئي. جن مان هڪ لک 72 هرار کي روزگار سان لڳايو ويو جيڪو تربيت وٺندڙن جو 41 سيڪڙو ٿئي ٿو. مرد ٽريننگ وٺندڙن جو جو تعداد 2 لک 97 هزار 976 يعني ٽوٽل 55 سيڪڙو بيهي ٿو. عورت ٽريننگ وٺندڙ 2لک 42 هزار 728 آهي جيڪو 45 سيڪڙو ٿئي ٿو. جنهن ۾ شهري علائقن جي ٽريننگ وٺندڙن جو تعداد هڪ لک 57 هزر 140 آهي جيڪو 29 سيڪڙو آهي ، ٻهراڙيءَ جي ٽريننگ وٺندڙن جو تعداد 3 لک 83 هزار 618 آهي جيڪو 71 سيڪڙو بيهي ٿو. هن پروگرام تحت ورلد بينڪ، يونيسيف جهڙن بين القوامي ادارن يعني فارين فنڊنگ تحت پڻ هڪ لک 14 هزار 732 ڄڻن کي ٽريننگ ڏني وئي.