دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي

تحرير: وسي بابا

افغان طالبان جي ڪابل واپسي کان پوءِ دهشتگرد حملن ۾ 238 سيڪڙو ۽ جاني نقصان ۾ 209 سيڪڙو واڌ آئي آهي. اهي انگ اکر پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز ۽ سائوٿ ايشيا ٽيررازم پورٽل مان ورتل آهن.  2021  ۾ افغان طالبان جي ٻيهر ڪابل واپسي کان پوءِ ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو آپشن اختيار ڪيو ويو. ان جو نتيجو ٽي ٽي پي جي قيدين جي آزادي ۽ انهن کي نقل وحرڪت جي آزادي جي صورت ۾ نڪتو. ڳالهين واري وقفي واري “امن” کي ٽي ٽي پي پنهنجي تنظيم نو لاءِ استعمال ڪيو. پاڪستان ٽي ٽي پي خلاف رڳو ٻه قسم جون حڪمت عمليون آزمائي چڪو آهي: فوجي آپريشن ۽ ڳالهيون. فوجي آپريشنن مان حاصل ٿيل ڪاميابيون محدود نوعيت جون رهيون آهن، جڏهن ته ڳالهيون بار بار ناڪام ٿيون آهن.

پاڪستان تي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ عالمي دٻاءُ به وڌندو رهي ٿو، پر هن حوالي سان عملي سهڪار محدود ئي ملي ٿو. آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن جي افغانستان مان واپسي جو هڪ نتيجو اهو به نڪتو آهي ته ٽي ٽي پي ۽ ٻين هٿياربند گروهن کي جديد هٿيارن ۽ اوزارن تائين رسائي ملي وئي آهي. ٽي ٽي پي ۽ افغان طالبان ساڳئي مذهبي فڪر، يعني ديوبند، سان لاڳاپيل آهن. نظرياتي بنيادن تي ٻنهي جا خيال ڪافي حد تائين ملن ٿا. افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي وچ ۾ نظرياتي ڀائيواري، عسڪري تعاون ۽ سهولتڪاري کان علاوه به ڪجهه فرق موجود آهن. افغان طالبان آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن خلاف جنگ دوران افغانن کي غدار يا وڪيل ضرور چيو، پر انهن تي ڪفر جا فتوا نه لڳايا. جڏهن ته ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ کلي عام ڪفر جا فتوا لڳائيندي رهي آهي.

افغان طالبان ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ثقافت تي فخر جو اظهار واضح طور ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي، جڏهن ته ٽي ٽي پي جي سوچ ۾ اهڙو رويو نظر نٿو اچي. ٽي ٽي پي رياست جي سخت مخالفت ۾ سامهون اچي ٿي. هن تنظيم پاڪستاني فوج، سيڪيورٽي ادارن، سياستدانن ۽ مذهبي جماعتن کي مرتد قرار ڏئي نشانو بڻايو آهي. افغان طالبان ڪڏهن به اسلامي بنيادن تي افغانن کي مرتد قرار ڏيڻ تائين نه ويا آهن. افغان طالبان جمهوري نظام کي پنهنجو رول ماڊل ته نٿا سمجهن، پر اهي ٽي ٽي پي جهڙو موقف به نٿا اپنائن. جڏهن ته ٽي ٽي پي جمهوريت کي ڪفر جو نظام قرار ڏئي ٿي.

افغان طالبان ڪابل واپسي کان اڳ ۽ پوءِ به اهو چوندا رهيا آهن ته نه ته افغان سرزمين کان ٻاهر سندن ڪو مشن آهي ۽ نه ئي هو پنهنجو شرعي ماڊل ٻاهر موڪلڻ چاهين ٿا. ان جي ابتڙ ٽي ٽي پي طالبان جي امير ملا هيبت الله جي بيعت ڪري چڪي آهي. دوحا معاهدي تحت افغان طالبان ضمانت ڏني هئي ته سندن سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ٿيندي، پر عملي صورتحال اها آهي ته ٽي ٽي پي طالبان امير جي اطاعت به ڪري ٿي ۽ پاڪستان تي حملا به جاري رکي ٿي.

افغانستان ۾ موجود انهن هٿياربند گروهن پاڪ-افغان لاڳاپن کي اهڙي ڇڪتاڻ تائين پهچايو آهي، جو ٻئي ملڪ سرحدون بند ڪري ويٺا آهن. دوحا ۽ استنبول ۾ ٿيل ڳالهين دوران افغان طالبان جو موقف سندن عوامي بيانن جي ابتڙ عاجزي ۽ بي وسي وارو هو، جتي هنن چيو ته هو ٽي ٽي پي ۽ حافظ گل بهادر گروپ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن. افغان طالبان پاران ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جا سبب رڳو نظرياتي لاڳاپن تائين محدود ناهن. افغان طالبان کي خدشو آهي ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته هو داعش سان ملي سگهي ٿي. ائين نه به ٿيو ته ٽي ٽي پي کي فوجي آپريشن ذريعي ختم ڪرڻ آسان نه هوندو. افغان طالبان جي جنگي فورس مان به ڪجهه ماڻهو ٽي ٽي پي جي حمايت ۾ وفاداري مٽائي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ ايران ٻنهي هڪ گڏيل اجلاس ۾ ٻڌايو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو تائين افغان شهري ملوث مليا آهن.

ٽي ٽي پي جي ڪارروائين ۽ ان جي جواب ۾ ٿيندڙ سيڪيورٽي آپريشنن صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. ماڻهو بي گهر ٿين ٿا، انهن جون مشڪلاتون وڌن ٿيون، ۽ حڪومت مخالف جذبات پيدا ٿيڻ فطري آهي. انهن جذبن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ رياست خلاف حساب برابر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. خيبر پختونخوا، جتي ٽي ٽي پي جو زور سڀ کان وڌيڪ آهي، اتي پي ٽي آءِ جي ٽين صوبائي حڪومت هلي رهي آهي. پي ٽي آءِ، ٽي ٽي پي خلاف آپريشن بدران ڳالهين جي حامي آهي. حڪومتي سطح تي هي ٻٽو رويو ۽ ورهاست به نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. ٽي ٽي پي پنهنجي ڪميونيڪيشن حڪمت عملي تبديل ڪندي پختون مسئلن، صوبائيت ۽ نسلي لساني تعصبات کي به استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. سوچي سمجهي پي ٽي آءِ جي سياسي موقف سان به هم آهنگي ڏيکاري وڃي ٿي. افغان طالبان کي به پاڪستان سان تازين ڇڪتاڻن مان اهو فائدو ٿيو آهي ته کين افغانستان جي قومپرست حلقن جي ڀرپور حمايت ملي آهي.

پاڪستاني رياست دهشتگردي خلاف جنگ انتهائي ڏکين ۽ پيچيده حالتن ۾ وڙهي رهي آهي. خيبر پختونخوا، جتي دهشتگردي جو مسئلو تمام گهڻو سنگين آهي، اتي صوبائي حڪومت رياستي موقف جي ابتڙ بيٺل آهي. دهشتگردي خلاف جنگ سياسي ورهاست، پراڻن قانونن ۽ گھسا پٽا انتظامي حربن سان وڙهي پئي وڃي. عدالتن مان دهشتگردن کي سزائون ڏيڻ جو عمل انتهائي سست آهي، جنهن جو نتيجو ”لاپتا ماڻهن“ جي وڌيڪ خطرناڪ مسئلي جي صورت ۾ نڪري رهيو آهي. هن جنگ ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال به حڪومت طرفان مؤثر نموني نٿو ڪيو وڃي. انهن سڀني مشڪلاتن جي باوجود، دهشتگردي خلاف هي جنگ کٽڻ رياست جي مجبوري آهي، ڇو ته ٻيو ڪو آپشن موجود ناهي. معيشيت ۽ ترقي هن جنگ کي کٽڻ کانسواءِ رڳو هڪ خواب آهن، جن کي حقيقت بڻائڻ لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.