لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 ۾ ٻه نيون ٽيمون شامل ڪرڻ لاءِ ٻولي لڳائيندڙ 10 خريدارن جا نالا سامهون اچي ويا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) گذريل ڏينهن ٻن نين فرنچائيزز لاءِ موڪليل ٻولين جو فني جائزو مڪمل ڪيو هو،
پي سي بي کي دنيا جي مختلف ملڪن مان نين ٽيمن لاءِ 12 ٻوليون مليون هيون، ٻولي ڪميٽي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ 10 کي اهل قرار ڏنو.
پاڪستان سپر ليگ جون ٻه نيون ٽيمون خريدڻ لاءِ ٻولي لڳائيندڙن ۾
* Inverex Solar Energy
* OZ Group
* VGO Tel
* Jazz
* Deharki Sugar Mills (DSM)
* i2c
* Prism Estate & Builders
* Walee Technologies
* AIM Next Inc
* FKS شامل آهن.
واضح رهي ته پي ايس ايل جي ٻن نين ٽيمن جي نيلا مي 8 جنوري 2026 تي اسلام آباد ۾ ٿيندي، ٻن ڪامياب پارٽين کي راولپنڊي، حيدر آباد، فيصل آباد، گلگت، مظفرآباد ۽ سيالڪوٽ مان ٽيمن جا نالا چونڊڻ جو موقعو ملندو.
Next Post
You might also like