لاڙ پٽ جي سونهاري ڌرتي ڪيترائي مڻيادار انسان پيدا ڪيا آهن، جن ۾ مير غلام محمد ٽالپر، شهيد فاضل راهو، مولوي احمد ملاح سميت ڪيترائي شامل آهن. اهڙي ئي سطح ۽ شاندار ڪردار جو مالڪ محمدحسين ترڪ جيڪو هڪ تعليمي ماهر، ايماندار منتظم، ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ هو، ان به لاڙ جي انهي ڌرتيءَ جي تاريخي ڳوٺ گهڙي تعلقي گولاڙچي ضلعي بدين ۾ 11 فيبروري 1916ع تي جنم ورتو. مختلف تعليمي ادارن مان بنيادي تعليم کانپوءِ ايم اي اقتصاديات جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن اپريل 1947ع ۾ ڪراچي سنڌ يونيورسٽي جو بنياد رکيو ويو ته مرحوم آغا تاج محمد ان جو رجسٽرار مقرر ٿيو ۽ محمد حسين ترڪ کي ڊپٽي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو.
محمد حسين ترڪ جي شخصيت جا ڪافي پهلو آهن. پاڻ هڪ اعليٰ پايي جا منتظم، سماج سڌارڪ، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر هئا. سنڌ لاءِ سندن خدمتون تمام گهڻيون آهن، پر هن مضمون ۾ اسان سندن طرفان سنڌ جي تعليم جي سڌاري لاءِ ڪيل خدمتن جو مختصر احوال ڏيون پيا، جنهن مان سندن فرض شناسي ۽ علم دوستيءَ جو اندازو چڱيءَ ريت ٿي ويندو.
ناميارو عالم علامه آءِ آءِ قاضي 23 مئي 1959ع تي سنڌ يونيوريسٽي جي وائيس چانسلرشپ کي ڇڏي رهيو هو ته هن ترڪ بابت جيڪو نوٽ لکيو ان ۾ سندن ڪردار جي تمام گهڻي واکاڻ ڪيائون. نوٽ ۾ پاڻ هن طرح لکيائون: ”مسٽر محمد حسين ولد محمد سليمان ترڪ M.A جيڪو سينيئر ڊپٽي رجسٽرار طور يونيورسٽي آف سنڌ ۾ گذريل 12 ورهين کان ڪم ڪري رهيو آهي. مون جڏهن 8 سال اڳ وائيس چانسلر طور يونيورسٽي جي چارج ورتي هئي، تنهن وقت محمد حسين ترڪ ڊپٽي رجسٽرار ۽ امتحانن واري شعبي جو انچارج هو ۽ پاڻ ساڳي پوسٽ تي لاڳيتو رهندا اچن، جيڪو ڪم پاڻ اهڙي حيثيت ۾ ڪن پيا جو جيڪر اهڙي صورتحال ۾ سندن دشمن اَوَس ٿين. اهڙي صورتحال ۾ ان وقت هو نااميد ٿيو ۽ ڪم کي اڳتي وڌائڻ نه چاهيو پر مون هن کي همٿائي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ راضي ڪيو. جڏهن يونيورسٽين پويان يونيورسٽيون قائم پئي ٿيون، تڏهن امتحاني پيپرن جو ڳجهو نه هجڻ ۽ غير معياري روين هوندي به هن يونيورسٽيءَ جو معيار بلند رهيو، ڇو جو مسٽر محمد حسين ترڪ ان سلسلي ۾ وڏو قابل، ايماندار ۽ معتبر شخصيت هو.“
1947ع واري ورهاڱي کان ملڪي حڪمرانن خاص طور تي وفاقي سرڪار طرفان سنڌي ٻولي سان دشمني واري روش اختيار ڪئي وئي، شروع وارن ڏهاڙن ۾ ئي ڪراچي اندر سنڌي ميڊيم پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا، ون يونٽ کانپوءِ ته اهڙين سازشن ۾ ويتر واڌ اچي وئي ۽ جڏهن 1958ع ۾ ايوبي آمريت شروع ٿي ته ان سنڌ دشمني ۽ سنڌي ٻولي سان وير جاري رکيو ۽ 1963ع ۾ ته ”شريف ڪميشن“ جوڙي وئي، جنهن جو مکيه مقصد اهو هو ته هڪ قديم ٻولي سنڌي، جنهن جو رتبو سڄي ايشيا کنڊ ۾ نمايان آهي، ان کي پنهنجي ڌرتي تي ننڌڻو ڪيو وڃي. ان ڪميشن ذريعي اهي ڪوششون ٿيڻ لڳيون ته سنڌي رڳو پرائمري سطح تائين تعليم جو ذريعو هجي ۽ مٿين ڪلاسن ۾ تعليم جو ذريعو اردو ڪيو وڃي. اهڙي انياءَ خلاف سنڌ جو شعور سراپا احتجاج بڻجي ويو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، شمشيرالحيدري، جمال رند، ناصر مورائي، مقبول ڀٽي، مولانا غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر الانا ۽ ٻين ڀرپور آواز اٿاريو ۽ ايوب سرڪار اهڙي احتجاج تي پريشان ٿي وئي. ان هلچل ۾ محمد حسين ترڪ جيڪو هڪ سرڪاري آفيسر هو، پر تنهن هوندي به هن پنهنجو ڪردار بهادري ۽ جاکوڙ سان نڀايو. ان حوالي سان ناميارو شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب ”ڪجهه ڏئي وينداسين“ ۾ هن طرح لکي ٿو: ”ايوب خان جي حڪومت ان دليري واري مخالفت کان گهٻرائجي وئي ۽ شريف خان فوراً ڳالهين ڪرڻ لاءِ ميٽنگ رکائي، جنهن ۾ سرڪار طرفان سائين غلام مصطفيٰ شاهه جيڪو ان وقت لاهور ۾ تعليم جو ڊائريڪٽر هو (اڄڪلهه تعليم جو وفاقي وزير آهي) ۽ پير حسام الدين راشدي. (ٻئي اسان جا ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل (جمعيت الشعراءَ) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد حسين ترڪ (ان وقت سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار) ۽ مان (پاڪستان رائٽرس گلڊ جي سنڌي شاخ جي سيڪريٽري جي حيثيت سان) هئاسين. محمد حسين ترڪ رڪارڊ ڳولي ڦولهي کڻي آيو. بمبئي يونيورسٽي جي زماني کان (سنڌ يونيورسٽي جي قائم ٿيڻ کان اڳ سنڌ جي تعليمي ادارن جا امتحان بمبئي يونيورسٽي وٺندي هئي). سنڌي، مئٽرڪ، بي اي ۽ ايم اي ۾ تڏهن تعليمي ذريعو تسليم ٿي. اسان آخر ۾ جيڪو دستاويز تيار ڪيو، ان ۾ اهو سبب ڄاڻايوسين ۽ اهو به ڄاڻايوسين ته ابوالحسن ٺٽوي جي زماني (اٽڪل ٻه اڍائي سؤ سال اڳ) کان سنڌي تعليم جو ذريعو رهي آهي. بهرحال اهو تاريخي دستاويز هو جنهن تي سڀني صحيحون ڪيون. پير حسام الدين راشدي ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه سرڪاري ميمبر هوندي به ائين رهيا ڄڻ اسان مان هجن، رڳو هڪ صاحب صحيح ڪرڻ وقت چيو ته ”ٿورو ٻاهران ٿي اچان ٿو ۽ وري نه آيو.“
جامع سنڌي لغات، سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ تمام اهم رٿا آهي، ان ڪم ۾ پڻ محمد حسين ترڪ پنهنجون خدمتون بنا معاوضي جي پيش ڪيون. انهيءَ حوالي سان پڻ گهڻن ماڻهن کي خبر نه هوندي. محمد حسين ترڪ جي انهيءَ ڪردار جي شاهدي نامياري سنڌي ٻولي جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جا جديد ۽ ترقي پسند نثرنگار (هڪ تنقيدي جائزو)“ ۾ هن ريت ڏني آهي: ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب بورڊ جي چيئرمين مقرر ٿيڻ کانپوءِ هن رٿا جي اهميت جو خيال رکي جامع سنڌي لغات جو مڪمل مواد، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ ڊاڪٽر بلوچ طرفان قائم ڪيل سنڌي ڊڪشنري آفيس مان کڻائي نور محمد هاءِ اسڪول واري عمارت ۾ اوڀر طرف گرائونڊ فلور جي ڇيڙي واري ڪمري ۾ ”سنڌي ڊڪشنري سيل“ قائم ڪيو ۽ سال 1982ع کان ڄاڻايل ڊڪشنري جي ڊاڪٽر بلوچ طرفان گڏ ڪيل مواد تي محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي سهڪار سان نظرثاني جو ڪم شروع ڪيو. ان زماني ۾ ڊاڪٽر سنديلو، محمد حسين ترڪ ۽ آئون (ڊاڪٽر غلام علي الانا) شام جو چئين وڳي کان رات اٺين وڳي تائين روزانو ڊڪشنري آفيس ۾ بنا اجرت جي ڪم ڪندا هئاسين.“محمد حسين ترڪ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طور پڻ ڪم ڪيو، ان حيثيت ۾ 1985ع ۾ جامع سنڌي لغات جلد چوٿين جو پڻ هڪ تفصيلي مهاڳ لکيائون. ترڪ صاحب ان کان علاوه اقتصاديات جي اصطلاحن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪيترائي نوان اصطلاح جوڙيا، پاڻ حيدرآباد جي اقتصادي تاريخ تي ڪتاب لکيائون ۽ ڪراچي جي صنعتي ترقي تي پڻ هڪ شاندار ڪتاب تحرير ڪيائون. سندن پاران لکيل ڪتاب "Economic History of Hyderabad” جو اردو ترجمو نامياري معيشت دان ڊاڪٽر مسعود احمد خان ”حیدرآباد کی معاشی تاریخ“ جي نالي سان پهريون ايڊيشن 1958ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جو ٻيو ايڊيشن ڪويتا پبليڪيشن تازو ئي شايع ڪيو آهي.سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو هي سڄڻ 8 جنوري 1992ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.