تيل هڻون ٿا پر فائدو نٿو ٿئي، ڪهڙي غلطي ٿا ڪيون؟

وارن ۾ خشڪي سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا آهن، تنهن ڪري خشڪي جي خاتمي لاءِ تيل هڻڻ تمام ضروري آهي.
ڪيترائي ماڻهو وارن کي تيل ته هڻندا آهن پر درست طريقي سان نه لڳائڻ سبب اهي فائدا حاصل ڪرڻ کان رهجي ويندا آهن، جيڪڏهن وارن کي درست طريقي سان تيل لڳايو وڃي ته انهن جي واڌ ويجهه سٺي ٿي سگهي ٿي.
خالص تيل جي چونڊ:
سڀ کان اڳ خالص تيل وٺو ۽ پنهنجي وارن جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي تيل جي چونڊ ڪيو.
تيل کي هلڪو گرم ڪيو:
جڏهن به توهان تيل استعمال ڪيو ته اڳ ۾ ان کي ٿورو گرم ڪيو ۽ ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ وارن جي پاڙن تائين لڳايو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان توهان کي وڌيڪ فائدا حاصل ٿيندا.
مٿي جي مالش:
گهڻا ماڻهو تيل لڳائڻ کانپوءِ مالش ناهن ڪندا ۽ ڪجهه وري زور سان مالش ڪندا آهن، ٻنهي صورتن ۾ فائدو حاصل ناهي ٿيندو، توهان کي گهرجي ته تيل لڳائڻ کانپوءِ آڱرين جي مدد سان هلڪي مالش ڪيو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان تيل چڱي طرح جذب ٿي ويندو ۽ مالش سان سڪون به ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.