ٻارن کي دُن ڀرسان تيل جي مالش جي حيران ڪندڙ فائدن کان ته هر ڪو آگاهه آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اها مالش بالغن لاءِ به وڏي فائديمند آهي؟
جيڪڏهن نه ته اسان توهان کي ٻڌايون ٿا دُن جي ڀرپاسي تيل جي مالش سان مختلف بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهو ٿا.
هيٺ ڪجهه بيماريون ۽ دُن ڀرسان تيل جي مالش سان انهن جو علاج بيان ڪري رهيا آهيون.
اهو عمل اسان جي ڦڦڙن کي به حرارت پهچائي ٿو، دُن ڀرسان تيل جي مالش ڪرڻ سان بلغم خارج ٿئي ٿو ۽ سوڄ گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
کنگهه، گهٻراهٽ ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جهڙين علامتن کي به دُن ڀرسان تيل جي مالش ڪري ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.
جيڪڏهن بدهاضمي، ماهواري جو سور يا وري قبضي سبب پيٽ ۾ سور هجي ته دُن ڀرسان تيل جي مالش ڪرڻ سان سڀني مسئلن مان جان ڇٽي سگهي ٿي.
سائنس ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان روز رات جو 10 منٽ دُن ڀرسان تيل جي مالش ڪيون ته ذهني دٻاءَ ۽ پريشاني مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ دُن ڀرسان تيل لڳائڻ سان مدافعتي قوت به وڌي ٿي ۽ سنڌن جو سور به ختم ٿئي ٿو.
You might also like