2 فيبروري 2026 تي ملهايو ويندڙ آبي پناهه گاهن/ويٽلينڊز جو عالمي ڏينهن رڳو عرس جيان سالياڻي تقريب ناهي، پر هي سنڌ جي پاڻي واري نظام جي منظرنامي لاءِ هڪ انتهائي اهم وقت ان ڪري آهي جو مٿاھن صوبن، مرڪز ۽ ڪنھن حد تائين اسان پاڻ ان وجودي ڇيھي کي سنجيده نه ورتو آھي.
1971 ۾ ايران جي شهر رامسر ۾ ٿيندڙ معاهدي جي ياد ۾ هن سال جو موضوع "آبي پناهگاهون ۽ قديمي علم: ثقافتي ورثي جو جشن” رکيو ويو آهي، جنهن جو مقصد رڳو ماحولياتي انگن اکرن تي نه پر انهن سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپن تي توجهه ڏيڻ آهي جن صدين کان انساني تهذيبن کي زنده رکيو آهي. سنڌ جي حوالي سان هي موضوع وڌيڪ اهميت اختيار رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياھ جو ڊيلٽا ۽ هتان جون ڍنڍون ڍورا رڳو جاگرافيائي علائقا ناهن پر اهي سنڌو تهذيب جي ورثي جا امين آهن، جيڪي هن وقت انساني بدنظمي، پاڻي جي سياست ۽ موسمي تبديليءَ سبب پاڻ وڃائڻ جي خطري ۾ آهن.
عالمي صورتحال ۽ آبي پناهگاهن جي تيزي سان ٿيندڙ گهٽتائي
گڏيل قومن پاران 2022 کان ملھايو ويندڙ هي ڏينهن عالمي سطح تي پاڻي جي حفاظت ۽ ماحولياتي لچڪ/ ريزيلينس لاءِ انتهائي اهم سمجهيو وڃي ٿو. 2026 جو موضوع ان قديمي علم کي مڃتا ڏيڻ جي ڪوشش آهي، جنهن کي اڪثر جديد فيصله ساز نظرانداز ڪندا رهيا آهن. اها هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته دنيا ۾ آبي پناهگاهون ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ جي حساب سان تڪڙيون ختم ٿي رهيون آهن، جڏھن ته 1970 کان وٺي هاڻي تائين تقريبن 35 سيڪڙو آبي پناهگاهون زمين جي غلط استعمال ۽ گدلاڻ سبب زيان ٿي چڪيون آهن. 2026 جي عالمي مهم ۾ سنڌ جي ملاحن (مھاڻن) سميت دنيا جي اهڙن قبيلن/برادرين کي "آبي پناهگاهن جو نگران” قرار ڏنو ويو آهي، جن وٽ هن ماحولياتي نظام بابت اونهي ڄاڻ موجود آهي.
سنڌ جي رامسر سائيٽن جو موجوده حال ۽ وڌندڙ خطرا
پاڪستان ۾ 240 کان وڌيڪ اهم آبي پناهگاهون آهن، پر سنڌ جو صوبو انتهائي قيمتي "رامسر سائيٽن” جو مرڪز آهي. سنڌ ۾ سنڌو ڊيلٽا، رڻ ڪڇ، سنڌو درياھ جي ٻلهڻ واري سکر ۽ گڊو جي وچ وارو پاڻي جو وھندڙ جسم، ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ ۽ اڇڙي ٿر جي ڏيھ اڪڙو -II شامل آهن. جيتوڻيڪ اهي سڀ علائقا سنڌ وائلڊ لائيف ايڪٽ تحت اچن ٿا، پر اج تائين انهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي.
سنڌو ڊيلٽا جي جيو- مورفولوجيڪل تباهي ۽ سمنڊ جو چاڙھ
سنڌو درياھ جو ڊيلٽا جيڪو ڪڏهن 6 لک هيڪٽرن تي ٻڌل هو، اهو هاڻي گھڻو پوئتي پيل آھي. ان جو بنيادي سبب ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ مٺي پاڻي ۽ لٽ ۾ ٿيندڙ وڏي گهٽتائي آهي. تاريخي طور سنڌو درياھ ھڪ سال ۾ سراسري 150 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ۽ 400 ملين ٽن لٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پر وقت سان گڏ اھي ڏهه کان پندرھن سيڪڙو نه رھيا آھن. لٽ جي بک سبب ڊيلٽا سمنڊ جي چاڙهه کي روڪڻ ۾ ناڪام آهي، ڊيلٽا جو اولھندو حصو سالياڻو ساڍا ست ميٽر زمين سمنڊ جو کاڄ بڻجي رهي آهي. سمنڊ ۾ مٺي پاڻي ۽ لٽ جي نه وڃڻ جو رڳو ماحولياتي نقصان نه پر هڪ وڏو انساني سانحو بڻجي اڀري آهي، جنهن سبب ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ شاهبندر جي علائقن ۾ ٻه لک پنجاھ ھزار کان وڌيڪ هيڪٽر ٻنيون بنجر ٿي چڪيون آهن. سمنڊ جي پاڻي سبب زيرِ زمين مٺو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري مقامي ماڻهن کي وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آهي. سنڌو ڊيلٽا جون 17 ڪريڪس (creeks) جن ۾ ڪڏهن سوين ٻيٽ هوندا هئا، اهي هاڻي اهڙي حال ۾ آهن جو رڳو چند ٻيٽ ئي رهڻ لائق بچيا آهن.
منڇر ڍنڍ جي زهريلي صورتحال ۽ مھاڻن جو جوڳ وٺندڙ ورثو
منڇر ڍنڍ جو روئڻ ڪنھن سان ۽ ڪيترو روئجي! دادو ضلعي جي اھا وسيع بايوڊائورسٽي، پاڻين ۽ پتڻ، ٻيڙين سان ھُٻڪاريل صدين کان به پراڻو سماج ۽ ثقافتي ورثو ڇيھون ڇيھون ٿي ويو آھي۔ ان جو درمان ٿيندڙ ھر پراجيڪٽ ۽ اسان جا حڪومتي توڻي سماجي رويا اڃان وڌيڪ نقصان رسائين ٿا۔ منڇر جو پيٽ ۽ مٽي زھر آلود ٿي ويا آھن؛ جن کي ڊگھي عرصي واري پروگرام سان بھتر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو رستو ناھي۔ هتي رهندڙ مھاڻا يا "ميرِ بحر” ھاڻ بدين زيرو پوائنٽ کان وٺي سنڌو سان تونسا ۽ ٻين مٿاھين پاڻين تائين پھتا آھن؛ سندن اھو جوڳ الاھجي ڪيسين ھلندو!. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ RBOD (رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين) جي تعمير کانپوءِ بلوچستان ۽ اتر سنڌ جو گندو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويو، جنهن ڍنڍ جي حياتيات کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان کي ڪيترو دفعا ورجائجي۔ مڇيءَ جا ڪيئي قسم مڪمل ختم ٿي چڪا آهن ۽ ھزارن جي تعداد ۾ رھندڙ مهاڻن مان هاڻي رڳو ڪجهه سؤ ماڻهو ڍنڍ تي موجود آهن، جيڪي پيڻ جو پاڻي به خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. مهاڻن جو پکين جي کلن ذريعي شڪار ڪرڻ ۽ جانورن کي تربيت ڏيڻ وارو قديمي فن (Poetic Hunting) به هن ماحولياتي تباهيءَ جي ور چڙهي ويو آهي.
ڪينجهر ۽ هاليجي: ڪراچي جي ضرورت ۽ ماحولياتي توازن جو ٽڪراءُ
ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍون ڪراچي جي لاءِ زندگي جو ڏس آهن، پر اهي پاڻ گدلاڻ جي ور چڙھيل آھن. ھي ته ڪلري بگھاڙ واھ مان سال جا يارنھن مھينا پاڻي ھلي ٿو نه ته ھوند ڪينجهر جو الائي ڇا ٿئي ھا۔ سيٽلائيٽ ڊيٽا (NDVI) مطابق هتي جي سائي وڻڪار ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي. هاليجي ڍنڍ، جنهن کي ڪڏهن "پکين جي جنت” چيو ويندو هو، اها هاڻي مٺي پاڻي جي گهٽتائي سبب هڪ بيٺل پاڻي جي بُوءِ واري تلاءُ ۾ تبديل ٿي رهي آهي، جنهن ڪري سائيبريا کان ايندڙ مهمان پکين جي اچڻ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. ويتر شڪارين انھن پرديسي پکيئڙن لاءِ جيئڻ ۽ سفر جا رستا گھٽائي ڇڏيا آھن۔
سنڌو درياھ جي ٻلهڻ/ ڊالفن ۽ مهمان پکين جو تيزي سان گهٽجڻ
سنڌو درياءَ جي انڌي ٻلهڻ جيڪا درياه جي صحت جي علامت آهي، ان جي آبادي 2024-2025 جي سروي مطابق تقريبن 2,100 ٿي وئي آهي، پر پوءِ به اها "خطري هيٺ” ايندڙ جنسن/ نسلن ۾ شامل آهي. ٻئي طرف سائيبريا کان سنڌ جي آبي پناهگاهن تي ايندڙ پکين جي تعداد ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي؛ جنوري 2025 جي سروي مطابق رڳو 5,45,000 پکي آيا، جيڪي ماضي جي لکين پکين جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن. پکين جو شڪار، آلودگي ۽ مارڪيٽن ۽ رستن تي انهن جو غير قانوني وڪرو هن تباهي جا وڏا سبب آهن.
آبي سياست ۽ سنڌو طاس معاهدو 2026
ورلڊ ويٽ لينڊز ڊي 2026 جي موقعي تي پاڪستان جي صدر هندستان پاران سنڌو طاس معاهدي (IWT) جي غلط انتظام تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پاڪستان جو موقف آهي ته هندستان پاران اولھندي درياهن تي هائيڊرو پاور/پن بجلي منصوبن جي تعمير ۽ 2025 کان پاڻي جي ڊيٽا شيئرنگ/ معلومات جي ڏي وٺ جي معطلي ماحولياتي استحڪام کي نقصان پهچائي رهي آهي. هي جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ ان وقت وڌي رهي آهي جڏهن گليشيئرز جو تيزي سان رجڻ ۽ غير يقيني چؤماسي برساتن سبب خطي کي وڌيڪ تعاون جي ضرورت آهي. مٿان وري ھر ٻي ڏينھن نون ڪئنالن کي ٺاھڻ جو سڌون، سوچون ۽ ھدايتون سنڌ جو ساھ سڪايو ڇڏين۔
ڊيلٽا بليو ڪاربن پروجيڪٽ
انهن تمام چئلينجن جي باوجود، سنڌ مينيگرووز/ تمر جي ٻيلن جي بحاليءَ ۾ سنڌ بليو ڪاربن پروجيڪٽ (DBC-I ۽ DBC-II) دنيا جو سڀ کان وڏو بليو ڪاربن پروجيڪٽ آهي، جنهن ذريعي ٻيلن جي بحالي جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي. هن منصوبي ذريعي نه رڳو لکين ٽن ڪاربن خارج ٿيڻ کان روڪيو ويندو، پر مقامي سامونڊي پٽي جي آباديءَ کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا. تمر جا ٻيلا 1 لک 30 هزار هيڪٽرن تائين پهچي چڪا آھن، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
بھتري ۽ بقا جي واٽ
2026 ۾ اسين هڪ اهڙي ھنڌ بيٺل آهيون جتي اسان وٽ هڪ پاسي تمر جي ٻيلن ۾ واڌ ٿي آهي ته ٻئي طرف مٺي پاڻي جي ڍنڍن ڄڻ ڏينھون ڏينھن پوئتي آھن، جڏھن ته ڪجهه پاڻي جا جسم پوين پساھن ۾ آھن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته:
- ڊيلٽا تائين گهربل مقدار ۾ مٺو پاڻي ۽ لٽ پهچايا وڃن ته جيئن سمنڊ جي چاڙهه کي روڪي سگهجي.
- ڍنڍن ۽ مينگروز ٻيلن ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڪئي سؤ ملين گيلن روزانو گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ يڪدم طور بند ڪيو وڃي.
- مهاڻن ۽ ٻين مقامي ماڻھن کي آبي پناهگاهن جي انتظامي منصوبن ۾ اهم ڀائيوار طور شامل ڪيو وڃي.
سنڌ جي آبي پناهگاهن جي بقا رڳو ماحولياتي مسئلو ناهي، پر هي سنڌ جي خوراڪ جي حفاظت، معاشي استحڪام ۽ قديمي ثقافت جي بقا جو سوال آهي۔