خبردار! ڪٿي توهان به موبائل جو غلط انداز ۾ استعمال ته نٿا ڪيو

ڪميپوٽر ۽ موبائل جو غلط انداز ۾ استعمال ڊيمنشيا سميت ٻين ذهني مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب فزيو ٿراپي ماهر ڊاڪٽر سولومن ابراهم پنهنجي تحقيق ذريعي غلط انداز سان موبائل يا ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن کي خبردار ڪيو آهي.
سندس موجب تحقيق سان ثابت ٿيو آهي ته ڊوائيسز جو غلط استعمال رت جي رواني متاثر ڪري سگهي ٿو، جنهن سان دماغي ڪارڪردگي گهٽجي سگهي ٿي.
ڊاڪٽر ابراهم ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي فونز کي جُهڪي استعمال ڪندا آهن، جنهن سان ڪنڌ ۽ ڪرنگهي جي هڏي تي دٻاءُ پوندو آهي، جيڪو رت جي وهڪري کي گهٽ ڪندو آهي.
هن چيو ته مسلسل جهڪيل رهڻ سان دماغ کي گهربل رت جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي ۽ اها عادت ڊيمنشيا سميت ٻين دماغي مرضن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.
امپيريل ڪاليج آف ميڊيسن ۽ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ڊاڪٽر ابراهم مشورو ڏنو آهي ته فون کي ان سطح تي پڪڙيو، جتي توهان کي پنهنجو ڪنڌ وڌيڪ جهڪائڻو نه پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.