وينزويلا معاملي تي چين جي سواليه نشان بڻيل ”خاموشي“

تحرير: خادم ٿهيم

چين کان پوءِ آمريڪا وينزويلا جي تيل جو سڀ کان وڏو طلبگار آهي، تنهن ڪري ئي چين وينزويلا تي آمريڪي جارحيت بابت خاموشي جي پاليسي اختيار ڪري ويٺو آهي. ڇو ته آمريڪا ۽ چين ٻنهي جي پريشاني هڪ ئي آهي، ۽ اها آهي ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ توانائي جي طلب. جيڪڏهن وينزويلا تي آمريڪي جارحيت جي نتيجي ۾ تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي اچي ٿي، ته چين آمريڪي جارحيت تي پنهنجي خاموشي جي صورت ۾ اها قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته ان جي بدلي ۾ کيس سستو تيل حاصل ٿيندو ۽ اها ئي سياسي ۽ معاشي موقعي پرستي مائوازم جي اصل روح آهي۔

نفعي خاطر ڪيل جارحيت جي قيمت ادا ڪرڻ اڻٽر هوندي آهي، جيئن افغانستان ۾ آمريڪي مداخلت جي قيمت آمريڪا کي ٽوئن ٽاورز ۽ پينٽاگون تي حملن جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پئي. بلڪل اهڙيءَ طرح آمريڪا کي به وينزويلا جي تيل جي ذخيرن تي قبضي ۽ لاطيني آمريڪا ۾ سڌي جنگ (direct war) مسلط ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

جيڪڏهن اهو دليل به مڃي وٺجي ته هوگو شاويز ۽ سندس جانشين نڪولس مادورو جي غير مقبول سياسي ۽ معاشي پاليسين عوام ۽ وينزويلا جي رياست جي وچ ۾ خليج پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ وينزويلا ۾ جمھوري عمل کي به نقصان پهتو هو، ته ٻئي پاسي وڌندڙ معاشي بدحالي ۽ سماجي بيچيني نڪولس مادورو کي هڪ غير مقبول شخصيت بڻائي ڇڏيو. پر اهم سوال اهو آهي ته انهن حقيقتن جي باوجود ڇا وينزويلا جو عوام آمريڪي سامراج جي غلامي قبول ڪري وٺندو؟ تاريخ ان جو جواب نفي ۾ ڏئي ٿي. ان کان سواءِ، وينزويلا تي آمريڪي جارحيت پوري لاطيني آمريڪا، ائٽلانٽڪ ۽ ڪيريبين سمنڊ جي علائقن کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري لاطيني آمريڪا جا عوام به آمريڪي جارحيت کي قبول نه ڪندا.

آمريڪا کي وينزويلا جو تيل صرف پنهنجي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ئي نه، پر اهڙي سطح جي جارحيت جي پٺيان پينٽاگون جا ٻيا به بين الاقوامي ايجنڊا موجود آهن. مون آمريڪي چونڊن تي تبصرو ڪندي لکيو هو ته آمريڪي سي آءِ اي ٽرمپ کي چونڊون کٽرائڻ لاءِ، سندس مقابلي ۾ ڪمزور اميدوار ڪاميلا هيرس کي ميدان ۾ آندو، ڇو ته پينٽاگون کي ٽرمپ کان ڪجهه ڪم ڪرائڻا هئا، ۽ اهي ڪم هاڻي آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن.

انهن ۾ غزه جي پوري پٽي، جيڪا ريڊ سي (Red Sea) تائين وڃي ٿي، خالي ڪرائڻ ۽ ان پٽي تي آباد فلسطيني ماڻهن کي متبادل هنڌن تي وسائڻ لاءِ فنڊن جي ضرورت پوري ڪرڻ، ايران ۾ آمريڪا نواز سيٽ اپ جا خرچ، ۽ ايشيا پيسفڪ ۾ مستقل آمريڪي فوجي اڏن جا خرچ شامل آهن. پر بيشڪ، ناگزير طور تي وينزويلا جي تيل مان حاصل ٿيندڙ نفعي جي بدلي ۾ آمريڪا کي به وڏي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.

چين کان پوءِ آمريڪا وينزويلا جي تيل جو سڀ کان وڏو طلبگار آهي، تنهن ڪري ئي چين وينزويلا تي آمريڪي جارحيت بابت خاموشي جي پاليسي اختيار ڪري ويٺو آهي. ڇو ته آمريڪا ۽ چين ٻنهي جي پريشاني هڪ ئي آهي، ۽ اها آهي ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ توانائي جي طلب. جيڪڏهن وينزويلا تي آمريڪي جارحيت جي نتيجي ۾ تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي اچي ٿي، ته چين آمريڪي جارحيت تي پنهنجي خاموشي جي صورت ۾ اها قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته ان جي بدلي ۾ کيس سستو تيل حاصل ٿيندو ۽ اها ئي سياسي ۽ معاشي موقعي پرستي مائوازم جي اصل روح آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.