آمريڪي فوج جي هٿان وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري دنيا ۾ طاقت جي اصول جي بالادستي کي وڌيڪ هٿي ڏيندي. هن قدم سان اهو اصول مڃيل سمجهيو ويندو ته ڪو به طاقتور ملڪ جڏهن چاهي، ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ گهڙي پنهنجي مرضي هلائي سگهي ٿو. صدر ٽرمپ جي هن فيصلي سان گڏيل قومن جو باقي بچيل وقار به ختم ٿي ويندو ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ عدم استحڪام وڌيڪ وڌندو.
نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري کي آمريڪي سيڪيورٽي فورسز هڪ ڳجهي آپريشن دوران گاديءَ واري شهر ڪاراڪس ۾ سندن رهائشگاهه تي حملو ڪري گرفتار ڪيو. هن آپريشن بابت اڃا تائين مڪمل تفصيل سامهون نه آيون آهن. صدر ٽرمپ فلوريڊا ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس دوران جيڪي تفصيل ٻڌايا، تن موجب وينزويلا جي فوج يا ٻين فورسز ڪا به مزاحمت نه ڪئي، بلڪه هو آمريڪي فوجين جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هن اهو به چيو ته شهر جي بجلي بند ڪري رات جي اونداهيءَ ۾ ڪارروائي ڪئي وئي ۽ صدر مادورو کي سندس زال سميت ملڪ مان ٻاهر ڪڍيو ويو. ان کان پوءِ آمريڪي صدر مادورو جي هڪ تصوير به جاري ڪئي، جنهن ۾ هو هٿڪڙين ۾ ڏيکاريل آهي. آمريڪي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته صدر مادورو خلاف منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن جي الزام هيٺ نيويارڪ ۾ مقدمو هلايو ويندو.
ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪري، ان جي صدر کي گرفتار ڪري اغوا ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي مڃيل عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. پر آمريڪي صدر هن فوجي آپريشن کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ وينزويلا جي حڪومت هلائڻ جو اعلان ڪري اهو به واضح ڪري ڇڏيو ته هي قدم ڪنهن هڪ شخص سان دشمني يا سندس آمريڪا مخالف پاليسين جو ردِعمل نه هو، بلڪه آمريڪا وينزويلا بابت وسيع تر ارادا رکي ٿو. ٽرمپ چيو ته آمريڪي آئل ڪمپنيون وينزويلا جي تيل جي پيداوار جو انتظام سنڀالينديون، ته جيئن اتي جي عوام لاءِ دولت پيدا ڪئي وڃي. جڏهن ته آمريڪا يا ڪنهن به ٻئي ملڪ کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن خودمختيار ملڪ جي وسيلن بابت فيصلو ڪري يا انهن جي استعمال جو تعين ڪري. جيڪڏهن طاقت جي زور تي ڪنهن ملڪ تي قبضو ڪيو وڃي، ته ان کي قانون بدران زورزبردستي ۽ بدمعاشي ئي سڏبو.
وينزويلا ۾ حڪومت هلائڻ جي اعلان کان سواءِ، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پريس ڪانفرنس ۾ اهو اشارو به ڏنو ويو ته آمريڪا ڪيوبا ۾ به اهڙي ئي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. جڏهن ٽرمپ اها ڳالهه ڪري رهيو هو ته سندس پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وچ ۾ چيو ته ”جيڪڏهن مان ڪيوبا جي حڪومت ۾ هجان ها ته هن وقت ضرور پريشان هجان ها.“ آمريڪي حڪام جا اهي اشارا واضح ڪن ٿا ته هو طاقت کان سواءِ ٻي ڪا ٻولي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن. پر هن وقت هڪ ملڪ جي صدر جي گرفتاري ۽ ڪاميابيءَ جي دعوائن جي شور ۾ ٽرمپ يا سندس حڪومت کي اهو احساس ناهي ته ماضيءَ ۾ آمريڪا اهڙين ڪوششن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيو آهي. ان جي ابتڙ، آمريڪي فوجي قدمن ڪيترن ئي ملڪن ۾ انتشار، دائمي بدامني ۽ معاشي تباهيءَ جا بنياد وڌا آهن. ان جون تازي مثالون عراق ۽ ليبيا آهن، جتي آمريڪي جارحيت سبب تيل سان مالامال اهي ملڪ سياسي افراتفري ۽ معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿي چڪا آهن. ڪنهن ملڪ تي حملو ڪري اتي قبضي کي برقرار رکڻ جي بدترين مثال افغانستان آهي، جتي سڀني اتحادي ملڪن جي بي مثال حمايت هوندي به آمريڪا کي آگسٽ 2021ع ۾ شڪست کاڌل فوج وانگر ڪابل ڇڏڻو پيو. ان انخلا دوران آمريڪا اربين ڊالرن جو هٿيار به افغانستان ۾ ڇڏي ويو، جيڪو هاڻي طالبان جي سخت گير حڪومت سميت دهشتگرد گروهن جي هٿ لڳي چڪو آهي، ۽ اهو هٿيار پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ لاءِ به استعمال ٿي رهيو آهي.
ان پسمنظر ۾ سياسي سائنس جا ڪيترائي ماهر چتاءُ ڏئي رهيا آهن ته صدر ٽرمپ جي دعوائن باوجود وينزويلا تي آمريڪي حڪومت يا اختيار قائم ڪرڻ سولو ڪم نه هوندو. آمريڪي مداخلت جي نتيجي ۾ اتي گهرو جنگ شروع ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڊگهي ۽ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ٽرمپ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آمريڪا تيسين وينزويلا جي حڪومت هلائيندو، جيستائين اتي ”محفوظ، مناسب ۽ منصفانه اقتدار جي منتقلي“ ممڪن نه ٿي وڃي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته آمريڪا اهو ڪم ڪيئن ڪندو، ته هن ان بابت ڪا به تفصيل نه ڏني. اهو چوڻ ڏکيو آهي ته صدر مادورو جي گرفتاري ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ آمريڪي طاقت جي ڌاڪ ويهارڻ کان سواءِ، ٽرمپ جو وينزويلا بابت اصل منصوبو ڇا آهي. فوري طور هن دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل رات ٿيل ڪارروائي کان پوءِ وڌيڪ فوجي قدم کڻڻ جي ضرورت نه پوندي، پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته آمريڪا ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ سخت ۽ وسيع فوجي ڪارروائي ڪندو. ان هوندي به اهو واضح نٿو ٿئي ته آمريڪا وينزويلا ۾ ڊگهي عرصي تائين قابض رهي حڪومت هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندو.
ٽرمپ جي پريس ڪانفرنس مان ملندڙ اشارن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو وينزويلا جي اندر موجود سرڪاري عملدارن وسيلي اهڙو حڪومتي بندوبست لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو آمريڪي خواهشن جي تابع هجي، ۽ آمريڪا کي اتي زميني فوج به موڪلڻي نه پوي. هڪ سوال جي جواب ۾ ٽرمپ واضح ڪيو ته تازو وينزويلا ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد جي نالي نوبل انعام ماڻيندڙ ماريا ڪورينا ماچادو کي نه ته عوام جي حمايت حاصل آهي ۽ نه ئي اهو احترام، جيڪو ملڪ جو انتظام هلائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ماچادو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي اعلان ڪري چڪي هئي ته هوءَ حڪومتي ذميواري سنڀالڻ لاءِ تيار آهي. پر ٽرمپ سندس اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.
وينزويلا جي حڪومتي بندوبست بابت اهو اشارو به ڏنو ويو ته نائب صدر ڊيلسي روڊريگز نئين حڪومت جي سربراهه بڻجڻ لاءِ تيار آهي. پر روڊريگز سرڪاري ٽيليويزن تي خطاب ڪندي چيو آهي ته ”نڪولس مادورو ئي وينزويلا جو واحد صدر آهي.“ هن عوام کي پرسڪون رهڻ ۽ اتحاد برقرار رکڻ جي اپيل به ڪئي. وينزويلا جا حقيقي حال اڃا تائين اسرار جي گهري ڌنڌ ۾ لڪيل آهن، تنهن ڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن يا ڏينهن ۾ ڪهڙي صورتحال جنم وٺندي. آمريڪي فوجين جي حملي ۽ صدر جي گرفتاري دوران وينزويلا جي سيڪيورٽي فورسز جي خاموشي ۽ آپريشن جي ڪاميابيءَ مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته آمريڪا وينزويلا جي فوجي ۽ حڪومتي حلقن ۾ گهرو اثر رسوخ حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ان جا ايجنٽ ملڪ جي هر شعبي ۾ سرگرم آهن.
وينزويلا جي خراب حالتن، بدانتظامي، حڪومتي ناڪامي، معاشي بدحالي يا چونڊ ڌانڌليءَ باوجود، آمريڪا کي اهو حق نٿو ڏئي سگهجي ته هو ڪنهن پاڙيسري ملڪ تي حملو ڪري، ان جي اڳواڻ کي گرفتار ڪري ۽ ان کي قانون جي بالادستي يا انصاف جو نالو ڏئي. جيڪڏهن ڪا آمريڪي عدالت صدر مادورو جي گرفتاري کي جائز سمجهي سزا ڏئي ٿي، ته اهو سمجهيو ويندو ته آمريڪي عدالتون به قومي مفادن جون پابند آهن ۽ قانون ۽ انصاف کي تعصب جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ان ئي سبب چين، روس، ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن سميت دنيا جي ٻين ملڪن طرفان هن حملي جي مذمت ڪئي پئي وڃي ۽ ان کي بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي. پر دنيا ۾ في الحال اهڙي ڪا به طاقت يا گڏيل اتفاق موجود ناهي، جيڪو گڏيل عالمي قانونن کي لاڳو ڪرائڻ جي سگهه رکي.
وينزويلا خلاف آمريڪي ڪارروائي کان پوءِ دنيا هڪ اهڙي نئين دور ۾ داخل ٿيندي، جتي هر طاقتور ملڪ پنهنجن مفادن لاءِ ڪنهن به عالمي قانون کي نه مڃڻ ۽ ڪنهن به ملڪ خلاف جنگ کي پنهنجو حق سمجهندو. وچ اوڀر ۾ اسرائيل اڳ ئي هن طريقي تي عمل ڪندو رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ يورپ يا آمريڪا هاڻي روس کان اهو مطالبو به نٿا ڪري سگهن ته يوڪرين ۾ ان جي جنگ ناجائز آهي يا ڪنهن اصول جي ڀڃڪڙي آهي. اهڙن حالتن ۾ اهو خدشو هميشه موجود رهندو ته آمريڪا جو ايندڙ نشانو ڪهڙو ملڪ هوندو؟ ڇا ايران تي حملو ڪري اتي جي قيادت کي ختم ڪيو ويندو يا ڪابل ۾ طالبان اڳواڻ ٽرمپ جي نشاني تي هوندا؟هي اصول مڃرائڻ کان پوءِ آمريڪا کي اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪو ٻيو طاقتور ملڪ، جهڙوڪ چين، پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ تائيوان يا ڪنهن ٻئي علائقي تي قبضو ڪري، ۽ آمريڪا رڳو مذمت کان اڳتي نه وڌي سگهي. وينزويلا تي حملو ٻي عالمي جنگ کان پوءِ عدم مداخلت جي اصول جي سڀ کان سنگين ڀڃڪڙي آهي. جيڪڏهن دنيا هن جارحاڻي رويي کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي، ته ٽين عالمي جنگ جون ڳالهيون رڳو قياس آرائي نه رهنديون.