گولاڙچي (رپورٽ :عيدن زندپور) ھاري اڳواڻ شھيد فاضل راهو جي 39 ھين ورسي جي موقعي تي ھر سال وانگر 39 ھين شھيد فاضل ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ، ادبي ڪانفرنس ۾ ھڪ ھزار کان مٿي عورتون ۽ مرد ھر سال وانگر ھيل به شريڪ ٿيا، ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شھيد فاضل راهو جي فرزند محمد اسماعيل راھو صوبائي وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جن چيو ته شھيد فاضل راهو ھڪ تحريڪ ھڪ تاريخ ھو، شھيد جي جدوجھد جو ثمر اسان ۽ توھان سڀ پاڻ باشعور ماڻھو آھيون ، ان موقعي تي پروفيسر عبدالله ملاح چيو ته رات جو دير تائين سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ ھڪ ننڍڙي ڳوٺ راھوڪي ۾ شھيد فاضل راهو جي مزار لڳ ايڏي وڏي تعداد عورتن ۽ مردن جي شرڪت سان ادبي ڪانفرنس سنڌ ۾ ٻي ڪٿي به نه ٿيندي آھي، راھوڪي ۾ ٿيندڙ ھن شھيد فاضل راھو ادبي ڪانفرنس ۾ آغا سليم کان وٺي شمشير الحيدري فقير محمد لاشاري کان وٺي عبدالقادر جوڻيجي تائين شوڪت شوري کان وٺي سرويچ سجاولي منشي ابراھم ڊاڪٽر جبار جوڻيجو ڊاڪٽر الانا امتياز عالم محمود شام نظير لغاري مجاھيد بريلوي اعجاز منگي جامي چانڊيو سردار شاھ قلندر شاھ لڪياري تائين وڏا وڏا ادبي نالا تسلسل سان شرڪت ڪندا آيا آهن، شھيد فاضل راهو جي فرزند محمد اسلم راھو چيو ته شھيد عوام محمد فاضل راهو اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو ، راھوڪي ۾ رٿيل ھن ڪانفرنس جي صدارت نامور شاعر احمد سولنگي ڪئي، مھمان خاص علمي ادبي شخصيت ڊاڪٽر فتح محمد مري، اعزازي مھمان نامور محقق ڊاڪٽر شير مھراڻي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، علي زاھد تاج محمد ملاح، ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀار، ڊاڪٽر جبار نظاماڻي، ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر، خليل ڪنڀار، پروفيسر خادم، مخدوم پروفيسر نقاش علواڻي، ڊاڪٽر طفيل چانڊيو ، احساس راھو، ليکڪ ۽ محقق سيد مقبول حفي ۽ ٻين ھن ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، شھيد فاضل راهو کي ادبي ۽ شاعراڻي ڀيٽا پيش ڪئي ، مقررين چيو ته اسان سنڌ جي ترقي پسند روشن خيال باشعور علمي ادبي گس جي ساٿين کي ھن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، ان موقعي تي قومي راڳين الھڏنو جوڻيجو ۽ ٻين شھيد فاضل راهو کي گيتن ۽ سرن جي ڀيٽا پيش ڪئي، تقريب جا سمورا انتظام شھيد فاضل راهو يادگار ڪميٽي جي رضاڪارن پاران سنڀاليا ويا