ڪراچي جي آبادي ۾ واڌ،ڏوهه روڪڻ لاءِ پوليس نفري جي کوٽ

ڪراچي(رپورٽر) ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي ۽ پوليس نفري جي کوٽ وچ ۾ موجود واضح فرق ڏوهن تي ضابطو آڻڻ کي وڏو چئلينج بڻائي ڇڏيو آهي۔ موجوده صورتحال ۾ شهر جي آبادي جي ڀيٽ ۾ پوليس اهلڪارن جو انگ انتهائي گهٽ هجڻ سبب ڏوهن جي روڪٿام ۽ مؤثر ڪارروائين ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.سرڪاري انگن اکرن موجب ڪراچي جي ڪل آبادي 2 ڪروڙ 3 لک کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته انهن لکين ماڻهن کي هن انگ ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي جيڪي روزگار ۽ معاشي سببن جي ڪري ملڪ جي مختلف علائقن مان لڏي اچي شهر ۾ آباد ٿيا آهن۔ ماهرن موجب غير رجسٽرڊ آبادي شهر جي انتظامي ۽ سيڪيورٽي نظام تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي رهي آهي۔ سماجي ماهرن جو چوڻ آهي ته بنا رٿابندي قائم ٿيندڙ ڪچيون آباديون، بيروزگاري، مهانگائي ۽ وڌندڙ معاشي دٻاءُ اهي بنيادي عنصر آهن جيڪي شهر ۾ ڏوهن جي واڌ جو سبب بڻجي رهيا آهن۔ انهن حالتن سان گڏ پوليس نفري جي کوٽ صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي۔ انگن اکرن مطابق ڪراچي کي ٽن وڏن زونن ايسٽ، ويسٽ ۽ ساؤٿ ۾ ورهايو ويو آهي۔ ايسٽ زون جي ٽن ضلعن ۾ لڳ ڀڳ 11 هزار 500 پوليس اهلڪار مقرر آهن، جڏهن ته ويسٽ زون ۾ اهو انگ تقريبن 6 هزار 750 ٻڌايو وڃي ٿو۔ ساؤٿ زون ۾ لڳ ڀڳ 8 هزار 100 اهلڪار مختلف سطحن تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن۔ مجموعي طور ڪراچي ۾ تقريبن 26 هزار 350 پوليس اهلڪار آپريشن، جاچ ۽ ٻين شعبن ۾ مقرر آهن۔ ان کان علاوه 16 هزار کان وڌيڪ اهلڪار دفتري ۽ انتظامي ذميوارين تي مقرر آهن، جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ اهلڪار وي آءِ پي ۽ وي وي آءِ پي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن۔ بين الاقوامي معيار موجب هر 300 کان 400 شهرين لاءِ هڪ پوليس اهلڪار هجڻ گهرجي، پر ڪراچي ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي جتي هڪ پوليس اهلڪار تي تقريبن 774 شهرين جو بار آهي، جنهن سبب پوليس کي امن امان قائم رکڻ ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.