انور پيرزادي جي لاڏاڻي کي ڪيئي سال گذري ويا آهن پر هڪ لمحي لاءِ به دل ناهي مڃيو ته هو اسان ۽ سنڌ کان موڪلائي ڀٽائيءَ جي پار هليو ويو آهي. هڪ سدا مرڪڻو، ڏاهو، جاکوڙي، سنڌ جو عاشق، ڀٽائيءَ جو انوکو پارکو، شاعر ۽ ليکڪ انور پيرزادي کي مرحوم ڪيئن لکجي؟ محفلن جو مور، سدائين ڳولا جي پنڌَ ۾، سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن تخليقي ۽ کوجنائي ڪِرت ۾ رُڌل. فطرت، سنڌ ۽ ڀٽائيءَ سان پيار ڪندڙ انور پيرزادو کي جنهن جنهن به ڏٺو ان کان ڪيئن وسرندو. منهنجو ته ساڻس بيحد قرب ۽ ساڃاهه جو تعلق هو، جيڪو رَت جي رشتن کان هزارين ڀيرا وڌيڪ سگهارو ۽ حسين ٿيندو آهي.
انور پيرزادي سان منهنجي پهرين ملاقات 1987ع ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ عبدالرحمان نقاش سان گڏ ٿي. عبدالرحمان نقاش منهنجو بيحد پيارو دوست هو ۽ هو ڪراچي پريس ڪلب ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو، جڏهن مان اتي پهتس ته انور پيرزادو به اتي ويٺو هو. اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي سڃاتو ۽ هو مون سان بيحد قرب سان مليو. اتفاق سان ٻه ڏينهن اڳ هلال پاڪستان ۾ منهنجو لطيف سائين تي مضمون ڇپيو هو، جيڪو انور پيرزادي پڙهيو هو ۽ هن کي وڻيو هو. سو اسان جي پهرين ڪچهري لطيف سائين تي ٿي. انور هميشه لطيف سائينءَ کي ڀٽائي چوندو هو. مون انور پيرزادي کان اڳ لطيف سائين تي صرف ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ۽ پليجي صاحب کي ٻڌو هو پر مون محسوس ڪيو ته انور پيرزادي وٽ وري لطيف شناسيءَ جو هڪ ٻيو ۽ مختلف پاسو هو. پهرين ڪچهريءَ ۾ مون محسوس ڪيو ته هن کي لطيف سائينءَ جي سدا حيات ۽ حسناڪ ٻولي سان وڌيڪ موهه هو. هو لطيف سائين جي ٻوليءَ جي حسناڪين جا نقطا ڳولي ڳولي بيان ڪري رهيو هو ۽ ان تي بي ساخته داد ڏئي رهيو هو. مون کي اڄ به اها ڪچهري هوبهو ياد آهي. ان کانپوءِ اسانجون اڪثر ڪچهريون ف-م لاشاريءَ وٽ ٿيڻ لڳيون. اهو هلال پاڪستان جي عروج جو زمانو هو. سندن ان ٽهيءَ ۾ انور پيرزادو، ف–م لاشاري، عبدالرحمان نقاش، ڪليم لاشاري، بدر ابڙو، نصير اعجاز سڀ ڪمال جا ماڻهو هئا. صحافت بظاهر سندن پيشو ۽ شعبو هو پر هو بنيادي طور اديب ۽ ترقي پسند فڪر جا ليکڪ هئا. مون سندن محبت مان تمام گهڻو پرايو، منهنجي گهڻي ويجهڙائي خاص طور عبدالرحمان نقاش، ف–م لاشاريءَ ۽ انور پيرزادي سان هئي.
انور پيرزادو هڪ گهڻ رُخي شخصيت ۽ گُڻن جو مالڪ سنڌ جو هڪ دلبر ماڻهو هو. موهن جي دڙي جي سڀيتائي مِٽيءَ مان ڳوهيل هي ماڻهو سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب پڙهيو. يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، فوج ۾ نوڪري ڪيائين ۽ اوڀر بنگال خلاف آپريشن جي احتجاج طور اها ملازمت ڇڏيائين. صحافت سان وابسته ٿيو، سنڌ جي ماڳن، مڪانن، تهذيبي ورثي ۽ سنڌو درياهه تي کوجنا جي سلسلي ۾ ڪليم لاشاري ۽ بدر ابڙي سان گڏجي وڏا پنڌ ڪيائين. ڀٽائيءَ تي هميشه لکندو ۽ ڳائيندو رهيو. شاعر هو، سو شاعري سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. ترقي پسند تحريڪ جو هڪ ڪارڪن هو، بهترين ترجمي نگار هو پر اهي سڀ رڳو سندس ظاهري طور مختلف روپ هئا. انور پيرزادو بنيادي طور هڪ تخليقي ۽ جاکوڙي ماڻهو هو، جنهن جي محبت جا محور سنڌو سڀيتا ۽ ڀٽائي هئا. سنڌ جو ڪهڙو تاريخي ماڳ مڪان، تهذيبي ورثو ۽ هنڌ هوندو، جتي سنڌ جو هيءُ کاهوڙي جاکوڙي پنهنجا رنڌ نه ڇڏي آيو. سنڌ جو هيءُ عاشق شايد سنڌ جي وڃائجي ويل عروج ۽ عظمت جا نشان تاريخ ۽ تهذيب جي ميسارجي ويل ۽ وساريل ورثي مان نئين سر ڳولي نئين سنڌ ۽ دور کي اهو ٻڌائڻ چاهيندو هو ته اها اٿوَ حقيقي سنڌ. مونکي پڪ آهي ته سنڌ جي تهذيبي ورثي جي کوجنا ۽ ڀٽائي شناسي پٺيان هن جو محرڪ جذبو ۽ خيال اهو ئي هو. هو جڏهن ڪچهرين ۾ سنڌو سڀيتا ۽ ڀٽائي تي ڳالهائيندو هو ته هن جي مرڪ، اندر جو اتساهه ۽ بي ساخته خوشيءَ جو احساس هن جي چهري کي ٻهڪائي ڇڏيندو هو. ان مان ئي خبر پوندي هئي ته هن شخص جي جاکوڙ، اڻ تڻ ۽ کوجنا جي پويان ڪهڙو ازلي اتساهه هو، جيڪو هن کي هڪ طرف سُک سان ويهڻ نه ڏيندو هو ۽ ٻئي طرف هن کي ڪڏهن به نراس ٿيڻ نه ڏيندو هو. هن لاءِ ڀٽائي به سنڌو سڀيتا جي عظمت جو ئي اهڃاڻ هو، جيڪا هزارن سالن جو تسلسل هئي ۽ آهي پر جيڪا هاڻي پنهنجي غلاميءَ ۽ زواليه دور ۾ هلي رهي آهي. هو تاريخ ۽ تهذيبي ورثي ۽ ڀٽائيءَ معرفت سنڌو سڀيتا کي دريافت ڪرڻ چاهيندو هو. ظاهر آهي ته اهو هڪ مسلسل عمل آهي، سو ان ڏس ۾ جيترو هن کان پڳو، اهو هن ڪيو.
انور پيرزادي سان مون کي ڪجهه عرصو گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو به مليو. اها 1994ع ۽ 1995ع جي ڳالهه آهي. مان انور پيرزادو ۽ نصير مرزا پي ٽي ويءَ تي هڪ مشهور ادبي پروگرام ڪندا هئاسين، جنهن جو نالو “اڄ جو مهمان” هو ۽ انجو پروڊيسر مرحوم فيض ٻگهيو هوندو هو. ان پروگرام ۾ مان مستقل ميزبان هوس ۽ مون سان ڪڏهن انور پيرزادو ته ڪڏهن نصير مرزا ميزبان هوندا هئا. اسان ٽن چئن دوستن ان ۾ يادگار انٽرويو ڪيا. انهن مان هڪ انٽرويو وسارڻ جهڙو نه آهي ۽ اهو مون ۽ انور پيرزادي گڏجي سنڌي ادب جي ڏنگي ڪهاڻيڪاره خير النساءَ جعفريءَ کان ڪيو هو. مون کي ياد آهي ته عبدالڪريم بلوچ سميت سمورا پروڊيوسر اچي گيلريءَ ۾ ويٺا هئا، ڇاڪاڻ ته “خيروءَ” جون جملي بازيون بيحد تخليقي، بي باڪ ۽ چڀندڙ پڻ هيون، جن ۾ خير النساءَ پنهنجي مخصوص اسلوب ۾ گٿا لفظ به دل کولي چيا. ويندي پي ٽي ويءَ جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ کي به نه بخشيائين. 25 منٽن جي ان پروگرام لاءِ اسان کي خيروءَ کان سواءِ ٻه ڪلاڪ انٽرويو ڪرڻو پيو ته جيئن ايڊيٽنگ کانپوءِ ان مان 25 منٽ نڪري سگهن. مون کي ياد آهي ته انور پيرزادو انٽرويو کانپوءِ وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو هو ته، اهو زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو ۽ حسين انٽرويو هو.
انور پيرزادي سان منهنجي آخري ملاقات وارهه ۾ اسان جي هڪ گڏيل دوست منظور احمد مارفاڻي وٽ ٿي هئي. انور ڪراچيءَ کان ڪهي آيو هو ۽ مان قمبر کان آيو هوس. سڄي رات واهه جو ڪچهري ٿي هئي. هن جو رنگ، انداز، موضوع، مرڪ ۽ اتساهه هميشه ساڳيا. ڀلا جنهن ماڻهو جي اندر ۾ سنڌو سڀيتا جو روح ۽ ڀٽائيءَ جو فڪر هجي، اهو پاڻ ڪيڏو نه حسين ماڻهو هوندو! انور سنڌ جي باشعور زندگيءَ ۾، دوستن، ساٿين، جاکوڙين ۽ کاهوڙين ۾ سدائين مرڪندو ۽ جرڪندو رهندو! هر آدرشي ۽ تخليقي انسان کي زندگيءَ ۾ اهو ئي انعام ملندو آهي، جنهن سبب انور جي ازلي مرڪ ۽ سڳنڌي وجود امرت ماڻي ويا.
(ورسي جي مناسبت سان)