پي آءِ اي نجڪاري کان پوءِ به ڪيترو عرصو خساري ۾ رهندو؟

تحرير: ڊاڪٽر نياز مرتضيٰ

اسان کي اميد آهي ته ڪيترن سالن کان پوءِ ٿيندڙ اسان جي پهرين وڏي نجڪاري، پي آءِ اي جي بحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. بهرحال، هن عمل دوران سنگين خاميون سامهون آيون آهن، جن کان مستقبل ۾ بچڻ انتهائي ضروري آهي. پي آءِ اي جي ماضي جا ڳرا نقصان ايئرلائن جي سڌارن کي ناگزير بڻائي چڪا هئا، پر ان هوندي به 2024ع ۾ هن 26 ارب رپين جو منافعو ظاهر ڪيو (جڏهن ته 2023ع ۾ ان کي 100 ارب رپين جو نقصان ٿيو هو)، جيڪو بنيادي طور تي ان جي کاتن مان قرضن جي وڏي حصي جي خاتمي ۽ هڪ ڀيري ڏنل ٽيڪس ڇوٽ جو نتيجو هو. تنهن ڪري اسان وٽ هڪ مضبوط ۽ شفاف عمل اختيار ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت موجود هو. اهو واضح ناهي ته رياست طرفان 100 ارب رپين جي گهٽ ۾ گهٽ ٻولي ۽ 75 سيڪڙو شيئرز جي 135 ارب رپين ۾ وڪرو واقعي منصفاڻو هو يا نه. ڪنهن به اداري جي قيمت ان جي خالص اثاثن جي بنياد تي نه، پر مستقبل ۾ متوقع آمدني جي موجوده قدر جي بنياد تي طئي ڪئي ويندي آهي.

ايئرلايئنز کي وڏن هوائي اڏن تي لينڊنگ رائيٽس مان به اضافي قدر حاصل ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ⁠ ته حڪومت اهو واضح نه ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ قيمت ڪيئن طئي ڪئي وئي، تنهن ڪري شڪ شبها پيدا ٿين ٿا، خاص طور تي ان تناظر ۾ جو 2024ع ۾ منافعو اڳ ئي ظاهر ٿي چڪو هو، جڏهن⁠ته ان جي بهترين روٽن تي لاڳو پابنديون اڃا مڪمل طور ختم نه ٿيون هيون ۽ نه ئي ڪا وڏي آپريشنل سڌارا ڪيا ويا هئا. وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته خريدار هن ممڪن طور گهٽ 135 ارب رپين مان صرف 7.5 سيڪڙو رقم اڳواٽ ادا ڪري ٿو ۽ ان جي بدلي 75 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪري وٺي ٿو، جڏهن⁠ته باقي سيڙپڪاري وقت سان گڏ پي آءِ اي ۾ ڪرڻي آهي. ڇاڪاڻ⁠ ته اها رقم اصل ۾ رياست جي واجب الادا آهي، تنهن ڪري ان تي سيڙپڪاري تايئن وياج ادا ٿيڻ گهرجي ها ۽ ان جي بدلي شيئرز رياست وٽ رهڻ گهرجن ها. باقي 25 سيڪڙو شيئرز خريد ڪرڻ لاءِ خريدار کي مڪمل 45 ارب رپيا بنا ڪنهن رعايت جي ادا ڪرڻا پوندا. اهڙي طرح جيڪڏهن هو ايئن ڪري ٿو ته مجموعي طور صرف 55 ارب رپيا ادا ڪري لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪري وٺندو، جڏهن⁠ته نيلامي ۾ اداري جي قدر 180 ارب رپيا لڳائي وئي هئي. منطقي طور تي ته کيس رڳو ٽيون حصو شيئرز ملڻ گهرجن ها ۽ باقي رياست وٽ رهڻ گهرجن ها. هي معاملو ٻولي کان اڳ جاري ڪيل سرڪاري دستاويزن ۾ بيان نه ڪيو ويو هو ۽ ظاهري طور وڪري کان پوءِ سامهون آيو. عوامي نقصان ۽ غير شفاف عمل کي نظر ۾ رکندي اهو چوڻ ته پي آءِ اي جي بدلي ۾ جيڪو ڪجهه مليو اهو ڪافي آهي، حقيقت ۾ قبول جوڳو ناهي. دنيا ۾ اهڙن معاهدن ۾ اهڙيون عجيب شرطون ڏسڻ ۾ ناهن آيون. طنزيه طور اهو به چيو پيو وڃي ته شايد پي آءِ اي کي OLX تي وڪڻڻ سان وڌيڪ رقم ملي وڃي ها!

1990ع واري ڏهاڪي ۾ به اهڙا الزام لڳا هئا ته قومي اثاثا سستا وڪرو ڪيا ويا. پر خريدارن کي به هڪ قومي اثاثي بابت اهڙو ناقص معاهدو ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي. اها ئي ڳالهه فوجي فرٽيلائزر جي معاملي تي به لاڳو ٿئي ٿي، جنهن بابت ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته اها ڄاڻي واڻي ٻولي مان الڳ ٿي وئي ته جيئن پوءِ اثر رسوخ ذريعي ڪنهن فاتح سان شامل ٿي سگهي. مسلم ليگ (ن) جو تڪراري مينڊيٽ ۽ وسيع تر ادارتي ڪردار هن سودي کي جمهوريت تي ويساهه رکڻ وارن لاءِ وڌيڪ بحث طلب بڻائي ڇڏيو آهي. خريدارن وٽ نه ايئرلائين هلائڻ جو تجربو آهي ۽ نه ئي عالمي سطح جي مهارت. ايئر انڊيا جو خريدار ٽاٽا گروپ هو، جنهن 1930ع واري ڏهاڪي ۾ ان جي بنياد رکيو هو ۽ جيڪو عالمي سطح جو تجربيڪار گروپ آهي. ڇا پي آءِ اي جا خريدار ان کي عالمي اداري طور هلائي سگهندا؟ انهن کي عملي جي ڇانٽي، ڀاڙن، روٽن ۽ وڏين ٽيڪس رعايتن ۾ غيرمعمولي آزادي ڏني وئي آهي، ان هوندي به انهن جي سربراهه جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي ڪيترن ئي سالن تائين خساري ۾ رهي سگهي ٿي. سوال اهو آهي ته اهو نقصان پي آءِ اي جي حالت سبب ٿيندو، جيڪا هاڻي بهتر ٿي چڪي آهي يا خريدارن جي نااهليءَ جي ڪري؟

ماضي جي نجڪارين ۾ مسئلا گهڻا رهيا آهن گهٽ قيمت تي وڪرو، پوءِ خراب ڪارڪردگي، اجاراداريون، غير شفاف معاهدا، مهانگي پيداوار ۽ وڏي پيماني تي عملي جي برطرفي. ڪاروباري حلقا چون ٿا ته حڪومت جو ڪاروبار ۾ ڪو ڪم ناهي، پر رياست کي اهو ٻڌائڻ به ڪاروباري طبقي جو ڪم ناهي. رياست کي انهن شعبن ۾ ڪاروبار ڪرڻ جو مڪمل حق آهي، جتي نجي شعبو بهتر نموني ڪم نٿو ڪري سگهي، جهڙوڪ اسٽريٽجڪ يا عوام دوست شعبا. انهن مسلسل مسئلن ۽ نجي شعبي جي محدود انتظامي ۽ مالي صلاحيت کي ڏسندي ٻين اختيارن تي به سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي، جهڙوڪ خودمختيار پيشه ور بورڊ، رڳو انتظاميا نجي شعبي حوالي ڪرڻ، ملازمن جي ملڪيت وارا ادارا، اداري کي ختم ڪرڻ يا شيئرز جي عوامي وڪرو. هر بيمار اداري لاءِ بهترين رستو واضح معيار ۽ شفاف عمل ذريعي طئي ٿيڻ گهرجي. نجڪاري رڳو انهن ننڍن ادارن لاءِ موزون ٿي سگهي ٿي، جن جي ڪا قومي يا اسٽريٽجڪ اهميت نه هجي.

هن سودي جا حامي چون ٿا ته نجڪاري سان ادارو (پي آءِ اي) ٺيڪ ٿي ويندو، ٻين سرڪاري ادارن جي سڌارن جي راهه هموار ٿيندي ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو. پر ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکندي اهڙن خوشنما دعوائن کي احتياط سان پرکڻ گهرجي ۽ اهو به ڏسڻو پوندو ته ڇا مستقبل ۾ ٻيا رستا انهن مقصدن کي وڌيڪ بهتر نموني حاصل ڪري سگهن ٿا يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.