عبدالواحد آريسر: سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جو زندہهه مثال

تحرير: وهاب منشي

عبدالواحد آريسر  منهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشي ۽ مشهور شاعر، صحافي ۽ انقلابي فڪر جي علمبردار شمشير الحيدري جو ويجهو دوست هو. جيتوڻيڪ منهنجو والد ڪڏهن به سندس خيالن جو حامي نه رهيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو به سخت ناقد هو، پر ان باوجود هن آريسر جهڙي نظرياتي انسان کي هميشه عزت، محبت ۽ پنهنجي گهر جي فرد وانگر سمجهيو. مون کي فخر آهي ته مون پنهنجي گهر ۾ سنڌ جا وڏا وڏا تاريخ ساز ڪردار ڏٺا اديب، شاعر، صحافي، قلمڪار ۽ قومپرست اڳواڻ پر عبدالواحد آريسر سان گڏ گذاريل گهڙيون منهنجي ٻالڪپڻ جو اصل سرمايو آهن. هي تصوير، جنهن ۾ مان، ناميارو شاعر ادل سومرو ۽ آريسر صاحب گڏ نظر اچون ٿا، شيخ اياز جي ورسيءَ جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ ڪڍي ويئي هئي. ان تقريب ۾ مون کي به تقرير ڪرڻي هئي، جتي آريسر صاحب پڻ مُک مقرر هو. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ، اسان ٻنهي جي ملاقات ٻيهر انهيءَ ئي پروگرام ۾ ٿي. هن مون کي ڏسندي ئي سڃاڻي ورتو. ساڳئي تقريب ۾ سنڌ جي لازوال شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري مون کي "بهترين ڪالم نويس” جو ايوارڊ پنهنجي هٿن سان عطا ڪيو.

زندگيءَ جي مختلف موڙن تي، جڏهن به آريسر صاحب جو ذڪر اچي ٿو، دل ۾ هڪ سوال لڳاتار ڌڪ هڻي ٿو، هن صديءَ ۾، جتي جديد ترين ٽيڪنالاجي، سيٽلائيٽ ۽ ڊجيٽل ڪنٽرول دنيا کي سميٽي ڇڏيو آهي، اتي عبدالواحد آريسر جهڙو ڪردار ٻيهر ڇو پيدا نٿو ٿئي؟ عقل، دانش، سياست، ادب ۽ قلم جي دنيا ۾ وابستگي (Commitment) جي صنعت ڇو بند ٿيندي پئي وڃي؟ منهنجو مرحوم والد وڏي فخر سان چوندو هو: ”پٽ! جنرل ضياءُالحق جي آمريت جي دور ۾، MRD جي تحريڪ دوران، اسان سنڌ جي ٻن منفرد ڪردارن، شمشير الحيدري ۽ عبدالواحد آريسر کي پنهنجي گهر جو فرد بڻائي رکيو ۽ اهو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي.“ بابا ٻڌائيندو هو ته عبدالواحد آريسر اهو انسان هو، جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽو هر سهولت ۽ آسائش ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي (ڇاڪاڻ جو ڀٽو پاڻ به آريسر کان متاثر هو) ، پر آريسر، جي. ايم. سيد سان عشق ۽ سنڌ سان وفاداريءَ جي وابستگيءَ کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. ضياءُالحق جي مارشل لا کان اڳ، 1983ع ۾، هو کوکر محلي جي ننڍڙي جوهراڻي مسجد جو پيش امام پڻ رهيو، ڇو ته قومپرست تحريڪ سان سلهاڙجڻ کان اڳ به آريسر ڪو عام ماڻهو نه هو. هو حافظِ قرآن هو، دين ۽ دنيا جي مطالعي تي مڪمل عبور رکندڙ. هو سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ ناياب انسان هو، جنهن وٽ لفظن جو جادو هو. جڏهن هو لکندو هو ته ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جو فن ڄاڻندو هجي. سنڌ جا مسئلا هجن يا ضياءُالحق جي دور ۾ سنڌي نوجوانن کي ”ڊاڪو“ قرار ڏئي شهيد ڪرڻ جو الميو،آريسر هميشه عملي ميدان ۾ نظر آيو.

منهنجو والد شهاب الدين منشي ٻڌائيندو هو ته 1986ع ۾ آريسر وٽ اڇي رنگ جي پوٺوهار جيپ هئي، جيڪا سندس ذاتي دوستن چندو ڪري کيس وٺي ڏني هئي. هو انتهائي خوددار انسان هو. سندس سياست سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر سندس بهادري، ايمانداري ۽ اصول پسنديءَ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هن جيلن جون سختيون، ٽارچر سيل ۽ رياستي جبر سڀ ڪجهه سٺو، پر جهڪڻ قبول نه ڪيو. اهو فقير صفت انسان پنهنجي ذات ۾ مگن رهندو هو؛ پنهنجي ڏک ۽ تڪليف کي سگريٽ جي آخري ڪش وانگر خاموشي سان جيئندو هو.

اڄ جي سياستدانن وانگر هن ڪڏهن به دولت گڏ نه ڪئي. ان دور ۾، جڏهن قاسم آباد ۾ ڪيترن ئي قومپرست اڳواڻن بنگلا ٺاهيا، آريسر جي اڪيلي ڌيءَ اندرا اڄ به ٿر جي ريگستان ۾ هڪ ڪچي گهر ۾ رهي ٿي، اهو گهر مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. جڏهن اسين آريسر جي قبر تي فاتحه پڙهڻ وياسين، ته سامهون اندرا  جي ساڳي ڪچي جهونپڙي هئي. اسين هن سان ملڻ وياسين، ڇاڪاڻ ته اها آريسر جي وصيت هئي ته کيس اتي ئي دفن ڪيو وڃي، جتان اندرا آسانيءَ سان سندس قبر تائين پهچي سگهي.بيشڪ پنهنجي جهوپڙي جي ڳڙکي مان ادي اندرا پنهنجي مرحوم والد جي مزار ھر روز ڏسندي هوندي، پر جيڪڏهن مان اهو چوان ته غلط نه ٿيندو: عبدالواحد آريسر جي سچائيءَ جو رومانس اڄ به سنڌ جو نوجوان پنهنجي دل جي دوار منجهان دنيا جي هر ڪُنڊ مان پسندو رهي ٿو.  آريسر جو سدا حيات چهرو اڄ به سندس لکڻين ۾ ساهه کڻي ٿو، ۽ سندس تقريرن ۾ ڳالهائي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.