جھوڪ جو عوامي انقلاب ۽ موجوده دور ۾ ان جي افاديت

تحرير: گل محمد منگي

تاريخ جي مطابق زرعي دور ۽ جاگيرداري نظام اچڻ کانپوءِ دنيا جي اندر صرف ٽي اھڙا عظيم انسان پيدا ٿيا آھن جن پنھنجون جاگيرون غريب ۽ مسڪين ھارين ۾ ورھائي ڇڏيون. اھڙن عظيم انسانن ۾ پھريون نالو سنڌ جي سپوت شاھ عنايت شھيد جو آھي جنھن 1710ع  ۾ پھريان ٺٽي شھر ۽ پوءِ جھوڪ شريف ۾ ٻه وڏا ڪميون قائم ڪيا ۽ پنھنجون جاگيرون غريب ماڻھن ۾ ورھايون ۽ پھريون ڀيرو باقائده ھڪ اھڙو انسان دوست ۽ فطري نظام قائم ڪيو جنھن مغل سلطنت جا بنياد لوڏي ڇڏياـ شاھ شھيد کان پوءِ ٻيئي نمبر نوبل انعام يافته روسي اديب ۽ مصنف ليو ٽالسٽاءِ جو نالو تاريخ ۾ اچي ٿو جنھن پنھنجون جاگيرون غريبن ۾ ورھايون ۽ ان جي پويئلڳن ماسڪو لڳ "لايئيف اينڊ ليبر ڪميون” ٺاھيو ـ ان سلسلي جو ٽيون ماڻھو ڪوريا جو جنرل ڪم شاھن (ڪم شاشن) آھي جيڪو صوبي جو گورنر به ھو ۽ ھن غلامن جا ڪتاب ساڙايئي پنھنجي جاگير غريب ھارين ۾ ورھائي ڇڏي ھئي ـ

بحرحال پاڻ ڳالهه ٿي ڪيئي سنڌ جي عظيم سپوت شاھ عنايت الله شھيد جي جيڪو 1655ع  ۾ ٺٽي ننگر ۾ مخدوم فضل الله لانگاھ جي گھر ۾ پيدا ٿيو ۽ پوءِ علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ پھريان ملتان ويو جتان شاھ شمس کان شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ھندستان روانو ٿيو جتي ھو حيدرآباد دکن ويجھو برھانپور ۾ وقت جي ھڪ وڏي عالم سيد عبدالملڪ جي مڪتب ۾ داخل ٿيو جيڪو مغلن جي حڪومت ۾ مشير به ھوـ اھڙي طرح شاھ عنايت الله کي حڪومتي معاملن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليوـ اھو اورنگزيب عالمگير جو دور ھو جيڪو مذھبي ڪٽرپڻي ۾ مشھور ھو ۽ ھن حيدرآباد دکن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ايڪويھه ورھيه جنگ جوٽي ۽ مسڪينن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا ۽ وڏي رتوڇاڻ ڪئي ـ حساس دل شاھ عنايت الله اھڙن ظلم جي ستايل ماڻھن جي واتان حڪومتي ڏاڍاين جا قصا پاڻ به ٻڌا. ظاھر آھي ته انھن ظلمن ۽ قھري ڪاررواين جو مٿس تمام گھڻو اثر به ٿيو ۽ سندس دل ۾ حڪومت کان نفرت پيدا ٿي جيڪو ھڪ فطري عمل ھوـ شاھ عنايت الله ڪيترايئي سال سيد عبدالملڪ جي مڪتب ۾ پڙھيو ۽ ڪشالا ڪاٽيا جنھن جي نتيجي ۾ سندس استاد ھن تي مھربان ٿي پيو ۽ کيس سڀني رمزن سان سرشار ڪيوـ ھاڻي شاھ عنايت الله علمي لحاظ کان ڀڙ ٿي چڪو ھوـ ھن سيد عبدالملڪ جي مڪتب مان ھندستاني فلسفين سان گڏوگڏ چين جي فلسفين "لايئوزي” ۽ "ڪنفيوشس”، يوناني فلسفين "سقراط، افلاطون ۽ ارسطو سميت ايراني فلسفين "ماني ۽ مزدڪ” جي تعليمات کان به آگاھي حاصل ڪيئي ۽ مٿس مزدڪ جي برابري واري فڪر جو تمام گھڻو اثر ٿيوـ

پنھنجي تعليم مڪمل ڪري شاھ عنايت جڏھن واپس سنڌ آيو ته سڀ کان پھريان ٺٽي شھر ۾ ھڪ ڪميون قائم ڪيو پر حڪمرانن جي مخالفت ۽ ملن جي فتوايئن کان تنگ اچي پنھنجي ڳوٺ جھوڪ ميران پور ھليو آيو ۽ اتي ان کان به وڏو اجتماعي ڪميون قائم ڪيو ۽ گڏيل کيتي ٻاڙي شروع ڪيائين ۽ وڏي عمر ھجڻ جي باوجود پاڻ به محنت ڪندو ھوـ ھتي به وڏيرن جي مخالفت ۽ حڪمران ۽ ملن جي مداخلت جاري رھي ۽ نيٺ جھوڪ تي حملو ڪري 35 ڪامريڊن کي شھيد ڪري ڇڏيوـ قاتلن جون زمينون ضبط ڪري مقتولن جي وارثن کي ڏنيون ويون ـ شاھ عنايت ۽ ان جي ساٿين انھن خون بھا ۾ مليل زمينن تي به ڪميون قائم ڪيو ۽ اتي ڪم ڪندڙ ھارين کي بيدخل نه ڪيو بلڪه انھن کي به پاڻ سان گڏ رکيوـ ان صورتحال وڏيرن کي ويتر چريو ڪري وڌو ۽ انھن ٺٽي جي نيئين گورنر اعظم خان سان ملي ڪميون ۾ ڪم ڪندڙ ھارين تي ڳرا ٽيڪس مڙھيا ۽ انڪار تي دھلي جي بادشاهه فرخ سير کي ڀڙڪايو ته شاھ عنايت دھلي جي بادشاھ کان بغاوت ڪري ڇڏي آھي ـ ٺٽي جي گورنر اھڙي طرح بادشاھ فرخ سير کان اجازت ورتي ته شاھ عنايت جي تحريڪ کي ڪچليو وڃي جنھن کانپوءِ جھوڪ تي ڪاھ ڪئي ويئي جنھن ۾ سبي ۽ ڍاڍر جو صوبيدار يار محمد ڪلھوڙو، بکر جو نواب محمود خان ۽ آسپاس جي وڏيرن سميت بادشاھي لشڪر جھوڪ ميران پور تي حملو ڪري ڏنوـ مسلسل چار مھينا جنگ ھلندي رھي پر ان جو ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ ويتر دشمن کي اچي پريشاني ورايو ته گھيراءُ جي باوجود ڪميون جي رھواسين وٽ کاڌ خوراڪ جي ڪا ڪمي پيدا نه ٿي آھي ۽ ڪو ھڪ به ماڻھون شاھ عنايت خلاف ٻاھر نه نڪتو آھي ۽ نه وري ڪا بغاوت ٿي آھي ـ ويتر اھا جنگ پوري ھندستان تي اثرانداز ٿي رھي ھيئي ـ جھڙي طرح ھر انقلاب ۾ عورت جو ڪردار ھوندو آھي، جھوڪ جي جنگ ۾ به صغري پنھور ۽ سائره بي بي جھڙا لازوال ڪردار ملن ٿا جن تي تحقيق ڪرڻ وقت جي وڏي ضرورت آھي ـ

ان صورتحال کانپوءِ دشمن ھڪ سازش تيار ڪئي ۽ ڳالهين ذريعي مسيئلو حل ڪرڻ جو ڍونگ رچايوـ ڳالهين جي نالي ۾ قرآن پاڪ مٿن تي کڻي جھوڪ پھتا ۽ ابتدائي ڳالههين کانپوءِ شاھ عنايت کي اھو چئي پاڻ سان وٺي ويا ته باقي صلح جون ڳالههيون ۽ ٺاھ تي صحيحيون گورنر اعظم خان وٽ ڪنداسين ـ پوءِ دوکي سان شاھ شھيد کي سندس ڀاءُ شاھ رحمت الله ۽ ڀائٽي ۽ ناٺي محمد يوسف سميت سموري مذاڪراتي وفد سميت شھيد ڪري ڇڏيوـ ان کانپوءِ دشمن جھوڪ تي يلغار ڪري ڏني ۽ شھر کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيوـ

 ھن جنگ ۾ شاھ عنايت سميت 25 ھزار ڪامريڊ شھيد ٿياـ امر جليل "سنڌ نامون” ۾ لکي ٿو ته جھوڪ جي جنگ سنڌ جي عوام جي سڀ کان وڏي جنگ آھي ـ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ڊاڪٽر مبارڪ علي، ڊاڪٽر شاھ محمد مري ۽ ڊاڪٽر رياض شيخ جھڙا عالم ۽ اڪابر لکن ٿا ته شاھ عنايت جو فلسفو موجوده دور ۾ به قابل عمل آھي ـ جڏھن ته جي ايم سيد پڻ لکيو آھي ته "شاھ عنايت جيڪي ڪجهه چيو ان کان وڌيڪ ھن سائنس ۽ علم جي دور ۾ به چئي نه ٿو سگھجي”ـ اھڙي صورت ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اچو ته گڏجي شاھ عنايت جي فڪر ۽ فلسفي کي اپنايون ۽ انسانن جا اھنج ۽ تڪليفون گھٽايون ـ عمل جو رستو اسان وٽ موجود آھي ۽ شاھ عنايت کي جيڪا پذيرائي اڄ به عوام ۾ حاصل آھي ته کاٻي ڌر ان فڪر تي ھلي عوام کي ان منزل تي پھچائي سگھي ٿي جنھن جي تمنا ھر بني بشر ڪري ٿوـ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.