هِنئين جَنِين سين هوڏَ …

محمد اسماعيل راهو

جڏھن 1979ع ۾ جنرل ضياءُ جي ڪاري آمريت جي دور ۾ عوامي تحريڪ ھاري ڪانفرنس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اھو  5 جولاءِ 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ 4اپريل 1979 تي ڀٽو صاحب جي شھادت کانپوءِ ملڪ اندر پئدا ڪيل خوف دھشت جي ماحول ۾ آمريت خلاف اھو پھريون سياسي اجتماع ٿي رھيو ھو۔ شھيد فاضل راھوءَ اھا ڪانفرنس راھوڪي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سمورو بندوبست ڪرڻ جو ڪم پنھنجي سر تي کنيو. 9 آڪٽوبر 1979 تي راھوڪيءَ ۾ ٿيل انهيءَ ھاري ڪانفرنس ۾ ھزارين ھارين شاگردن مزدورن ۽ سياسي ورڪرن سان گڏ پنجاب ۽ ڪراچي جي کاٻي ڌر جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اھا ڪانفرنس ضيائي مارشل لا جي پيدا ڪيل سياسي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ پھريون پٿر ھئي۔ ضياءَ جي مارشل لا عوام جا سمورا بنيادي حق ۽ داد فرياد جا وسيلا کسي ورتا ھئا، انصاف جا دروازا بند ڪري ماڻھن تي ظلم ۽ تشدد جي انتھا ڪئي وئي! قيد ڦٽڪا ۽ ھر طرح جي ناانصافي عام ھئي، سنڌي ماڻھن ۽ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاھي چاڙھي شھيد ڪيو ويو۔ انھي ظلم، دھشت، دٻاءُ سبب چو طرف موت جھڙي ماٺ ھئي۔ جنھن ڪڇيو ٿي ان لاءِ جيل، ڦٽڪا يا مقتل گاھ سينگاريل ھو، ان گھٽ ٻوساٽ ۽ دم گھٽجڻ واري سياسي ماحول ۾ ڪُڇي ته ڪڇي ڪير!؟ ان ٻاٽ اونداھيءَ اندر راھوڪيءَ مان فاضل راھو ڪنڌ ڌوڻي اٿي کڙو ٿيو، آڪٽوبر 1979 ۾ راھوڪي ۾ ھاري ڪانفرنس جي نالي ۾ ھزارين ماڻھن کي گڏ ڪري مارشل لا کي للڪاري خوف ۽ حراس جي ماحول ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيائين!

ڪانفرنس جي ٻئي ڏينھن تي ئي مارشل لا اختيارين راھوڪيءَ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو. وٺ وٺان ٿي وئي، راھوڪي تي فوجي جٿا ڪاھي پيا ۽ سڄي ڳوٺ جو گھيراءُ ڪري، ڪڙو چاڙھي سرچ آپريشن ڪيو ويو۔ اسان جي گھر جي ڪيترائي ڀيرا جھڙتي ورتي وئي، نه رڳو راھوڪي پر اسانجي حيدرآباد وارن گھرن تي به ڪيترا ئي ڇاپا ھنيا ويا۔ ڳوٺ ۽ حيدرآباد جي گھرن تان ڪتاب، ڪاپيون، ڪاغذ ۽ ٻيو مواد کنيو ويو. ٽيپ رڪارڊر جون 100 کان وڌيڪ ڪيسٽون به ضبط ڪيون ويون۔ جن ۾ ڪجهه ادا صديق مرحوم جي گڏ ڪيل گانن جون ھيون باقي ٻيون پليجو صاحب، بابا شھيد جي تقريرن ۽ منشي ابراھيم، سرويچ سجاولي ۽ ٻين شاعرن جي گيتن جون ۽ ڪجههہ مِٺَو مھيري جي آواز ۾ قومي گيتن جون ھيون ۔ان کان علاوه بابا جا لائيسنس وارا ھٿيار به کڻي ضبط ڪيا ويا۔ جن ۾ ھڪ ريوالور، ھڪ 0.22 بور جي رائيفل ۽ ھڪ  7 ايم ايم بور واري سيمي آٽوميٽڪ رائيفل جنھن تي ٽيلي اسڪوپ به لڳل ھوندو ھو۔ اھي سڀ لائيسنس وارا ھٿيار ھئا، پر فوجي انتظاميا  پاران بنا لائيسنس وارا ڄاڻائي بابا شھيد ۽ ادا صديق تي ڪيس داخل ڪيو ويو۔ رسول بخش پليجو، شھيد فاضل راھو، ادا صديق مرحوم، غلام قادر پليجو، مِٺَو مھيري، حسين بخش ناريجو، ڊاڪٽر اسلم پرويز، سيد عالم شاھ، اسماعيل مھيري، ادريس ميراڻي، گل چانگ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا۔ جن تي ڪيس داخل ڪري سمري ۽ اسپيشل ملٽري ڪورٽس جي ذريعي قيد، ڏنڊ ۽ ڦٽڪن جون سزائون ڏنيون ويون۔ شھيد فاضل کي ھڪ ڪيس ۾ سمري ملٽري ڪورٽ بدين ۽ ٻي ڪيس ۾ ملٽري ڪورٽ حيدر آباد ۾ قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون ڏنيون ويون۔ ان کان سواءِ اسان جي ڳوٺ ۽ حيدرآباد وارن گھرن تي لڳل فوجي ڇاپن ۾ ھٿ آيل ڪتابن، لکيل مواد، ٽيپ ريڪارڊر جي ڪيسٽن ۾ مليل مواد ۽ تقريرون ڪرڻ جي ڏوھ ۽ غير قانوني ھٿيار رکڻ جا ڪوڙا الزام لڳائي بابا شھيد ۽ ادا صديق مرحوم تي بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ويا۔ انھن ڪيسن کي ھلائڻ لاءِ بدين ۾ اسپيشل ملٽري ڪورٽ قائم ڪئي وئي۔ سمري ملٽري ڪورٽ کي ميجر ھلائيندو ھو۔ جنھن کي سب مارشل لا ايڊمنسٽيٽر به چيو ويندو  ھو۔ جڏھن ته اسپيشل ملٽري ڪورٽ ٻن فوجي آفيسرن ۽ ھڪ سولين ميجسٽريٽ  تي مشتمل ھوندي ھئي، جنھن جو سربراھ ڪرنل ھوندو ھو۔ ان سان گڏ ھڪ ميجر ۽ ھڪ اسسٽنٽ ڪمشنر يا مختيار ڪار  ھوندو ھو۔ جيڪو جج سڳورن يعني ڪرنل ۽ ميجر صاحبن کي سنڌي ۾ رڪارڊ ڪيل تقريرن، گيتن ۽ لکيل ڪاغذن جو اردو ۾ ترجمو ڪري ٻڌائي۔ بابا ۽ ادا صديق جي ڪيس ۾ اھو ميجسٽريٽ جاتيءَ جو احمد خان ميمڻ ھو جيڪو مختيارڪار گولاڙچي به مقرر ٿيل ھوـ مختيارڪار احمد خان  دراصل اچي ڦاٿو ھو، کيس زوري مقرر ڪيو ويو ھو، ان ڪري ھميشه منھن سڄايو ويٺو ھوندو ھو۔ ڪيس جي ڪارروائي ھلڻ دوران پارٽي جو ساٿي وڪيل محمد قاسم ميرجت چوندو ھو ته ملٽري ڪورٽ جي ھن ٽرائل ۾ فريادي، جوابدار، شاھدن، وڪيلن ۽ ٻين سڀني ۾ ڪو مظلوم لڳي ٿو ته ھي ميجسٽريٽ ٿو لڳي، جي وس پڄيس ته اصل منھن ڪري کڻي ڀڄي. محمد قاسم ٻڌايو ته ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي ويندي ھئي جڏھن ڪنھن تقرير، گيت يا لکيت جو مختيارڪار کي اردو ترجمو ڪري ڪرنل ۽ ميجر کي ٻڌائڻو ھوندو ھو ته ميمڻ صاحب کي ھڪڙا پگھر لھندا ھئا ته ٻيا چڙھندا ھئا. پاسي ۾ ويٺل ڪرنل ۽ ميجر منجھس  اکيون کوڙي چوندا ھئس ته ٻڌائي ھن ۾ ڇا آھي ۽ وري سامھون محمد فاضل ويٺو ھوندو ھئس جيڪو ھينئر ته جيل ۾ ھو پر اڄ نه ته سڀاڻي جڏھن ٻاھر ايندو ته پوءِ!؟

جڏھن ڪيس ھلڻ شروع ٿيو ته ڪرنل،  شھيد کي چيو، توھان جيڪڏھن وڪيل ڪرڻ چاھيو ته ڀلي ڪري سگھو ٿا۔ آئون ۽ محمد قاسم ميرجت حيدر آباد جي وڏن وڪيلن سان ملياسون، مارشل لا جي خوف سبب ڪن وڪيل صاحبن کتو جواب ڏنو ته اسين ھن ٻرندي باھ ۾ ڪونه پونداسين ۽ ڪن وري بدين جي مفاصلي جو بھانو بڻائي انڪار ڪري ڇڏيو! اھا ڳالهه محمد قاسم جڏھن شھيد فاضل سان ڪئي تڏھن ان پڇيو ته سرڪار جو وڪيل ڪير آھي؟ محمد قاسم ٻڌايس  ته اھو بدين جو وڪيل زين العابدين آھي. گھڙي کن سوچي چيائين ٺيڪ آھي، ”سو ھي سو ھو، سو اجل سو الله“ معنيٗ فريادي به سرڪار پاڻ، جج پاڻ، شاھد به پاڻ، ته وڪيل به پاڻ، ته فيصلو به سندن.  پاڻ کي وڏو وڪيل ملي ڪونه ٿو ان ڪري پاڻ به ڪو ڊرامون ٿا ڪريون. منھنجو ذاتي دوست وڪيل چوڌري لطيف آھي، ٻيو منھنجو دوست وڪيل حيدرآباد جو پرتاب راءِ، ٽيون اسان جي گھر جو وڪيل قاسم صاحب۔ چوڌري لطيف ھمراھن جو گرائين آھي سو ھنن سان تُسي مُسي ڪيو ويٺو ھوندو، پرتاب راءِ ھوشيار وڪيل آھي، ڪيس جي مڪمل تياري ڪندو، محمد قاسم منھنجو ۽ صديق جو وڪيل ھوندو ۽ پارٽيءَ طرفان لاڳاپي وارو به ھوندو. وڪيلن کي گھربل ڪاغذ پٽ ۽ شاھد به ھٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو۔

پھرين شنوائيءَ تي وياسون ته اسان وارن وڪيلن کان پڇيائون ته ”ڏيو خبر اوھين وڪيل به آھيو يا رڳو ڪارا ڪوٽ پائي اچي ويھي رھيا آھيو؟ ٻئي ڏينھن تي سڀني وڪيلن پنھنجون سندون پيش ڪيون۔  ڪيس ھلڻ ۾ پيشرفت ٿي ته مٿان رمضان شريف جو مھينو به اچي پھتو. قاسم ميرجت مونکي چيو “محمداسماعيل ھاڻي ته جھلجي وياسين پاڻ سڀ بي روزائتا، ھڪ ته مارشل لا ٻيو فوجي ڪورٽ مٿان رمضان پاسن ۾ رڳو سڃ ، نه پاڻي چانھه نه سگريٽ!”  ھڪ تاريخ تي محمد قاسم کان ميجر پڇيو ته توھان روزو رکو ٿا؟ جواب ڏنائينس ته اسين سڀ مسافري ۾ سو روزو ڪيئن رکنداسين. ميجر وراڻيو،” بدين ۾ فلاڻو ھوٽل آھي آئون انھن کي چوان ٿو اوھان کي چانھ ماني وغيره ڏيندا.” پوءِ ته اسان سان گڏ ميجسٽريٽ صاحب جا به مزا ٿي ويا ھو به پنھنجي جيپ تي ڇڙھي اتي اچي اسان سان گڏ ماني کائيندو ھوـوڪيلن جي مرحلي کانپوءِ بابا شھيد ۽ ادا صديق مرحوم تي  چارج پڙھي ٻڌائي وئي، ادا صدصق جي ڄمار 23 سال ھئي . ھڪ ته فلاڻي تاريخ تي راھوڪيءَ  ۾ ماڻھو گڏ ڪري مارشل لا جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ماڻھن کي ورغلايو،اوھان جي گھر مان جھڙتي ۾ غير قانوني مواد ھٿ آيو آھي، ٽيون ته اوھان جي گھران بنا لائيسنس وارا ھٿيار مليا آھن۔ ادا صديق چيو ته اھو سڀ ڪوڙ آھي۔ اسان ڪوبه ڏوهه ناھي ڪيو۔ شھيد فاضل چيو ته ڪي به قانون خلاف تقريرون ڪونه ٿيون آھن. ٻيو ته ھي پنا ۽ رسالا توھان الائي ڪٿان گھٽين مان ميڙي کڻي اسان تي لڳايا آھن۔ باقي ھٿيار منھنجا آھن جيڪي سڀ لائيسنس وارا آھن.

بقایيا صفحي 2  تي پڙهندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.