ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي فلم ”ميلا“ جي رليز کي 25 سال مڪمل ٿيڻ تي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي.
عامر خان اعتراف ڪيو آهي ته هن 2001ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”ميلا“ رڳو پنهنجي ڀاءُ فيصل خان کي فلم انڊسٽري ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سائن ڪئي هئي.
عامر خان موجب، فلمي تجزئي نگارن ۽ ناظرين طرفان ”ميلا“ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ فلم باڪس آفيس تي ب ٻوٽو نه ٻاري سگهي، پر ان باوجود کيس پنهنجي فيصلي تي ڪوبه افسوس ناهي.
هن چيو ته هن اِها فلم نج خانداني ذميواري تحت ڪئي هئي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بعد ۾ فيصل خان عامر خان تي سنگين الزام پڻ هنيا، جن ۾ گهر بند رکڻ ۽ ڪيريئر کي نقصان پهچائڻ جون دعوائون ڪيون ويون.
ان حوالي سان ردعمل ڏيندي عامر خان چيو ته ” ڇا ڪجي؟ اها منهنجي قسمت آهي، دنيا سان ته وڙهي سگهجي ٿو، پر پنهنجي خاندان سان ڪيئن وڙهجي؟“
”ميلا “ فلم بابت ڳالهائيندي عامر خان تسليم ڪيو ته اها فلم سندس لاءِ هڪ ڏکيو تجربو ثابت ٿي.
هن چيو ته فلم جي ناڪاميءَ کيس ڏاڍو مايوس ڪيو، اهو رڳو فيصل لاءِ نه، پر هن لاءِ به ڏکيو وقت هو.
هن وڌيڪ چيو ته ” هر فلم مون لاءِ اهميت رکي ٿي ۽ ميلا جي ناڪامي مون کي به گهڻو متاثر ڪيو، پوري ٽيم وڏي محنت ڪئي هئي، هڙئي مايوس ٿي ويا هئا.“
واضح رهي ته ”ميلا“ کي هندي سئنما جي تاريخ جي ڪامياب ترين فلم ” شعلي “ کان متاثر فلم قرار ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ عامر خان ۽ سندس ڀاءِ فيصل خان مُک ڪردار ادا ڪيو هو.
ميلا جي ناڪاميءَ مايوس ڪيو، ڀاءَ کي انڊسٽريءَ ۾ آڻڻ لاءِ فلم ڪرڻي پئي: عامر خان جو انڪشاف
You might also like