منھنجي سنڌ امڙ اھا زرخيز ڌرتي آھي جنھن جي خمير مان سدائين اھڙين شخصيتن جنم ورتو آھي جن جو ذڪر خوشبوءَ وانگر ھر طرف ھٻڪار پکيڙي ڇڏيندو آھي. ھونئن ته سڄي سنڌ جي ھر شھر، ڳوٺ، وستي واھڻ ۾ اھڙن ناياب ۽ انمول انسانن جنم ورتو آھي جن ڌرتي جي مان ۾ ڏيھان ڏيھه وڌيڪ اضافو ڪيو آھي پر اڄ جنھن انسان تي لکڻ لاءِ قلم کنيم ان انسان جو سوچيندي ڄڻ ته انسان لفظ کي حقيقي مان ملندي محسوس پئي ڪيم.
لاڙڪاڻو جنھن کي قد آور ۽ عظيم شخصيتون جنمڻ جي ڄڻ ته دعا مليل ھجي انھيءَ موھن جي دڙي جي تھذيب جا سڀ رنگ رکندڙ مٽيءَ مان 3 فيبروري 1962 ڌاري حبيب الله پٺاڻ جي گھر ۾ انھيءَ مانواري شخصيت جنم ورتو جن لاءِ چيو ويندو آھي ته ڪي ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا، ادب جي ھڪ پُروقار ۽ سونھري تاريخ رقم ڪندڙ محمد علي پٺاڻ اھا گھڻ پاسائين ادبي شخصيت آھي جنھن ادب جي تقريباً سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي.
مونکي ڪڏھن به حيرت ناھي ٿي ته ھڪ انسان ھڪ ئي وقت شاعر، اديب، ليکڪ، ڪالم نگار، ناول نگار، ڊراما نويس، ڪھاڻيڪار، ناٽڪ ۽ سفر ناما لکندڙ گھڻ رخي شخصيت ٿو ٿي سگھي؟؟ محمد علي پٺاڻ جي ادب سان عشق، گھري دلچسپي، طبيعت جي مستقل مزاجي، ارادي جي پختگي، سوچ، عمل، قول ۽ ڪردار ۾ موجود سچائي کي جيڪڏھن ڏسبو ته خود بخود يقين اچڻ لڳندو ته واقعي ايترين صنفن سان ڏات ڌڻي جي حيثيت ۾ محمد علي پٺاڻ ئي پاڻ ملھائي سگھي ٿو. انتھائي متحرڪ رھندڙ ادا محمد علي کي ھرفن مولا چئجي ته غلط نه ٿيندو ايتري ادبي مصروفيتن سان گڏوگڏ پروفيسر جون خدمتون سرانجام ڏيندڙ ھن شخص کي ڏسي ڀٽائيءَ جي ”سک نه ستا ڪڏھين“ واري سٽ ياد ايندي آھي.
سندس ڪھاڻيون ھن سماج جون عڪاس آھن جڏھن ھڪ نجي چينل تي سندن مشھور ڊرامو ”اڇي رات ڪارو چنڊ“ ھلندو ھو ته ان جي ھر ڪھاڻي نج اھڙي سچائي تي ٻڌل ھوندي ھئي جنھن کي اسان جو معاشرو منھن ڏئي رھيو آھي. سندن ڊراما ھجن، ڪھاڻيون يا مختصر ڪھاڻيون سڀئي اسان جي آسپاس وھندڙ واپرندڙ انھن واقعن، سانحن، دردن، المين ۽ حقيقتن سان همڪنار آهن جن کي اڄ جو انسان روز پاڻ سان ٿيندي محسوس ڪري ٿو. سندس نثر، نظم ۽ تحريرن ۾ سنڌي قوم جي مسئلن جي ڳالهه، هڪ اتساهه، جذبو، هڪ سبق، نصيحت، اصلاح، صلاح، نواڻ، آس، انقلاب، محبت ۽ انسانيت جا اُهي سمورا رنگ رچيل آهن جن سان سرشار ٿي قومون شعور جي واٽن ڏانھن وک وڌائينديون آهن. ننڍپڻ کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ هن مهان ليکڪ جي لکڻين ۾ ان ڪري به هڪ گهرو اثر سمايل آهي جو سندن ڪردار، قول ۽ فعل جي سچائي انهن تحريرن تي ڇانيل ٿي رهي مان سدائين انهيءَ ڳالهه جي قائل رهي آهيان ته وڏو اديب هجڻ وڏي ڳالهه ناهي اصل ۾ وڏو انسان هجڻ وڏي ڳالهه آهي پر محمد علي وڏو انسان هجڻ سان گڏوگڏ وڏو اديب به آهي اهڙا اديب اڄ اٽي ۾ لوڻ برابر وڃي بچيا آهن جيڪي ادب سان سچا هجن ۽ سچا اديب هجن، جن جون لکڻيون سندن ڪردار جي عڪاسي ڪنديون هجن، جن جا لفظ قوم لاءِ لڙندا هجن، جن جا جملا نئي شعور کي جنم ڏيندا هجن، جن جي سوچ ٻين کي سگهھ ڏيندي هجي، جن جو فڪر نئون روح ڦوڪيندو هجي، جن جي ڏات انڌوڪار کي مٽائي ترقي ۽ جدت جي روشن صبح کي اُڀاريندي هجي، جن جي زندگي ڌرتيءَ لاءِ وقف ٿيل هجي.
” عڪس اکين ۾ رھجي ويو،
نقش اکين ۾ رھجي ويو“
جهڙي سحرانگيز ۽ متاثر ڪندڙ سٻاجھڙي ڀاءُ محمد علي پٺاڻ کي مان تڏهن کان سڃاڻان ٿي جڏهن اڃان مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو هن منهنجي محسن ڀاءُ وک وک تي منهنجي نه فقط حوصلا افزائي ڪئي پر سدائين اصلاح ڪري مونکي اڳتي وڌڻ جو اتساھ پڻ ڏنو نه فقط مان پر سڄي سنڌ ۾ اهڙيون کوڙ سنڌي نياڻيون ادب جي ميدان ۾ آهن جن کي ادا محمد علي پنهنجي نياڻين جيان اڳتي آندو آهي. مولا علي سائين جن جو فرمان آهي ته ” خلوص جا رشتا رت جي رشتن کان وڌيڪ اهم هوندا آهن. “ ادا محمد علي کي انهي قول جي صداقت تي مون سدائين پورو لهندي ڏٺو آهي سندن شخصيت ۽ طبيعت ۾ موجود عاجزيءَ کي ڏسي مونکي نوريءَ وارو نياز ۽ نوڙت ياد اچي ويندي آهي قدرت وڏا مان ۽ مرتبا به انهن کي ئي عطا ڪندي آهي جن کي جھڪڻ، نياز ۽ نوڙت جو ڏانءُ ايندو آهي. ادا محمد علي لکندو ۽ مسلسل لکندو ٿو رھي ھي محنت ڪش انسان ڪڏھن به ٿڪو ۽ حالتن اڳيان جھڪيو ناھي لکڻين ۾ سادي، سولي ۽ عام فھم ٻوليءَ ذريعي جداگانا حيثيت رکندڙ ھي انسان پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ، ٻين جي مدد ۽ ھمت افزائي ڪرڻ واري فطرت جو مالڪ آھي. ادا محمد عليءَ جو شايد ئي ڪو اهڙو ڪتاب هجي جيڪو مون نه پڙهيو هجي.
” اکيون آلا چنڊ، عاشورا آهن، اگھيا اوجاڳا، ڀڳو آرس اکڙين، Fluttering Feelings، مسافتون ياد جون، ميندي لهڻ کان اڳ ۾، مسافتين ياد ڪي، اڇي رات ڪارو چنڊ، مونکي آھ اُٿاريو، وقت بيهي نٿو، سئو لفظ سئو ڪهاڻيون، سامين سمر سور، دنيا کان اڳتي، جان جيئان تان پاڙيان، طوفان ۾ ڪکائون گھر “ کان ويندي ھيل تائين پنجيتاليھن ڪتابن جي هن خالق جي چواڻيءَ موجب ته ” سندس ڪتاب قوم جي امانت آهن “ انهيءَ امانت ۾ هن پوري ايمانداريءَ سان انصاف ڪيو ۽ شاندار ۽ شھڪار ادب سرجي هن قوم کي ارپيو آهي جيڪو ايندڙ نسلن کي پڻ سجاڳيءَ جو درس ڏيندو رهندو ۽ سندس زندگيءَ کي پرعزم امرتا بخشيندو رهندو بقول سندن:
اهي جي عزم سان گذارن پيا،
اهي پاڻ پنهنجو سنوارن پيا.
محمد علي پٺاڻ جي انقلابي ۽ احساساتي شاعريءَ ۾ سنڌيت، عشق، انسان سان محبت ۽ درد شناسي اهڙي طرح رچيل آهي جو هر سٽ تي دل واه واه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگھندي آهي.
” سوڀا! تو جي سور سٺا سانگين ڪاڻ،
لاهيندا ميراڻ! سيئي ساري سنڌ تان “
منهنجي ڳالهين سان اُهو ماڻهو ضرور متفق ٿيندو جنهن ادا محمد عليءَ کي ڏٺو يا نه مليو هوندو. هر سال پنهنجي سالگره ڀٽ شاه تي وڃي ملهائيندڙ ادب جي سڀني صنفن سان باڪمال نڀائيندڙ سنڌ جي هن نالي واري سٻاجھڙي اديب ادا محمد علي پٺاڻ کي ڏسي پڪ اٿم ته ڀٽ جو ڌڻي سٻاجھڙو لاکيڻو لطيف به ڏاڍو خوش ٿيندو هوندو ڇو ته ڪجهه ماڻهن جو جنم صرف سندن لاءِ نه بلڪه سڄي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين لاءِ به مبارڪ جو سبب هوندو آهي اڄ پنهنجي نهايت احترام لائق ڀاءُ ۽ برک اديب ادا محمد علي پٺاڻ کي مان پنهنجي ۽ سموري سنڌ وارن جي طرفان جنم جي انيڪ مبارڪن سان سندن ئي هي سٽون ارپي رهي آهيان:
سکن سان ستا ناهن، انهن لئه سر جھڪايان ٿو،
صدين کان جن انڌيرن مان تلاشيون روشنيءَ راهون،
اهي اڄ ڀي ٿڪا ناهن، انهن لئه سر جھڪايان ٿو.