يورپي يونين ۽ ڀارت جو واپاري معاهدو: ضرورتن جو سودو

تحرير: خالد محمود رسول

يورپي يونين ۽ ڀارت جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدو آخرڪار طئي ٿي ويو آهي. اٺارهه ورهين تائين هلي آيل ڊگهن ڳالهين ۽ بار بار وقفي کان پوءِ هي اڳڀرائي ظاهري طور هڪ وڏي معاشي ڪاميابي سمجهي پئي وڃي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ يورپي يونين ڪميشن جي سربراهه ارسلا فون ڊير لائين هن معاهدي کي ”سڀني واپاري معاهدن جي ماءُ“ (Mother of all deals) قرار ڏنو آهي. هن معاهدي جي معاشي اهميت پنهنجي جاءِ تي، پر 18 ورهين کان زيرِ بحث رهندڙ هن معاهدي جي ٽائمنگ سنجيدگي سان غور طلب آهي. اهم سوال اهو آهي ته هي هاڻي ڇو ممڪن ٿيو، اڳ ڇو نه ٿي سگهيو؟

2007 ۾ جڏهن يورپي يونين ۽ ڀارت پهريون ڀيرو ايف ٽي اي تي ڳالهين جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن عالمي معاشي فضا نسبتاً سازگار هئي. آمريڪا آزاد واپار جو سڀ کان وڏو علمبردار هو، سرگرم هو، ۽ عام تاثر اهو هو ته عالمي منڊيون وڌيڪ کلي وينديون. ان وقت به هي معاهدو ممڪن هو، پر ڀارت جي اندر طاقتور تحفظ پسند لابين، خاص طور زراعت، ڊيري، آٽو موبائيل ۽ دواسازي جي شعبن، هن معاهدي ۾ رڪاوٽون وڌيون. ڀارت عالمي سطح تي آزاد واپار مان وڏا فائدا حاصل ڪيا، پر گلوبل ٽريڊ جي حوالي سان پنهنجي منڊين تائين رسائي ۾ عملي پاليسي چونڊيل (Selective) رکي—يعني جتي فائدو هجي، اتي مارڪيٽ رسائي لاءِ تيار، ۽ جتي فائدو نه هجي يا مفادن جو ٽڪراءُ هجي، اتي ديوار کڙي ڪيو

هي معاهدو 12 کان 15 سال اڳ به ٿي سگهي پيو، پر نه ٿي سگهيو. اڄ جڏهن ڀارت نسبتاً گهٽ مزاحمت سان يورپي منڊي لاءِ وڌيڪ رسائي تي راضي ٿيو آهي، ته ان جو سبب اندروني معاشي معاملن کان وڌيڪ بيروني دٻاءُ آهي. نئين معاشي طاقتن جي اڀار جي پس منظر ۾ گذريل ڪجهه سالن کان عالمي واپاري نظام بنيادي تبديلي مان گذري رهيو آهي. آمريڪا جي موجوده حڪومت گلوبل ٽريڊ کي پنهنجي سياسي ۽ سيڪيورٽي مفادن جي حاصلات لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ هٿيار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا ۾ ڀارت کي 50 سيڪڙو ٽيرف، ٽيڪ ويزن ۾ گهٽتائي ۽ واپاري ماحول ۾ بيزاري کي منهن ڏيڻو پيو آهي. آمريڪا طرفان پنهنجي عالمي سياسي عزائم سان ڳنڍيل ٽيرف ۽ ٽيڪنالاجي پابندين جا يڪطرفا قدم نه رڳو چين، پر يورپي يونين ۽ ڀارت کي به اهو احساس ڏيارين ٿا ته پراڻو rule-based عالمي نظام هاڻي عام روايت نه رهيو آهي.

هن معاهدي جا اثر پاڪستان لاءِ انتهائي ڏور رس ٿي سگهن ٿا. يورپي يونين پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمداتي منڊي آهي، جتي سالياني واپار لڳ ڀڳ 12 ارب يورو آهي. هن واپاري حجم ۾ جي ايس پي پلس جي سهولت جو اهم ڪردار آهي.  EU–India FTA کان پوءِ ڀارت جي ٽيڪسٽائل کي ڊيوٽي فري رسائي ۽ پاڪستان لاءِ جي ايس پي پلس جي تسلسل بابت بي يقيني سنگين مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. جي ايس پي پلس کي يورپي يونين ماحولياتي، ليبر ۽ گورننس معيارن سان مشروط ڪري رکيو آهي، جيڪو هڪ  ٹ ٽنگيل تلوار وانگر آهي. وزيراعظم جو هن هفتي يورپي يونين جي وفد سان ملاقات دوران ان جي جاري رکڻ تي خاص زور رهيو. پر اعتماد جوڳو ۽ پائيدار معاشي رستو اهو ئي آهي ته: برآمدات کي گهٽ ويليو شين مان ڪڍي ويليو ايڊيڊ شعبن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، يورپي يونين سان واپار سان گڏ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏني وڃي، ۽ علائقائي واپار کي سياسي يرغمال بڻائڻ بدران معاشي ضرورت طور ڏٺو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.