ھو يونان جي ديوتا پروميٿيئس جي ڏند ڪٿائن جو حامي نه ھو پر اُنھن سَمورن ديوتائن سان پيار ۽ اُنھن جو احترام ضرور ڪندو ھو، ڇو جو ھو اُنھن ڏند ڪٿائن جي بجاءِ زميني حقيقتن جو حامي ھو ۽ حقيقتن تي يقين رکندڙ عظيم باغي مھان انسان ھو، ھو جيڪو به سوچيندو ھو اُھو ئي ڪندو ھو ڇو جو ھُن سڄي سنڌ جي تاريخ کي ڄاڻي ورتو جيڪا مٿس وحي جي صُورت ۾ لٿي ھئي ھو اُھو عظيم مھان باغي انسان سائين جي ايم سيد جنھن جو جنم 17 جنوري 1904ع تي سنڌو درياءِ جي ڪَپَ تي سن شهر ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ ڌرتي جي ھزارين ورھين جي تاريخ به سمايل ھئي جيڪا سندس جي اکين ۾ ائين ڇلندي ھئي جيئن سمنڊ جون لھرون ھڪٻئي سان ٽڪرائينديون ھجن ته وري شاھه لطيف جي شاعري جو ھڳاءُ به ھو ته ساڳي ئي وقت قومپرستي جو جذبو به سمايل ھو ھُن جي مٽي اُن سنڌو درياءِ جي ڪَپَ کنئي تان وئي جنھن ۾ سنڌ ڌرتي جا خوبصورت خواب سانڍيل ھئا ته اُنھن عورتن جا عڪس به شامل ھئا جيڪي چانڊوڪي رات ۾ سنڌو درياءِ جي لھرن تي رقص ڪري پَنھنجن خوشين جو اظهار ڪنديون هيون ۽ سنڌو درياءِ مان دلا ڀرينديون ھيون جنھن کي مهاڻا پَنھنجن ساھه ۾ سانڍي حملي آورن جي نظرن کان پري رکيو جيڪي ھڪ مورچي جي صُورت ۾ حفاظت ڪندا هئا.
سائين جي ايم سيد پَنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي سنڌ جي آزاديءَ جا خوبصورت ڏٺا ھئا جيڪي خواب ساڀيان بنجڻ لاءِ چوڌاري ڀؤنرن جيان سيس نمائي بيھي رھندا ھئا جنھن ۾ ايڏو ته ميٺاج، پنھنجائپ جو احساس، ماءُ جو پيار، محبت، سِڪَ ۽ نرم لھجي جي ٿڌاڻ به شامل ھئي جيڪا ماڪ ڦڙن جيان سنڌ جي ڳاڙھن ڳڀرن نوجوانن جي دلين تي پوندي ھئي جيڪا سنڌ جي نوجوانن کي ائين موھي وئي جيئن ڪا خوابن جي اپسرا نديءَ جي ڪناري ويھي ڊگهي تپسيا ڪري پَنھنجي گمنام مجنون کي پڪاري رھي ھجي ۽ اُھي پڪاريل آواز نديءَ جي لھرن ۾ گردش ڪري ائين رقص ڪري رھيا ھجن جيئن ڪو ازل کان اُڃايل ۽ سڪايل عاشق پَنهنجي محبوبه جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ آتو ھجي جنوري جي ٿڌين ۽ ڊگهين سياري جي راتين ۾ سائين جي ايم سيد جا ڏنگا ٻار جنھن کي ھو پَنھنجي اولاد کان گھٽ ڪونه سمجھندو ھو جيڪي سندس جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ پَنھنجا گرم بسترا ۽ محبوبائن جا گرم ڀاڪر ڇڏي سن جي سيد جو رُخ ڪندا هئا جنھن جو پيار قومي ڪارڪنن لاءِ ماءُ جيان ھو جڏھن به ڪو سندس ڏي اڌ رات ويندو ھو ته اُن وقت پاڻ پڇندو هو ته ماني کاڌي اَٿوَ جيڪڏهن ڪو چوندو هو ته ھائو کاڌي آھي اُن وقت اداس، بُکايل ۽ ڪُومائجي ويل چھرن کي جھٽ پل ۾ محسوس ڪري وٺندو ھو ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي پاڻ اُن وقت وڃي ماني ٺھرائي کڻي اِيندو ھو جيئن ڪا ماءُ پَنھنجي بُکايل ٻارن جي بُک کي محسوس ڪندي آهي ته ھو بُکايل آهي اُھو سبب ھو جو ھِن سن جي پوڙهي جھور شينھن جا عاشق اڪثر نوجوانن جي قطارن ۾ لکيا ۽ ڳڻيا ويندا ھئا پاڻ سنڌ ڌرتي جو عاشق ھوندي به ڪيترائي نوجوان پاڻ تي فدا ڪري ڇڏيا جنھن ۾ عمر نه ڪا حد ھئي جيڪا اُنھن نوجوانن کي روڪي سگهي.
سن جو اُھو صوفي منش عظيم مھان باغي انسان جنهن جي نظر سڀ کان وڌيڪَ اُتم انسانيت ھئي ھو تھذيبن جي ٽڪراءَ واري نقطئه نظر بدران انسانيت ۽ مذھب جي پُرامن بقا ۽ باھمي جو پرچارڪ هو جنھن پُوري انسانيت کي جيئڻ سيکاريو ھو جنھن وقت سنڌ اندر مذھبي انتھاپسندي جي باهه ڀڙڪي رھي ھئي ته پاڻ اُن وقت اُن باھه کي وسائڻ لاءِ ھٿ ٺڪيل مذھبي انتھاپسندي ۽ عقيدت پرستي جي روايتن جي بُتَ کي پَنھنجي ھٿن سان ٽوڙي پَٽُ ڪيو جيڪي ماڻهو انتهاپسندي جي آڙ ۾ ڌرتي تي ھڪٻئي جي خون جا پياسي بڻيل ھئا جيڪي مُلان، پنڊت ۽ پاڌري مذھبن جي غلط تشريح ڪري انسانيت کي ھڪٻئي کي ويڙهائڻ ۾ پورا ھوندا ھئا پاڻ اُن وقت پَنھنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي ”جيئن ڏٺو آهي مون“ جھڙو ڪتاب لکي مذھبي انتھاپسندي ٺيڪيدار کي مُنھن ٽوڙ جواب ڏئي سنڌي قوم آڏو پيش ڪري اصل حقيقتن کان باخبر ڪيو جيڪي انسانيت جي رڪاوٽ ۾ سبب بڻيل هو.
پاڻ نيشنل ازم، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ ڊيموڪريسي جي نقطن تي مذھب ۽ سياست جي الگ ڇنڊڇاڻ ڪري ڏيکاريو جنهن سنڌي قوم لاءِ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا جن ۾ ”پيغامِ لطيف“، ”ديارِ دِل ۽ داستانِ محبت“ ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“، سنڌي ڪلچر، ”سنڌ جا سورما“ ۽ ”سنڌ ڳالھائي ٿي“ سميت 60 کان وڌيڪَ شاندار ڪتابَ لکيا آهن جيڪي نج سنڌ وطن جي آزادي، مجازي عشق ۽ سنڌ ڌرتي عشق تي لکيل آهن جن ۾ سياست، ادب، ڏاھپ، فلسفو، ٻولي، ثقافت، تاريخ جا چٽا جاندار دليل ۽ سنڌ جي آزادي جو عالمي ڪيس پڻ شامل آهي جن کي پڙھڻ ۽ مطالعي ڪرڻ سان ذھني شعوري اوسر ۾ واڌ ويجھه ٿئي ٿي جيڪي ھر مڪتبه فڪر جي ماڻهن لاءِ ضروري آهن جن ۾ جھاتي پائڻ سان ائين لڳندو آهي ڄڻ تاريخ اوچو ڳاٽ ڪري ڳالھائي رھي آهي سائين جي ايم سيد جڏھن سنڌو درياءِ جي ڪَپَ ڀرسان ٻٻر جي وڻ ھيٺيان ويھي ٽُڪَ واري رِلهي کٽ تي وڇائي ڪري قومي ڪارڪنن، سنڌي ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪندو ھو ته اُن وقت آسمان ڏانهن اڏامندڙ پکي به ڀر ۾ اچي ويھي خاموشي ڪچھري سندس جي ٻُڌندا ھئا ائين لڳو ھو ڄڻ سنڌ ڳالھائي رھي آھي جنھن جي لفظ لفظ ۾ ميھار جھڙي بانسري جھڙا سُرَ شامل ھئا جيڪي سنڌي قوم جي ماڻهن کي سڏي ڪري ھڪ ٿيڻ جي تلقين ڪندا هئا جنھن وٽ پَنھنجن ماڻهن لاءِ ايڏو ته پيار، سِڪَ، تڙپ، اُڪير ۽ تانگهه ھئي جيڪا سندس سڪون جي ننڊ سمهارڻ ڪونه ڏيندي ھئي جنھن جون اکيون ھر وقت اُن سنڌي قوم ڏانھن نھارينديون ھيون جنھن کي ھو محبوب سمجھندو ھو اُھو ئي سبب هو جو ھُن عظيم مھان باغي انسان ننڍپڻ ۾ ئي سنڌو درياءِ جي وھندڙ پاڻيءَ جي چسڪي ڀري ڇڏي جنھن جي چپن تي ۽ مرڪ ۾ سنڌ نظر ايندي ھئي جنھن سنڌ کانسواءِ ٻي ڪا به ٻولي ڪونه سکي ھئي ھُن جو مقصد ۽ محور سنڌ وطن جي آزادي ھئي ۽ پَنھنجن سنڌي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ ھو روشن مستقبل ھو جيڪي ھِن ديس جا ماڻهو صدين کان غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ھئا پاڻ اُھي غلامي جا زنجير ٽوڙڻ لاءِ پَنھنجي فڪر سان سنڌ جي ماڻهن کي روشناس ڪرايو جيڪي ھِن ڌرتي تي رھندڙ ھئا جن کي ھِن آزاد فضائن ۾ ساھه کڻڻ ۾ گھڻي تڪليف ھئي پاڻ اُن غلاميءَ ۽ پٺتي پيل سنڌي قوم کي جاڳائڻ لاءِ ھر ھنڌ ڏينھن ۽ رات جاڳي ڪري پَنهنجن تحريرن، تقريرن ۽ فڪر سان ڇڙوڇڙ ٿيل سنڌي قوم کي ۽ سَموري دُنيا کي امن عالم، ترقي بني آدم، اتحادِ انساني، بقاءِ باھمي ۽ قومي آزاديءَ جي فڪر جي سان مڙي سڙي گڏ ڪري سَڄي دُنيا جي آڏو سنڌي قوم کي روشناس ڪرايو جيڪي ماڻهو جدا جدا قبيلن، خاندانن ۽ ذاتين ۾ ورهايل هئا تن کي سنڌي قوم جو تصور ڏئي سنڌي قوم بڻائي ڇڏيو.
اُھو عظيم مھان باغي انسان جنهن کي ھِن سنڌ ڌرتيءَ پَنهنجي ۾ محبت ايترو ته سرمست ڪري ڇڏيو جنھن محبوبه سنڌ ڌرتي جي عشق کي اھڙو ته پروڙي ڇڏيو جو پاڻ سنڌ جو ٿي ويو ۽ ساڻس سنڌ ھُن جي ٿي وئي ھو سندس جي رڳن ۾ اُن سنڌو درياءِ جو پاڻي گجگوڙ ڪري لھرن جيان ڊوڙيندو رھندو ھو ڇو جو اُن محور سنڌ ۽ سنڌي قوم ھئي جنھن قوم کي سيد محبوب سڏي مخاطب ٿيندو ھو ۽ وڏي اُڪير مان سئو سئو ڀيرا قربان ٿيڻ چاهيندو هو سائين جي ايم سيد جڏهن به سنڌ ڌرتي جي تاريخ کي برقرار رکڻ لاءِ جڏهن سنڌ جي آزادي جي صدا بُلند ڪئي ته مٿس رياست ڏمرجي پئي جنھن سبب ھُن جي زندگي جا حَسين ۽ خوبصورت ڏِينهَن جيلن ۽ نظربندي جي حوالي ٿي ويا پر اصولن جي پابند ھِن عظيم مھان انسان سنڌ وطن جي آزادي واري نظريي، وطن سان محبت ۽ سنڌي قوم سان محبت جي ڏوھه ۾ جيلن جون سزائون ڀوڳڻيون پيون ۽ مَٿس بغاوت ۽ غداريءَ جا نه صرف الزام هنيا ويا پرڪيس به داخل ڪيا ويا جَن کي سائين جي ايم سيد مُرڪي مُنهن ڏنو پر تنھن ھوندي به ھُن پَنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ڪابه لچڪ ڪانه آندي سائين جي ايم سيد ضمير واحد قيدي ۽ سنڌ جو عاشق هو جنھن کي دُنيا ڪابه طاقت ٽوڙي ڪونه سگهي سن جي ھِن پوڙهي جھور شينھن جنھن جو جسم پوڙھائپ جي حد اختيار ڪري چُڪو هو پر سندس جا جذبا جوان ھمت، حوصلو مضبوط ارادا رکندڙ ھئا جنھن کي ھِن حڪومت جا جج سزا ٻڌائڻ کان پھريان پَنھنجون ڪرسيون ڇڏي ڀڄي ويندا ھئا ڇو ته سيد جي ڳالهه ٻڌڻ جي شايد ھنن ۾ ٻڌڻ جي جرئت نه هئي ھو کيرٿر جبل جي چوٽيءَ کان به اوچو عظيم مھان باغي انسان جيڪو پَنهنجي ارادن ۾ اٽل هماليه جبل کان پڪو ۽ پختو ھو جنھن جو اوچو ڳاٽ ھميشه ڪارونجهرجبل جيان ھميشه وفائي، سچائي، ۽ ڇپر ڇانوَ جو ڏيک ڏيندو ھو جيڪو ڪڏهن به ڪنهن ظُلم، ڏاڍ، جبر ۽ سختين جي آڏو ڪڏهن ڪونه جھڪيو سائين جي ايم سيد جڏهن به سنڌو وطن جي آزاديءَ واري نظريي جو آواز بُلند ڪيو ۽ جيڪو سَدائِين سنڌي قوم ۽ وطن جي خاطر پَنھنجي جان جي پرواهه نه ڪندي وقت جي حاڪمن، جابرن، رھزن ۽ آمرن جي اڏو اڏول ٿث بيھي ڪري اُنھن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون پر سنڌ جي ھِن عظيم عاشق پَنهنجي مقدس مقصد تان ڪڏهن به پوئتي ڪونه ھٽيو سندس جي آزادي جو فڪر ۽ پاڪ ڪردار اُن روشن سج جيان آهي جيڪو ڪڏهن به جهَڪو ناھي ٿيڻو.
جيستائين سنڌ آھي تيستائين نظريو ۽ فڪر زندھه رھندو اُن لاءِ سنڌ جي ساڃاهه وندن ليکڪن، وڪيلن، اُستادن، شاگردن، نياڻين کي نينڊ ڏجي ٿي ته اچو سڀ گڏجي اڄ جي ھِن مقدس قومي ٻڌي، ايڪتا، پيار، امن، رواداري ۽ آزادي واري جذبي سان 17 جنوري 2026ع تي سائين جي ايم سيد جي 122ھين سالگرهه جي موقعي تي مزار تي سيس نمائي ساڻس ۽ سنڌ سان وفا جو وچن ورجايون.