سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰ ۽ عهدو ڇڏڻ بابت گردش ڪندڙ خبرن کي بي بنياد پروپيگنڊا قرار ڏيندي چيو آهي ته “ميڊيا جا بادشاهه ماڻهو” موجود رهندا ته اهڙا افواهه به هلندا رهندا ڪڏهن زرداري جي وڃڻ جون خبرون اچن ٿيون، ڪڏهن خورشيد شاهه بابت ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻي شخصيت متعلق قياس آرائيون ڪيون وڃن ٿيون،هن سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال ۾ مرمت ۽ توسيع بعد جديد آپريشن ٿيٽرز۽ جديد ليبارٽري جي افتتاحي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڌندڙ مهانگائي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ عوامي مسئلن بابت پيپلز پارٽي خاموش ناهي ويٺي ۽ پارٽي وقت بوقت مهانگائي خلاف آواز اٿاريندي رهي آهي،هن چيو ته جيتوڻيڪ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون نسبتاً گهٽ آهن، پر پيٽرول تي لڳل ليوي جي شرح تمام گهڻي آهي۔ سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي دور حڪومت ۾ پيٽرول تي في ليٽر لڳ ڀڳ اٺ رپيا ليوي هئي، جيڪا هاڻي وڌي عوام تي اضافي بار بڻجي وئي آهي۔هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن پيٽرول جي بنيادي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي ممڪن ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ ليوي گهٽائي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي۔سول اسپتال سکھر ۾ طبي سهولتن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسپتال ۾ صحت جون سهولتون جديد تقاضائن مطابق بهتر بڻايون پيون وڃن، ڪراچي کانپوءِ سنڌ جو ٻيو وڏو جديد ٽراما سينٽر سکر ۾ قائم ڪيو پيو وڃي.