تعليم ئي ترقيءَ جي ضمانت آهي

تحرير: اظھر آزاد مغل 

8  جنوري سموري سنسار ۾ تعليم جو ڏينهن ڪري ملھايو وڃي ٿو. تعليم کي ترجيح ڏيڻ کان سواءِ قومن لاءِ ترقيءَ جو سفر ممڪن نه آهي. تعليم انڌي اطاعت ڪرڻ کان روڪڻ جا بنياد فراهم ڪري ٿي، تعليم سوال ڪرڻ جي سگهھ پيدا ڪري ٿي، تعليم شعور ۽ سجاڳيءَ جو سج اڀاري ٿي،   تعليم هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا صحيح کي صحيح ۽ غلط کي غلط ثابت ڪرڻ جي صلاحيت سان سرشار ڪري ٿي. تعليم ڪنهن به انسان کي ترقيءَ جو تاج پارائي سماج ۾ سرخرو ۽ سوڀارو ڪري ٿي، تعليم انساني سوچ ۾ سڌارو آڻي سرھاڻ بخشي ٿي، تعليم قومن جي قسمت سنواري انهن کي عروج جي اعلي مقام ۽ منزل تائين پھچائڻ ۾ پنهنجو غير معمولي ڪردار ادا ڪري ٿي. تعليم سچائيءَ جي سنيھي جي پيروي ڪرڻ جي پرچار ڪري ٿي. تعليم اھا طاقت آهي جيڪا استحصالي ۽ پرمار قوتن کي بھادريءَ ۽ بيخوفيءَ سان للڪارڻ جو حوصلو ڏئي ٿي. تعليم ھر ناانصافي ۽ ناحق خلاف آواز اٿارڻ تي آماده ڪري ٿي، تعليم براين خلاف بغاوت جو علم بلند ڪرڻ ۽ سچ سان ساٿ ڏيڻ جو نالو آهي.

 پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ غريبن جا بار وسيلن نه ھئڻ ڪري سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور ڪيا وڃن ٿا جتي جو بنيادي ڍانچو ضروري سھولتن کان محروم آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪٿي تجربن لاءِ ليبارٽريون ڪونھن ته ڪٿي وري لائبريريون نه ھونديون، ڪٿي واش رومس جي سھولت نه ھوندي ته ڪٿي تعليمي ادارن کي بائونڊري وال نه ھوندي، ڪٿي فرنيچر جي کوٽ ھوندي ته ڪٿي وري استادن جي ڪمي ھوندي، ڪٿي ادارن کي عمارتون نه هونديون ۽ ٻار کليل آسمان هيٺ پٽ تي پڙهڻ تي مجبور آهن، ڪٿي وري پيئن جي پاڻيءَ جي سھولت ميسر نه ھوندي. ملڪي آئين موجب تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي پر الميو اھو آھي جو اڄ جي تيز ترين جديد ۽ مصنوعي ذھانت جي دور ۾ به اسان جا ڪيترائي درسگاھ ۽ مڪتب بنيادي سهولتن جي اڻھوند سبب سرڪاري جي اعلي عملدارن جي توجهھ جا طلبگار آھن.

ھڪ رپورٽ مطابق ملڪ جا 60 ملين ٻار اڄ به تعليم جي بنيادي حق کان محروم آهن جن کي ڪيترائي سماجي ۽ معاشي مسئلا درپيش آهن. ملڪ جي مسڪين ۽ پيڙھيل طبقي جي ٻارن جي تعليم تائين رسائي ۽ پھچ کي ممڪن بڻائڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي پر حڪومت پنھنجو اھو ڪردار ادا نه پئي ڪري جيڪو ان کي ادا ڪرڻ گهرجي. ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ جرمني ۽ جاپان جي ادارن جو بنيادي ڍانچو مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو هو پر انهن ھمت نه ھاري ۽ تعليم کي ترجيحي بنيادن تي کنيو، اڄ اھي ساڳيا ئي ملڪ ترقيءَ جي بلندين کي ڇھندي فخر محسوس ڪري رهيا آهن. چين اسان کان پوءِ 1949 ۾ آزادي حاصل ڪئي ۽ تقريبن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ برتري حاصل ڪري چڪو آهي ۽ مستقبل ۾ وڏي ۾ وڏي طاقت ٿي اڀرندو. انهيءَ جو سبب ملڪ جي حڪمرانن جي سنجيدگي ۽ سچائيءَ جو اڻکٽ سلسلو آهي.

پنھنجي ملڪ ۾ تعليم جي تباهيءَ ۽ بربادي جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ عوام دوست حڪمراني جي دعوي ڪندڙن جي عياشي ۽ عوام ڏانهن عدم دلچسپي آهي، پنھنجي ذات کي فائدو ڏيڻ جي روش، غير سنجيدگي، پنھنجا نوازي، بدعنواني، بي ايماني ۽ ٻين ڪيترن ئي عوام دشمن ڪارڻن جي ڪري اسان اڳتي وڌڻ بجاءِ ريوس گيئر ھڻي رھيا آھيون. سنڌ جتي معياري تعليم جي فراهمي کي ممڪن بنائڻ لاءِ جنگي بنيادن تي پاڻ پتوڙڻو پوندو، استادن جي مقررين ۽ بدلين کي رڳو نج ميرٽ تي يقيني بڻايو ويندو، سفارش، تعلقات ۽ پئسي کي بنياد بڻائي ڀرتيون نه ڪيون وينديون، بورڊن ۾ پئسن عيوض مارڪن جي وڪري جي رستا روڪ ڪئي ويندي،

سنڌ ۾ تعليم دوستي جي دعويٰ ڪندڙ ڌرين ۽ سمورن اسٽيڪ ھولڊرن کي اڳتي اچي تعليم جي بهتري لاءِ پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪري پاڻ ملھائڻو پوندو، تڏهن ئي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي تاري سگهجي ٿو، اعلي عھدن تي اھل ماڻهن کي مقرر ڪيو ويندو، ڪاپي جي مرض مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪورس کي مختصر ڪيو ويندو، سمورن استادن کي برابري جي بنياد تي تربيت جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا، استادن کي وقت سر ترقيون ڏنيون وينديون ۽ انھن جي جائز مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ورتيون وينديون، استاد تنظيمن کي اجتماعي مفادن کي مدنظر رکندي تعليم جي بهتري ۽ درسگاھن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي وڃي تعليم جا ٻيڙا پار ٿيندا ۽ سنڌ ترقيءَ جي آسمان کي ڇھندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.